Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 32 - Muslim Sindhi Bible


اشور جي شهنشاهہ جي يروشلم کي ڌمڪي
( 2.بادشاهَہ 18‏:13‏-37 ، 19‏:14‏-19 ‏، 35‏-37 ، يسعياہ 36‏:1‏-22 ، 37‏:8‏-38 )

1 جيڪي ڪجھہ حزقياہ بادشاهہ ايمانداريءَ سان ڪري چڪو هو، تنهن کان پوءِ اشور جو شهنشاهہ سنحيرب يهوداہ ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو. هن ڪوٽن وارن شهرن کي گھيري هيٺ آندو تہ جيئن مٿن قبضو ڪري.

2 جڏهن حزقياہ ڏٺو تہ سنحيرب ڪاهہ ڪري آيو آهي ۽ يروشلم خلاف جنگ ڪرڻ جو ارادو اٿس،

3-4 تڏهن هن پنهنجي عملدارن ۽ فوجي سالارن سان اها صلاح ڪئي تہ جيڪي چشما شهر کان ٻاهر آهن، تن جو پاڻي بند ڪري ڇڏجي تہ جيئن اشور وارن کي هتي پاڻي نہ ملي. سڀيئي سندس انهيءَ ڳالهہ تي متفق ٿيا. تڏهن وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، جن شهر جي پسگردائيءَ مان گذرندڙ نهر ۽ سڀني چشمن کي بند ڪري ڇڏيو.

5 پوءِ حزقياہ همت ڪري شهر جي چوڌاري واري ڀت جي انهن حصن جي مرمت ڪرائي جيڪي ڀڄي ڀري ويا هئا ۽ مٿس ٺُلهہ تعمير ڪرايائين. هن انهيءَ ڀت جي ٻاهران هڪ ٻي ڀت ٺهرائي ۽ دائود جي شهر واري هيٺاهين دڙي کي بہ مضبوط ڪرايائين. هن وڏي تعداد ۾ هر قسم جا هٿيار ۽ ڍالون بہ ٺهرايون.

6 هن شهر جي سڀني ماڻهن مٿان فوجي سالار مقرر ڪيا ۽ کين شهر جي دروازي واري وڏي چونڪ وٽ گڏ ڪيائين ۽ کين هنن لفظن سان همتايائين تہ

7 ”اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، اشور جي شهنشاهہ کان يا سندس هيڏي ساري لشڪر کان نہ ڊڄو ۽ نہ گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي هنن سان آهن تن کان وڌيڪ طاقتور اسان سان گڏ آهي.

8 هنن سان رڳو انساني بازو آهن پر جنگ وڙهڻ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ خداوند اسان جو خدا اسان سان گڏ آهي.“ بادشاهہ جي انهن لفظن ماڻهن جي ڏاڍي همت‌افزائي ڪئي.

9 تنهن کان پوءِ شهنشاهہ سنحيرب جيڪو پنهنجي سڄي لشڪر سميت لڪيس شهر کي گھيرو ڪيو ويٺو هو تنهن پنهنجي عملدارن جي هٿان يروشلم ۾ بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن ڏانهن چورائي موڪليو تہ

10 ”آءٌ اشور جو شهنشاهہ سنحيرب اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان جو ڇا تي ڀروسو آهي جو يروشلم جي گھيري وقت اندر رهيا پيا آهيو؟

11 حزقياہ اوهان کي چوي ٿو تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي مون اشور جي شهنشاهہ کان بچائيندو. پر هو ائين چئي اوهان سان ٺڳي ٿو ڪري ۽ اوهان کي بک ۽ اڃ ۾ مرڻ لاءِ ٿو ڇڏي.

12 اهو ساڳيو حزقياہ ئي نہ آهي ڇا جنهن خداوند جون ڪيتريون ئي قربان‌گاهون ۽ عبادت‌گاهون ڊهرائي ڇڏيون ۽ پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي چيو هئائين تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪريو.‘

13 اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن ٻين ملڪن جي ماڻهن سان ڇا ڇا ڪيو آهي؟ انهن ملڪن جي ماڻهن جا معبود ڪو انهن جي ملڪن کي اسان جي هٿن مان ڪنهن بہ طرح ڇڏائي سگھيا ڇا؟

14 جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو تن جي سڀني معبودن مان ڪير هو جيڪو پنهنجي قوم کي اسان جي هٿان ڇڏائي سگھيو، جو اوهان جو خدا اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگھندو؟

15 تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي جو حزقياہ اوهان سان ٺڳي ڪري ۽ اوهان کي گمراهہ ڪري. هن جي ڳالهين تي اوهين اعتبار نہ ڪريو. ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي طاقت ناهي. تہ پوءِ پڪ ڄاڻو تہ اوهان جو خدا بہ اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.“

16 سنحيرب جي عملدارن خداوند خدا ۽ سندس ٻانهي حزقياہ جي خلاف اڃا بہ وڌيڪ ڪجھہ ڳالهايو.

17 سنحيرب شهنشاهہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي گستاخي ڪندي ۽ سندس بابت ڪفر بڪندي خط موڪليا جن ۾ لکيل هو تہ ”جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جا معبود پنهنجي قوم کي منهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجي هٿن مان ڇڏائي نہ سگھندو.“

18 پوءِ انهن قاصدن ڀت تي ويٺل ماڻهن کي وڏي واڪي يهوداہ وارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو تہ جيئن هو ڊڄي وڃن ۽ کين پريشان ڪري سندن شهر تي قبضو ڪيو وڃي.

19 هنن يروشلم وارن جي خدا جي خلاف بہ ائين ئي بڪيو جيئن دنيا جي ٻين قومن جي معبودن خلاف بڪيا هئا، جيڪي انسان جي هٿن جا ٺهيل هئا.

20 تڏهن حزقياہ بادشاهہ ۽ آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ خدا کان دعا گھريندي مدد لاءِ پڪاريو.

21 تڏهن خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو جنهن اشور جي شهنشاهہ جي لشڪرگاهہ ۾ ڪيترن ئي جنگي جوڌن، سالارن ۽ عملدارن کي ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اشور جو شهنشاهہ ڦڪو منهن کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي هليو ويو. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو پنهنجي معبود جي پوڄا گھر ۾ ويٺو هو تہ سندس ئي پٽن کيس تلوار سان ماري ڇڏيو.

22 اهڙيءَ طرح خداوند حزقياہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي اشور جي شهنشاهہ سنحيرب ۽ ٻين سڀني جي هٿن مان ڇڏائي ورتو. خدا انهن کي هر طرف کان امن ۽ سلامتي ڏني.

23 تنهن بعد ڪيترن ئي ماڻهن يروشلم ۾ خداوند لاءِ نذرانا آندا ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ لاءِ پڻ قيمتي تحفا آندائون. تڏهن کان وٺي هن جي هاڪ سڀني قومن ۾ پئجي ويئي.


حزقياہ جي بيماري ۽ مغروري
( 2.بادشاهَہ 20‏:1‏-3 ‏، 12‏-19 ، يسعياہ 38‏:1‏-3 ، 39‏:1‏-8 )

24 انهن ڏينهن ۾ حزقياہ بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. تڏهن هن خداوند کان دعا گھري، جنهن سندس دعا ٻڌندي کيس نشاني ڏني ۽ هو صحتمند ٿي ويو.

25 پر حزقياہ ڏاڍو مغرور ٿي پيو ۽ خداوند جي ڪيل احسانن جي شڪرگذاري نہ ڪيائين، جنهن ڪري مٿانئس ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.

26 پوءِ حزقياہ ۽ يروشلم جا رهاڪو توبهہ‌تائب ٿيا، جنهنڪري خداوند حزقياہ جي ڏينهن ۾ انهن تان سزا ٽاري ڇڏي.


حزقياہ جي دولت ۽ عزت

27 حزقياہ کي تمام گھڻي دولت ۽ عزت حاصل هئي. هن چاندي، سون، قيمتي پٿرن، خوشبودار مصالحن، ڍالن ۽ هر قسم جي عمدن سامانن لاءِ گودام تعمير ڪرايا.

28 هن پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا گودام، چوپائي مال لاءِ وٿاڻ ۽ رڍن ٻڪرين لاءِ واڙا پڻ تعمير ڪرايا.

29 تنهن کان سواءِ هن پنهنجي لاءِ شهر تعمير ڪرايا ۽ هن وٽ وڏي تعداد ۾ رڍون ٻڪريون ۽ چوپايو مال هو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس تمام گھڻي دولت ڏني هئي.

30 اهو حزقياہ ئي هو جنهن جيحون جي وهندڙ چشمي جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ وهڪري کي سڌو هيٺ لاهي دائود جي شهر جي اولهہ طرف آندائين. حزقياہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ ڪامياب رهيو.

31 جڏهن بابل جي حڪمرانن ڏانهس پنهنجا ايلچي موڪليا تہ کانئس ان معجزي واري نشانيءَ بابت پڇي اچن جيڪا سندس ملڪ ۾ ظاهر ٿي هئي، تڏهن خدا هن کي سندس مرضيءَ تي ڇڏيو تہ جيئن کيس آزمائي ۽ ڏسي تہ سندس دل ۾ ڇا آهي.


حزقياہ جي وفات
( 2.بادشاهَہ 20‏:20‏-21 )

32 حزقياہ جي بادشاهيءَ جو ٻيو احوال ۽ سندس چڱا ڪم ”يسعياہ ولد آموص نبيءَ جي ڏٺل رويائن جو ڪتاب“ ۽ ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

33 حزقياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس ان ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو جتي دائود جي اولاد جا مقبرا آهن. يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کيس سندس مرڻ مهل تعظيم ڏني. سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan