Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 30 - Muslim Sindhi Bible


عيد فصح جي تياري

1-4 هر نئين سال جي پهرئين مهيني ۾ عيد فصح ملهائڻي هوندي هئي. پر هن سال اها مقرر وقت تي نہ ملهائي ويئي هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم لاءِ گھربل تعداد جيترن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو ۽ نہ وري ماڻهو ئي يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا. سو بادشاهہ پنهنجي سڀني عملدارن ۽ ماڻهن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو تہ سال جي ٻئي مهيني ۾ عيد فصح ملهائي وڃي. اهو فيصلو بادشاهہ ۽ سڄيءَ عوام کي چڱو لڳو. سو حزقياہ بادشاهہ سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن چورائي موڪليو ۽ خاص طور افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن ڏانهن بہ خط لکي موڪليائين تہ سال جي ٻئي مهيني ۾ سڀيئي ماڻهو اچي خداوند جي گھر وٽ عيد فصح ملهائين.

5 يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ طرف بيرسبع شهر کان وٺي اسرائيل جي اتر طرف دان شهر تائين سڄي بني اسرائيل ۾ پڙهو گھمرايو ويو تہ سڀيئي ماڻهو خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ عيد فصح ملهائڻ خاطر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين. انهيءَ سبب جو گھڻي عرصي کان ڪيترن ئي ماڻهن شريعت موجب عيد فصح ڪونہ ملهائي هئي.

6 بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند، اسان جي وڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.

7 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ انهن قوم وارن وانگر نہ ٿيو، جن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي نافرماني ڪئي، جنهن ڪري هن کين عبرت جوڳو بڻائي ڇڏيو جيڪا ڳالهہ اوهين اڳي ئي ڄاڻو ٿا.

8 هاڻي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پنهنجن ڳاٽن کي اوچو نہ ڪريو، بلڪ خداوند جي آڏو جھڪو. اوهين انهيءَ مقدس هيڪل وٽ اچو جيڪا هن هميشہ پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي. خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ جيئن هن جي سخت ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.

9 جيڪڏهن اوهين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا، تہ هو انهن جي دل ۾ رحم وجھندو جيڪي اوهان جي مائٽن ۽ اوهان جي اولاد کي قيد ڪري وٺي ويا آهن ۽ اهي جلاوطن ٿيل وري هن ملڪ ڏانهن موٽي ايندا. خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي. جيڪڏهن اوهين هن آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا تہ هو بہ اوهان کان منهن نہ موڙيندو.“

10 قاصد افرائيم ۽ منسيءَ جي سڄي علائقي ۾ شهر بہ شهر ٿيندا اتر واري زبولون جي علائقي تائين وڃي پهتا، پر ماڻهو مٿن کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.

11 تنهن هوندي بہ آشر، منسي ۽ زبولون قبيلي وارن مان ڪن ماڻهن حزقياہ جي پيغام تي ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ يروشلم ۾ اچڻ جو يقين ڏياريو.

12 هوڏانهن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دلين ۾ خداوند اهو خيال وڌو تہ اهي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي حڪم موجب سندس فرمان جي تعميل ڪن.


عيد فصح ملهائڻ

13 سو ماڻهن جو هڪ تمام وڏو تعداد ٻئي مهيني ۾ بي‌خميري مانيءَ واري عيد ملهائڻ لاءِ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيو.

14 يروشلم ۾ غير معبودن جون جيڪي لوبان يا قربانيون ساڙڻ واريون قربان‌گاهون هيون سي سڀ هنن ڊاهي قدرون جي برساتي نهر ۾ کڻي اڇلائي ڇڏيون.

15 هنن ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تي عيد فصح جا گھيٽا ذبح ڪيا. ڪاهن ۽ لاوي جيڪي اڃا پاڪ نہ ٿيا هئا تن پشيمان ٿي پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پوءِ ماڻهن طرفان خداوند جي هيڪل آڏو ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لاءِ

16 هر هڪ ڪاهن ۽ لاوي خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجن پنهنجن مقرر ڪيل ڪمن کي لڳي ويو. ڪاهنن لاوين جي هٿان قربانين جو رت وٺي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو.

17 جيئن تہ ميڙ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تنهنڪري لاوين انهن جي پاران خداوند لاءِ عيد فصح جون قربانيون ذبح ڪيون، تہ جيئن اهي قربانيون خداوند وٽ قبول پون.

18 جيتوڻيڪ افرائيم، منسي، اِسڪار ۽ زبولون قبيلي وارن مان گھڻن ئي ماڻهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تنهن هوندي بہ شريعت جي برخلاف هنن عيد فصح کاڌي. پر حزقياہ بادشاهہ هنن لاءِ دعا گھري تہ ”اي ڀلارا خداوند! تون انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪر

19 جيڪي تو خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جا پنهنجي دل وَ جان سان طالبو آهن، توڙي جو اهي هيڪل جي قانونن موجب پاڪ نہ ٿيا هجن.“

20 خداوند حزقياہ جي دعا قبول ڪئي ۽ ماڻهن کي معاف ڪيائين.

21 سو جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ اچي حاضر ٿيا هئا تن ڏاڍي خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، جڏهن تہ لاوين ۽ ڪاهنن روزانو پوري جوش ۽ جذبي سان خداوند جي تعريف جا گيت پئي ڳايا.

22 حزقياہ انهن سڀني لاوين جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جن خداوند جي عبادت ۾ مهارت سان اڳواڻي پئي ڪئي. سڀني ماڻهن عيد جا ست ئي ڏينهن پنهنجو پنهنجو مقرر حصو پئي کاڌو، سلامتيءَ جون قربانيون پئي پيش ڪيائون ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ پئي ڪيائون.

23 تڏهن سڀيئي ماڻهو ان ڳالهہ تي متفق ٿيا تہ ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ملهائجي، سو هنن خوشيءَ سان ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ملهائي.

24 يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ سڀني ماڻهن لاءِ هڪ هزار ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ٻڪريون مهيا ڪري ڏنيون ۽ اميرن کين هڪ هزار ڍڳا ۽ ڏهہ هزار رڍون ٻڪريون ڏنيون. تنهنڪري انهن هيترين قربانين پيش ڪرڻ لاءِ ڪاهنن جي وڏي تعداد پاڻ کي پاڪ ڪيو.

25 سڀيئي يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا، ڪاهنن ۽ لاوين سميت ۽ اهي سڀ پرڏيهي جيڪي يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن ۾ رهندا هئا ۽ عيد ملهائڻ لاءِ اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا، تن سڀني بيحد خوشيون ملهايون.

26 اهڙيءَ طرح يروشلم ۾ ڏاڍي خوشي ملهائي ويئي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود کان پوءِ اهڙي خوشي يروشلم ۾ اڳ نہ ٿي هئي.

27 تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan