Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 29 - Muslim Sindhi Bible


يهوداہ جو بادشاهہ حزقياہ
( 2.بادشاهَہ 18‏:1‏-3 )

1 جڏهن حزقياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل اوڻٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو ابياہ هو جيڪا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.

2 هن پنهنجي وڏي دائود وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.


هيڪل کي نئين سر مخصوص ڪرڻ

3 حزقياہ نئين سال جي پهرئين مهيني ۾ پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند جي گھر جا دروازا کولرايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.

4 هن ڪاهن ۽ لاوي گھرائي خداوند جي گھر جي اوڀر طرف ڪشادي اڱڻ ۾ گڏ ڪري

5 کين چيو تہ ”هاڻي اسان کي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گھر کي وري مخصوص ڪرڻو آهي. سو اي لاويؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هاڻ اوهين پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ انهيءَ مقدس هيڪل مان سموري گندگي ڪڍي ڇڏيو.

6 اسان جي ابن ڏاڏن نافرماني ڪئي. هنن خداوند اسان جي خدا کي ڇڏي اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خدا جي نظر ۾ برا آهن. هنن پنهنجا منهن خداوند جي گھر کان ڦيري ڇڏيا ۽ ان کي پٺي ڏنائون.

7 هنن هيڪل جا ٻاهريان دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڏيئا وسائي ڇڏيائون. هنن انهيءَ مقدس هيڪل ۾ بني اسرائيل جي خدا لاءِ نہ لوبان ساڙيو ۽ نہ ئي وري ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون.

8 اهو ئي سبب آهي جو خداوند جو غضب يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي اچي ڪڙڪيو. هن انهن کي اهڙي مصيبت ۾ وڌو جو اهي ڏهڪاءَ ۽ حيرت جو سبب بڻيا، جيڪو اوهين اڄ بہ ڄاڻو ٿا.

9 اهو ئي سبب آهي جو اسان مان ڪن جا پيئر جنگين ۾ مارجي ويا ۽ ڪن جا پٽ، ڌيئرون ۽ زالون قيد ڪيون ويون.

10 هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ اسين خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد ڪريون تہ من سندس قهر اسان تان ٽري وڃي.

11 سو اي پٽن جهڙا پيارؤ! هاڻي اوهين وڌيڪ غفلت نہ ڪريو. اهي اوهين ئي آهيو جن کي خداوند ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ پنهنجي خدمت ۽ عبادت ۾ ماڻهن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.“

12 تڏهن هي لاوي ڪم لاءِ اُٿي کڙا ٿيا: بني قهات مان، محت ولد عماسي ۽ يوايل ولد عزرياہ، بني مراريءَ مان، قيس ولد عبدي ۽ عزرياہ ولد يهللئيل، بني جيرشون مان، يوآخ ولد زمہ ۽ عدن ولد يوآخز،

13 اليصفن جي اولاد مان، سمري ۽ يعوايل، آسف جي اولاد مان، زڪرياہ ۽ متنياہ،

14 هيمان جي اولاد مان، يحيئيل ۽ سمعي، يدوتون جي اولاد مان، سمعياہ ۽ عُزي‌ايل.

15 هنن ماڻهن پنهنجي لاوي ڀائرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن سڀني پاڻ کي پاڪ ڪيو. پوءِ هنن بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي شريعت موجب خداوند جي گھر اندر وڃي ان کي پاڪ ڪرڻ شروع ڪيو.

16 ڪاهن خداوند جي هيڪل کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ان ۾ اندر ويا. هر گندي شيءِ جيڪا خداوند جي گھر ۾ لڌائون سا هنن ڪڍي آڻي اڱڻ ۾ رکي. لاوي ان گندگيءَ کي شهر کان ٻاهر قدرون جي برساتي نهر ڏانهن کڻي ويا.

17 هنن نئين سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي هيڪل کي پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ انهيءَ مهيني جي اٺين تاريخ تي هو هيڪل جي ورانڊي تائين پهتا. وڌيڪ اٺن ڏينهن تائين هو خداوند جي گھر کي پاڪ ڪندا رهيا ۽ سورهين تاريخ تي اهو ڪم پورو ڪيائون.


هيڪل کي نئين سر مخصوص ڪرڻ

18 تنهن کان پوءِ لاوي بادشاهہ حزقياہ وٽ لنگھي ويا ۽ کيس ٻڌايائون تہ ”اسان خداوند جو سڄو گھر، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ ۽ ٿانوَ، نذراني جي روٽن جي ميز ۽ ٿانوَ، سڀيئي پاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

19 تنهن کان سواءِ اسان اهي سڀ ٿانوَ بہ موٽائي آڻي پاڪ ڪيا آهن جيڪي آخز بادشاهہ نافرماني ڪندي پنهنجي بادشاهيءَ دوران اتان هٽائي ڇڏيا هئا. هاڻ اهي سڀ ٿانوَ خداوند جي قربان‌گاهہ جي اڳيان رکيا اٿئون.“

20 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير حزقياہ بادشاهہ شهر جا سڀ عملدار گڏ ڪيا ۽ انهن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ڏانهن ويو.

21 هنن ست ڍڳا، ست گھٽا، ست گھيٽا ۽ ست ٻڪر شاهي گھراڻي، هيڪل ۽ يهوداہ وارن لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آندا. سڀيئي ڪاهنن جيڪي هارون جي اولاد مان هئا تن کي بادشاهہ حزقياہ چيو تہ هو اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قربان ڪن.

22 تڏهن هنن پهريائين ڍڳا ذبح ڪيا ۽ انهن جو ٿورو رت کڻي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريائون. پوءِ هنن گھٽا بہ ذبح ڪيا ۽ انهن جو رت بہ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريائون. تنهن کان پوءِ هنن گھيٽا بہ ذبح ڪيا ۽ انهن جو رت بہ قربان‌گاهہ تي چٽڪاريائون.

23 آخر ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هنن بادشاهہ ۽ ٻين ماڻهن اڳيان ٻڪر آندا ۽ بادشاهہ ۽ ماڻهن پنهنجا هٿ انهن تي رکيا.

24 ان کان پوءِ ڪاهنن اهي ٻڪر ڪُٺا ۽ سڄي بني اسرائيل جي ڪفاري لاءِ انهن جو رت قربان‌گاهہ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور هاريو، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سڄي قوم لاءِ ساڙڻ واري قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪئي وڃي.

25 جيئن خداوند غيبدان جاد ۽ ناتن نبيءَ جي معرفت دائود بادشاهہ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي حزقياہ خداوند جي گھر ۾ لاوين کي ٽلين، دنبورن ۽ سارنگين سان مقرر ڪيو.

26 سو لاوي دائود جي مقرر ٿيل سازن سان ۽ ڪاهن پنهنجين شرناين سان تيار ٿي بيٺا.

27 حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي وڃي.“ جڏهن قرباني ڪرڻ شروع ٿي تڏهن شرناين ۽ ٻين مقرر ٿيل سازن سان خداوند جي واکاڻ جو گيت بہ شروع ڪيو ويو

28 ۽ سڀيئي ماڻهو انهيءَ ۾ شامل ٿي ويا، جڏهن تہ ڳائڻ وارا ڳائيندا رهيا ۽ ساز وڄندا رهيا. جيستائين ساڙڻ واري قرباني پوري ٿي تيستائين اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو رهيو.

29 جڏهن قرباني پيش ٿي چڪي تڏهن بادشاهہ ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ حاضر هئا تن سڀني جھڪي سجدو ڪيو.

30 پوءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن لاوين کي حڪم ڏنو تہ ”دائود بادشاهہ ۽ آسف غيبدان جا چيل خدا جي تعريف جا گيت ڳايا وڃن.“ سو سڀني ماڻهن خوشيءَ سان واکاڻ جا گيت ڳايا ۽ پنهنجا سر جھڪائي سجدو ڪيائون.

31 پوءِ حزقياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيو آهي. سو هاڻ خداوند جي گھر آڏو قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا وڃن.“ تنهن تي ماڻهن قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا. ان کان علاوہ ڪيترن ئي ماڻهن تہ پنهنجي دل جي خوشيءَ سان ساڙڻ واريون قربانيون بہ پيش ڪيون.

32 جيڪي ساڙڻ واريون قربانيون ماڻهن خداوند جي لاءِ پيش ڪيون، تن جو تعداد ستر ڍڳا، هڪ سؤ گھٽا ۽ ٻہ سؤ گھيٽا هو.

33 ان کان علاوہ ٻيون قربانيون جن مان سڀني ماڻهن جي کائڻ جو حصو هوندو هو، تن جو تعداد ڇهہ سؤ ڍڳا ۽ ٽي هزار رڍون ٻڪريون هو.

34 جيئن تہ ايترن ڪاهنن اڃا پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو جو سڀني ساڙڻ وارين قربانين جون کلون لاهي سگھن، تنهنڪري سندن لاوي مائٽن انهن جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ ۾ ڪاهنن کان وڌيڪ چست هئا. انهن ايستائين سندن مدد ڪئي جيستائين اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو ۽ باقي رهيل ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو.

35 جيڪو ڪم ڪاهنن کي ڪرڻو هو سو تمام گھڻو هو، ڇاڪاڻ تہ کين ساڙڻ واريون قربانيون ڪرڻيون هيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ساڙڻي هئي ۽ ساڙڻ وارين قربانين سان گڏوگڏ پيش ٿيل اوتڻ وارين قربانين کي بہ پئٽڻو هو. سو خداوند جي گھر جي خدمت نئين سر قائم ڪئي ويئي.

36 حزقياہ بادشاهہ ۽ سڄي قوم خدا جي انهيءَ خدمت جي بحاليءَ واري ڪم تي ڏاڍيون خوشيون ملهايون، خاص طور تہ اهو ڪم تمام جلدي ٿي ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan