2.تواريخ 35 - Muslim Sindhi Bibleيوسياہ جو عيد فصح ملهائڻ ( 2.بادشاهَہ 23:21-23 ) 1 بادشاهہ يوسياہ يروشلم ۾ خداوند جي لاءِ عيد فصح ملهائي. هنن پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي عيد فصح جون قربانيون پيش ڪيون. 2 بادشاهہ ڪاهنن کي پنهنجي پنهنجي ڪم تي مقرر ڪيو ۽ خداوند جي گھر جي خدمت لاءِ انهن کي همتايائين. 3 اهي لاوي جن پنهنجي سڀني همقوم ماڻهن کي تعليم ٿي ڏني ۽ جيڪي خداوند لاءِ وقف ڪيا ويا هئا تن کي هن چيو تہ ”عهد واري پاڪ صندوق کڻي وڃي خداوند جي انهيءَ گھر ۾ رکو جيڪو بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود تعمير ڪرايو هو. اڳتي وري اوهان کي اها صندوق پنهنجن ڪلهن تي کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڪونہ ڦرڻو پوندو. هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ انهيءَ جي قوم بني اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو. 4 بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي لکيل هدايتن موجب پنهنجن گھراڻن مطابق هيڪل ۾ خدمت لاءِ پاڻ کي تيار رکو. 5 هيڪل ۾ پنهنجي قوم جي گھراڻن جي خدمت لاءِ پاڻ کي مختلف ٽولن ۾ ورهايو، 6 انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيد فصح جون قربانيون ذبح ڪندا. سو اڳ ۾ پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ پنهنجي قوم وارن لاءِ جانور تيار ڪريو، تہ جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت جيڪو فرمايو آهي تنهن موجب عمل ڪريو.“ 7 يوسياہ اتي موجود ماڻهن لاءِ عيد فصح جي قربانيءَ واسطي ٽيهہ هزار گھيٽا ۽ ڇيلا ڏنا ۽ ٻين قربانين لاءِ ٽي هزار ڏاند پنهنجي مال مان بہ ڏنائين. 8 سندس عملدارن پڻ پنهنجي خوشيءَ سان ماڻهن، ڪاهنن ۽ لاوين کي بہ ڪي ڪجھہ ڏنو. زڪرياہ، يحيئيل ۽ سردار ڪاهن خلقياہ جيڪي خدا جي گھر جا منتظم هئا، تن پڻ ڪاهنن کي عيد فصح جي قربانين لاءِ ٻہ هزار ڇهہ سؤ گھيٽا ۽ ڇيلا ڏنا ۽ ٻين قربانين لاءِ ٽي سؤ ڏاند بہ ڏنائون. 9 ڪنعنياہ ۽ سندس ڀائرن سمعياہ ۽ نتنعيل، انهن کان علاوہ حسبياہ، يعيايل ۽ يوزبد جيڪي لاوين جا اڳواڻ هئا تن پڻ لاوين کي عيد فصح جي قربانين لاءِ پنج هزار گھيٽا ۽ ڇيلا ڏنا ۽ ٻين قربانين لاءِ پنج سؤ ڏاند بہ ڏنائون. 10 اهڙيءَ طرح عبادت جي سامان جي تياري ٿي چڪي ۽ ڪاهن ۽ لاوي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خدمت لاءِ تيار ٿي بيٺا، جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هو. 11 پوءِ عيد فصح جا گھيٽا ۽ ڇيلا ذبح ڪيا ويا ۽ ڪاهنن انهن جو رت وٺي ڇٽڪاريو. جڏهن تہ لاوين انهن گھيٽن ۽ ڇيلن جون کلون لاٿيون. 12 هنن قربانين مان اهي حصا الڳ ڪيا جيڪي ساڙڻ وارا هئا تہ جيئن اهي سڀني ڪٽنبن ۾ ورهائي ڏين تہ اهي خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. هنن ڏاندن جا حصا بہ اهڙي ئي نموني ورهايا. 13 دستور موجب هنن عيد فصح جا جانور باهہ تي پچايا، پر هنن ڏاندن جون مخصوص قربانيون ديڳڙن، ديڳين ۽ ڪڙاهين ۾ پچايون ۽ پوءِ هڪدم اهي ماڻهن کي ورهائي ڏنائون. 14 تنهن کان پوءِ هنن پنهنجي لاءِ ۽ ڪاهنن جي لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ڪاهن جيڪي هارون جو اولاد هئا سي رات تائين چرٻي ۽ قربانين جا ٻيا ساڙڻ وارا حصا پيش ڪرڻ ۾ مصروف هئا. 15 ڳائڻا جيڪي آسف جو اولاد هئا سي انهن هنڌن تي بيهي رهيا جيڪي هنڌ بادشاهہ دائود جي هدايت سان آسف، هيمان ۽ بادشاهہ جي غيبدان يدوتون مقرر ڪيا هئا. دربانن کي پنهنجو پنهنجو در ڇڏڻ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ هنن جي همقوم لاوين انهن لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري پئي ڪئي. 16 اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوسياہ جي حڪم موجب خداوند جي عبادت لاءِ انهيءَ مقرر ڏينهن تي هر ڪم پورو ٿيو. سو عيد فصح ملهائي ويئي ۽ خداوند جي قربانگاهہ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون ويون. 17 جيڪي بني اسرائيل اتي حاضر هئا تن انهيءَ ڏينهن عيد فصح ۽ ستن ڏينهن تائين بيخميري مانيءَ جي عيد ملهائي. 18 انهيءَ جهڙي عيد فصح سموئيل نبيءَ جي ڏينهن کان وٺي ڪنهن بہ بادشاهہ ڪڏهن نہ ملهائي هئي، جهڙي بادشاهہ يوسياہ، ڪاهنن، لاوين ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت پوري يهوداہ ۽ اسرائيل وارن ملهائي. 19 اها عيد فصح بادشاهہ يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال ملهائي ويئي. يوسياہ جي حڪومت جي پڄاڻي ( 2.بادشاهَہ 23:28-30 ) 20 انهن ڏينهن ۾ جڏهن يوسياہ خداوند جي گھر لاءِ اِهي سمورا ڪم ڪري چڪو، تڏهن مصر جو بادشاهہ نڪوہ يهوداہ ملڪ جي علائقي مان گذرندي پنهنجو لشڪر وٺي ڪرڪميس شهر ڏانهن فرات نديءَ جي ويجھو جنگ ڪرڻ لاءِ پئي ويو. يوسياہ هن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، 21 پر نڪوہ ايلچي موڪلي کيس چوائي موڪليو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪهڙو جھڳڙو آهي؟ هن وقت آءٌ تو تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪونہ آيو آهيان، پر جنهن بادشاهہ سان منهنجي جنگ آهي تنهن سان وڙهڻ ٿو وڃان. خدا مون کي جلدي پهچڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي، سو خدا جي ڪم ۾ رنڊڪ نہ وجھہ. هو مون سان گڏ آهي متان هو تو کي ناس ڪري ڇڏي.“ 22 انهيءَ هوندي بہ يوسياہ ڪين مڙيو پر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ پنهنجو ويس مَٽايائين. هن انهيءَ پيغام ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪو نڪوہ خدا جي حڪم سان هن ڏانهن چوائي موڪليو هو، بلڪ هو مجدو ميدان وٽ ساڻس وڙهڻ لاءِ نڪري آيو. 23 جنگ دوران تيراندازن يوسياہ بادشاهہ کي تير هنيا. تڏهن بادشاهہ پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”مون کي جنگ مان ٻاهر ڪڍي هلو، ڇو تہ آءٌ ڏاڍو زخمي ٿي پيو آهيان.“ 24 تڏهن انهن کيس سندس گاڏيءَ مان لاهي سندس ئي ٻي گاڏيءَ ۾ وجھي کيس يروشلم وٺي آيا، جتي هو مري ويو. هن کي سندس ابن ڏاڏن جي مقبرن ۾ دفن ڪيو ويو ۽ يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ يوسياہ لاءِ سوڳ ڪيو. 25 يرمياہ يوسياہ لاءِ هڪڙو مرثيو ٺاهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين سڀ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون انهيءَ مرثئي سان کيس ياد ڪندا آهن ۽ اها بني اسرائيل ۾ هڪ روايت پئجي ويئي. اهو مرثيو ٻين مرثين سان گڏ لکت ۾ موجود آهي. 26 يوسياہ جو باقي احوال ۽ سندس چڱا ڪم جيڪي هن خداوند جي شريعت موجب ڪيا، 27 سي شروع کان وٺي آخر تائين ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society