Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 4 - Muslim Sindhi Bible


هيڪل جو سامان
( 1.بادشاهَہ 7‏:23‏-51 )

1 بادشاهہ سليمان پتل جي هڪ قربان‌گاهہ ٺهرائي جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني نوَ ميٽر هئي، جڏهن تہ ان جي اوچائي ساڍا چار ميٽر هئي.

2 هن پتل جو پلٽيل هڪ وڏو گول حوض پڻ ٺهرايو، جنهن جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي، ان جو گھيرو ساڍا تيرهن ميٽر هو ۽ اهو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ساڍا چار ميٽر هو.

3 حوض جي ٻاهرين پاسي ڪناري جي هيٺان چوڌاري سوا ٻن ميٽرن تائين ڏاندن جا مجسما ٺهيل هئا. اهي مجسما ٻن قطارن ۾ هئا جيڪي حوض ٺاهڻ وقت ئي ان تي پلٽي ٺاهيا ويا هئا.

4 اهو حوض پتل جي ٻارهن ڏاندن جي پٺين تي رکيو ويو. انهن مان ٽن ڏاندن جو منهن اتر طرف، ٽن جو اولهہ طرف، ٽن جو ڏکڻ طرف ۽ ٽن جو اوڀر طرف هو. انهن ڏاندن جا پٺيان پاسا اندر حوض طرف هئا.

5 اهو حوض چار آڱر ٿلهو هو ۽ سندس ڪنارو پيالي جي ڪناري وانگر هو جيڪو ٻاهر طرف سوسن گل وانگر وريل هو. انهيءَ حوض ۾ ڇاهٺ هزار ليٽر ماپي ٿي سگھيا.

6 هن ڏهہ ننڍا حوض بہ ٺهرايا، جن مان پنج هيڪل جي ساڄي پاسي رکيائين ۽ پنج کاٻي پاسي. انهن ۾ جانورن جا ساڙڻ وارين قربانين جا حصا ڌوتا ويندا هئا. پر اهو وڏو حوض ڪاهنن جي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هو.

7 هن مقرر ڪيل قاعدن موجب ڏهہ سون جا شمعدان ٺهرايا ۽ اهي آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي.

8 هن ڏهہ ميزون ٺهرايون ۽ اهي بہ آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي. هن هڪ سؤ سونا ٿالهہ پڻ ٺهرايا.

9 هن هيڪل ۾ ٻہ اڱڻ ٺهرايا، هڪڙو ٻاهريون اڱڻ ۽ ٻيو اندريون اڱڻ، جيڪو رڳو ڪاهنن لاءِ هو. انهن ٻنهي اڱڻن جي وچ ۾ دروازا ٺهرايائين جن جي طاقن مٿان پتل چاڙهايائين.

10 هن وڏو حوض هيڪل ۾ ڏاکڻي پاسي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ ۾ رکرايو.

11 هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،

12 يعني ٻہ ٿنڀا، ٿنڀن جي چوٽين مٿان ٻہ پيالي نما ڇٽ، ٿنڀن جي چوٽين تي رکيل ڇٽن کي ڍڪڻ لاءِ ٻہ ڄاريون،

13 انهن ٻنهي ڄارين لاءِ چار سؤ پتل جي ڏاڙهن جون ٻہ ٻہ قطارون،

14 ڏهہ ننڍا حوض ۽ انهن لاءِ ڏهہ ريڙهيون،

15 هڪ وڏو حوض ۽ ان جي هيٺان ٻارهن ڏاند،

16 تغاريون، ڪوڏريون، گوشت لاءِ ڪنڍا ۽ ٻيو سڀ گھربل سامان. جيڪي شيون ماهر ڪاريگر حورام هيڪل لاءِ بادشاهہ سليمان جي حڪم موجب ٺاهيون سي سڀ چمڪندڙ پتل جون هيون.

17 بادشاهہ اهي سڀ شيون اردن ماٿريءَ منجھہ سڪات ۽ صريدا ڳوٺن جي وچ واري علائقي ۾ چيڪي مٽيءَ واري پڪل ڪالب ۾ پلٽرايون.

18 انهن پتل جي ٺهيل شين جي تور نہ ڪرائي ويئي، ڇاڪاڻ تہ اهي تمام گھڻيون هيون.

19 بادشاهہ سليمان هيڪل لاءِ سون مان هي سامان پڻ ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميزون،

20 شمعدان جن ۾ ڏيئا قاعدي موجب مقدس ترين جاءِ جي اڳيان ٻارڻا هئا،

21 گل، ڏيئا ۽ ٽانڊن لاءِ چمٽا،

22 ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، ٿالهہ، لوباندان ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا. اهو سڀ سامان نج سون مان ٺهرايو ويو. هيڪل جا دروازا يعني مقدس ترين جاءِ جا دروازا ۽ وڏي هال جا دروازا، پڻ سون مان ٺهرايا ويا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan