2.تواريخ 3 - Muslim Sindhi Bible1 پوءِ سليمان يروشلم ۾ مورياہ جبل تي هيڪل جي تعمير شروع ڪرائي، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي. اها جاءِ اُروناہ يبوسيءَ جي ڳاهہ ڳاهڻ جي پِڙ واري جاءِ هئي، جيڪا دائود انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي. 2 هن تعمير جو ڪم پنهنجي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي ٻئي مهيني جي ٻي تاريخ کان شروع ڪرايو. 3 هيڪل تعمير ڪرڻ لاءِ بادشاهہ سليمان جيڪي بنياد وجھرايا تن جي ڊيگھہ ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر نوَ ميٽر هئي. 4 جيڪو ورانڊو هيڪل اڳيان تعمير ڪيو ويو تنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر جيتري يعني نوَ ميٽر هئي ۽ اوچائي چوونجاهہ ميٽر هئس. انهيءَ ورانڊي کي اندران نج سون مڙهايو ويو. 5 هن مقدس جاءِ کي صنوبر جي تختن سان ڍڪرايو ۽ انهن تختن تي نج سون جو پٽ چاڙهايو ۽ مٿان کجين جا وڻ ۽ زنجيريون اُڪرايائين. 6 هن انهيءَ هيڪل کي قيمتي پٿرن ۽ پروائم ملڪ مان گھرايل سون سان سينگاريو. 7 هن هيڪل جي شهتيرن، چانئٺن، ڀتين ۽ دروازن تي سون جو پٽ چاڙهايو ۽ ڀتين تي پردار آسماني مخلوق جا نقش اُڪرايائين. 8 هن مقدس جاءِ جي پٺيان مقدس ترين جاءِ بہ تعمير ڪرائي، جنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر موجب نوَ ميٽر ۽ ويڪر بہ نوَ ميٽر هئي. هن انهيءَ مقدس ترين جاءِ تي اندران ايڪيهہ هزار ڪلوگرام سون چاڙهايو. 9 سونين ڪلين جي تور ڇهہ سؤ گرام هئي. هن مٿين ڪمرن جي ڀتين تي پڻ سون چاڙهايو. 10 هن مقدس ترين جاءِ جي ڪمري ۾ پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرايا ۽ انهن تي سون چاڙهايائين. 11-13 اهي ٻئي مجسما هڪٻئي جي ڀرسان دروازي ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. انهن جي پَرن جي ڪل ڊيگھہ ڪمري جي ويڪر جيتري يعني نوَ ميٽر هئي ۽ پَرن جون ٻاهريون چوٽيون هيڪل جي پاسن وارين ڀتين تائين ٿي پهتيون. آسماني مخلوق جي هر هڪ پَر جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر هئي ۽ ڪمري جي وچ ۾ هڪ آسماني مخلوق جو پَر ٻي آسماني مخلوق جي پَر تائين ٿي پهتو. 14 هن مقدس ترين جاءِ جي اڳيان هڻڻ لاءِ سوٽي ڪپڙي ۽ ٻين قسمن جي ڪپڙن مان نيري، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو پردو ٺهرايو جنهن تي پردار آسماني مخلوق جون تصويرون اُڻيل هيون. هيڪل جا ٻہ پتل جا ٿنڀا ٺاهڻ ( 1.بادشاهَہ 7:15-22 ) 15 سليمان بادشاهہ هيڪل جي لاءِ پتل جا ٻہ ٿنڀا ٺهرايا، جن جي ڪل ڊيگھہ سورهن ميٽر هئي. هر هڪ ٿنڀي جي چوٽيءَ تي جيڪو ڇٽ هو تنهن جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر هئي. 16 هن زنجيريون ٺهرائي ٿنڀن جي چوٽين جي چوڌاري ٻڌرايون. هر هڪ ڇٽ لاءِ هن پتل جا هڪ سؤ ڏاڙهون پڻ ٺهرايا جيڪي انهن زنجيرين ۾ هڻائي ڇڏيائين. 17 هن اهي ٿنڀا هيڪل جي اڳيان کڙا ڪرايا، هڪڙو ساڄي پاسي تہ ٻيو کاٻي پاسي. ساڄي پاسي واري ٿنڀي جو ياڪن نالو رکيو ويو ۽ کاٻي پاسي واري جو بوعز نالو رکيو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society