Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 27 - Muslim Sindhi Bible


يهوداہ جو بادشاهہ يوتام
( 2.بادشاهَہ 15‏:32‏-38 )

1 يوتام جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو يروسا هو، جيڪا صدوق جي ڌيءَ هئي.

2 يوتام پنهنجي پيءُ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، بلڪ جيئن هن جو پيءُ لوبان ساڙڻ لاءِ خداوند جي گھر ۾ داخل ٿيو هو تيئن هن نہ ڪيو. پر اڃا تائين ماڻهو پنهنجا بڇڙا ڪم ڪندا ٿي آيا.

3 هن خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو لڳرايو ۽ عوفل نالي ٽڪريءَ وٽ يروشلم جي ڀت تي گھڻو ڪجھہ ڪم ڪرايائين.

4 هن يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ ڪيترائي شهر ٻڌرايا ۽ ٻيلن ۾ قلعا ۽ ٺُلهَہ ٺهرايائين.

5 يوتام بني عمون جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي ۽ فتح حاصل ڪيائين. انهي ئي سال بني عمون هن کي چانديءَ جا ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام، ڪڻڪ جا ساڍا سترهن لک ڪلوگرام ۽ اوترا ئي جَوَن جا ڪلوگرام ڏنَ طور ڏياري موڪليا. ايترو ئي ڏنُ هنن ٻئي ۽ ٽئين سال پڻ وٽس موڪليو.

6 يوتام زورآور ٿيندو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو ثابت قدميءَ سان خدا جي راهہ تي هلندو ٿي رهيو.

7 يوتام جي بادشاهيءَ جو باقي احوال، سندس جنگيون ۽ ٻيا ڪارناما جيڪي هن ڪيا سي سڀ ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

8 جڏهن هو بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. يروشلم ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي.

9 پوءِ يوتام وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي جاءِ تي سندس پٽ آخز بادشاهہ ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan