2.تواريخ 25 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ( 2.بادشاهَہ 14:2-6 ) 1 امصياہ پنجويهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل اوڻٽيهہ سال بادشاهي ڪيائين. سندس ماءُ جو نالو يهوعدان هو جيڪا يروشلم جي رهندڙ هئي. 2 هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، پر هن اهي سڀ ڪم بيدليءَ سان ڪيا. 3 جيئن ئي سندس بادشاهت مضبوط ٿي، تہ هن انهن عملدارن کي قتل ڪرائي ڇڏيو جن سندس پيءُ يوآس کي ماريو هو. 4 پر هن انهن قاتلن جي پٽن کي ڪين مارايو، بلڪ هن ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ خداوند حڪم فرمايو آهي تہ ”پٽ جي بدلي پيءُ کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.“ ادوم جي خلاف لڙائي ( 2.بادشاهَہ 14:7 ) 5 انهيءَ کان پوءِ امصياہ يهوداہ وارن جي سڄي لشڪر کي گڏ ڪيو جنهن ۾ بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي قبيلن جا ماڻهو هئا. هن انهن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي گھراڻن موجب، هزار هزار ۽ سؤ سؤ جا دستا بڻائي مٿن سالار مقرر ڪيا. پوءِ لشڪر ۾ ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن جو شمار ڪيو ويو تہ انهن ۾ ٽي لک چونڊيل جوان جنگ جي لائق ۽ نيزي ۽ ڍال کڻڻ جهڙا هئا. 6 هن چانديءَ جا اٽڪل ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام ڏيئي اسرائيل ملڪ مان هڪ لک بهادر ۽ دلير جوان پڻ ڪرايي تي ڪيا. 7 تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو بادشاهہ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ! تون اسرائيل جي سپاهين کي پاڻ سان گڏ جنگ ۾ نہ وٺي وڃ، ڇاڪاڻ تہ خداوند بني افرائيم بلڪ سڀني اسرائيل وارن مان خوش ناهي، 8 پر جيڪڏهن تون انهن کي گڏ وٺي وڃڻ سان پاڻ کي لڙائيءَ لاءِ مضبوط ٿو سمجھين تہ ياد رک، خدا تو کي دشمن هٿان شڪست ڏياريندو، ڇاڪاڻ تہ فتح يا شڪست خدا جي ئي اختيار ۾ آهي.“ 9 تڏهن امصياہ انهيءَ نبيءَ کي چيو تہ ”پر اها چاندي، جيڪا مون اسرائيل جي انهن لشڪر وارن کي ڏني آهي تنهن جو ڇا ٿيندو؟“ خدا جي ٻانهي وراڻيس تہ ”خداوند تو کي انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ ڏيئي سگھي ٿو.“ 10 تنهن کان پوءِ امصياہ افرائيم ملڪ کان آيل انهيءَ لشڪر وارن کي موڪل ڏيندي چيو تہ اهي پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن هليا وڃن. انهيءَ ڳالهہ تي اهي يهوداہ وارن تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ سخت غصي وچان پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا. 11 امصياہ دل ٻڌي پنهنجو لشڪر وٺي لوڻ واري ماٿريءَ ڏانهن ويو، جتي سندس لشڪر ادومي لشڪر جا ڏهہ هزار ماڻهو لڙائيءَ ۾ ماري ڇڏيا. 12 ٻين ڏهن هزارن کي يهوداہ وارن جيئرو پڪڙيو ۽ کين سلع شهر واري اڀي ٽڪريءَ تي وٺي وڃي اتان هيٺ اڇلايائون، جنهن ڪري اهي چڪنا چور ٿي ويا. 13 انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جو اهو لشڪر جنهن کي امصياہ لڙائيءَ ۾ نہ وٺي ويو هو، سو پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندي بيتحورون شهر کان وٺي سامريہ شهر تائين يهوداہ جي شهرن تي ڪاهي پيو ۽ اٽڪل ٽي هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون. هو گھڻو ئي مال پڻ لٽي ڦري کڻي ويا. 14 هيڏانهن جڏهن امصياہ ادومين کي قتل ڪري واپس موٽيو، تڏهن پاڻ سان گڏ ادومين جي ديوتائن وارا بت کڻي آيو ۽ انهن کي پنهنجا معبود بڻائي رکي ڇڏيائين. هن انهن کي سجدو ڪيو ۽ انهن لاءِ قربانيون ڪيائين. 15 انهيءَ ڪري خداوند امصياہ تي سخت ناراض ٿيو، ۽ وٽس هڪڙو نبي موڪليائين، جنهن اچي امصياہ کي چيو تہ ”تون غير قومن جي انهن معبودن جو طالب ڇو ٿيو آهين، جيڪي خود پنهنجيءَ قوم کي تنهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا؟“ 16 جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“ اسرائيل خلاف جنگ ( 2.بادشاهَہ 14:8-20 ) 17 پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ صلاح ڪري اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز ولد ييهو ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اچ تہ هڪٻئي جو مقابلو ڪريون.“ 18 يهوآس جواب ۾ امصياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”لبنان جي هڪڙي ڪانڊيري لبنان جي ديال جي وڻ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ’پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي.‘ تڏهن لبنان جو هڪڙو جھنگلي جانور اتان اچي لنگھيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو. 19 اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي جو تون غرور سان ٿو ڳالهائين. هاڻي منهنجي صلاح مڃي پنهنجي گھر ۾ ئي ويٺو رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“ 20 پر امصياہ سندس ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجي ارادي تي قائم رهيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خدا چاهيو ٿي تہ انهن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هو ادومين جي معبودن جا طالبو ٿي ويا هئا. 21 تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس ڪاهہ ڪري هليو ۽ يهوداہ جي بيتشمس شهر وٽ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ جي مدِمقابل ٿيو. 22 انهيءَ لڙائيءَ ۾ يهوداہ جي لشڪر شڪست کاڌي ۽ سندس سپاهي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ڀڳا. 23 يهوآس امصياہ کي بيتشمس مان جنگي قيدي بڻائي يهوداہ جي گاديءَ واري شهر يروشلم ڏانهن وٺي آيو. هن اتي يروشلم جي ٻاهران نڪتل ڪوٽ جي ڀت کي افرائيم دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين اٽڪل ٻہ سؤ ميٽر ڊيگھہ ۾ ڊاهي ڇڏيو. 24 اتان يهوآس سون، چاندي ۽ ٻيو سمورو سامان جيڪي هيڪل ۾ عوبيدادوم جي گھراڻي وٽ هو ۽ بادشاهہ جي محل جا خزانا پڻ لٽي پاڻ سان گڏ واپس سامريہ شهر ڏانهن کڻي ويو. اتان هو ڪجھہ ماڻهو بہ قيدي بڻائي وٺي ويو. 25 يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ ولد يوآس اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس ولد يهوآخز جي مرڻ کان پوءِ پندرهن سال جيئرو رهيو. 26 امصياہ جو پهريون توڙي پويون سمورو احوال ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. 27 جڏهن کان وٺي امصياہ خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو هو تڏهن کان وٺي ماڻهن يروشلم ۾ سندس خلاف سازشون ٿي ڪيون. آخرڪار هو لڪيس شهر ڏانهن ڀڄي ويو، پر تڏهن بہ انهن ماڻهن سندس پٺيان لڪيس ڏانهن بہ ماڻهو موڪلي کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. 28 پوءِ سندس لاش گھوڙي تي کڻي يروشلم ۾ آندو ويو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society