Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 5 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن اهو سمورو ڪم پورو ٿيو جيڪو هيڪل لاءِ ڪرايو ويو هو، تڏهن سليمان بادشاهہ اهي سڀ شيون کڻائي اچي هيڪل اندر رکايون جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. هن اهي سڀ شيون هيڪل جي خزاني ۾ رکايون.


عهد واري صندوق جو هيڪل ۾ آڻڻ
( 1.بادشاهَہ 8‏:1‏-11 )

2 تنهن کان پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي گھرائي يروشلم ۾ پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر صيئون مان کڻي هيڪل ۾ آڻجي.

3 سو اهي سڀيئي ماڻهو ستين مهيني ۾ تنبن واري عيد جي موقعي تي بادشاهہ وٽ اچي گڏ ٿيا.

4 جڏهن بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ پهچي ويا، تڏهن لاوين اها صندوق کنئي.

5 ڪاهن ۽ لاوي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو سامان هيڪل ۾ کڻي آيا.

6 بادشاهہ سليمان ۽ وٽس گڏ ٿيل سڀني ماڻهن عهد واري صندوق جي اڳيان بيهي بي‌شمار رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا قربان ڪيا.

7 پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق هيڪل جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق جي مجسمن هيٺان مقرر ڪيل جاءِ تي آڻي رکي.

8 پردار آسماني مخلوق جا پر عهد واري صندوق ۽ ان جي ٻانهين جي مٿان پکڙيل هئا.

9 اهي ٻانهيون ايتريون تہ ڊگھيون هيون جو انهن جا ڇيڙا مقدس ترين جاءِ جي اڳيان مقدس جاءِ وٽان ڏسڻ ۾ ٿي آيا، پر مقدس جاءِ جي ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا. اڄ ڏينهن تائين اهي اتي ئي آهن.

10 انهيءَ صندوق ۾ انهن ٻن تختين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪين هو جيڪي موسيٰ ان وقت منجھس رکيون هيون، جڏهن بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت سينا جبل وٽ خداوند ساڻن عهد ٻڌو هو.

11-13 اتي جيڪي بہ ڪاهن هئا تن صندوق کڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل واري جي لحاظ کان سواءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو هو. هيڪل جي سمورن لاوي ڳائڻن، يعني آسف، هيمان، يدوتون ۽ سندن پٽن ۽ مائٽن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پهريل هئا. اهي قربان‌گاهہ جي اوڀر پاسي بيٺا هئا ۽ ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائي رهيا هئا. انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن شرنايون پئي وڄايون. شرناين، ٽلين ۽ ٻين سازن وڄائڻ وارن سان گڏجي سڀيئي ڳائڻ وارا بلند آواز سان خداوند جي تعريف ۾ چئي رهيا هئا تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ جڏهن ڪاهن مقدس جاءِ مان نڪري آيا، تڏهن خداوند جو گھر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.

14 ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي ڪري عبادت نہ ڪري سگھيا، ڇاڪاڻ تہ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي هئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan