2.تواريخ 23 - Muslim Sindhi Bibleراڻي عتلياہ خلاف بغاوت ( 2.بادشاهَہ 11:4-16 ) 1 پوءِ ستين سال ڪاهن يهويدع همت ڪندي ڪجھہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن لشڪر مان سؤ سؤ جي دستي وارن پنجن سالارن کي پاڻ سان ملايو جيڪي عزرياہ ولد يهورام، اسماعيل ولد يهوحنان، عزرياہ ولد عوبيد، معسياہ ولد عداياہ ۽ اليسافط ولد زڪري هئا. هن کانئن وفاداريءَ لاءِ عهد ورتو. 2 هو يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ ويا ۽ اتي جي لاوين ۽ سڀني گھراڻن جي وڏن کي پاڻ سان وٺي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيائون. 3 انهن سڀني هيڪل ۾ اچي شهزادي يوآس سان عهد اقرار ڪيو. يهويدع کين چيو تہ ”ڏسو، هي اخزياہ بادشاهہ جو پٽ ئي هاڻي بادشاهي ڪندو، جيئن خداوند دائود جي اولاد بابت بادشاهيءَ جو واعدو فرمايو آهي. 4 هاڻي اوهان تي هيئن ڪرڻ لازم آهي تہ اوهان مان جيڪي ڪاهن ۽ لاوي سبت جي ڏينهن هيڪل جي اندر مقرر ٿيل آهن تن کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي. هڪ حصو هيڪل جي دروازن تي دربان ٿي بيهي. 5 هڪ حصو شاهي محل جي سنڀال ڪري ۽ باقي هڪ حصو هيڪل جي بنياد نالي دروازي تي بيٺل رهي. ٻيا سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهن. 6 هيڪل جي خدمتگار ڪاهنن ۽ لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خداوند جي گھر ۾ اندر نہ اچي. رڳو اهي ئي اندر داخل ٿين، ڇاڪاڻ تہ اهي اڳي ئي انهيءَ لاءِ مخصوص ٿيل آهن. باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي حڪم موجب ٻاهر بيهي رهن. 7 لاوي بادشاهہ جي چوگرد محافظ ٿي هلن ۽ سڀني کي پنهنجا هٿيار هٿن ۾ هجن. ائين اهي بادشاهہ سان هر وقت گڏ رهن. جيڪو بہ هيڪل ۾ اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪري تنهن کي قتل ڪيو وڃي.“ 8 سو لاوين ۽ يهوداہ وارن سڀني ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. سڀني سالارن پنهنجا پنهنجا اهي ماڻهو گڏ ڪيا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تي چڙهڻا هئا يا اهي جيڪي ڪم تان لهڻا هئا، ڇاڪاڻ تہ يهويدع ڪاهن ڪنهن کي بہ هيڪل کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل نہ ڏني هئي. 9 دائود بادشاهہ وارا نيزا ۽ ڍالون جيڪي هيڪل ۾ رکيل هيون سي يهويدع ڪاهن انهن سالارن کي کڻڻ لاءِ چيو. 10 هر ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هٿيار ڏيئي هن سڀني کي هيڪل جي اڳيان جتي قربانگاهہ آهي، ساڄي پاسي کان وٺي کاٻي پاسي تائين بادشاهہ جي حفاظت لاءِ چوڌاري بيهاري ڇڏيو. 11 تنهن بعد يهويدع جي اڳواڻيءَ ۾ شهزادي يوآس کي ٻاهر آندو ويو ۽ سندس مٿي تي تاج پهرايو ويو. پوءِ شهزادي کي بادشاهيءَ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب ڏيئي پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. انهيءَ لاءِ يهويدع ۽ سندس پٽن کيس مسح ڪيو ۽ پوءِ سڀيئي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“ 12 جيئن ئي عتلياہ راڻيءَ ماڻهن جو گوڙ ٻڌو جيڪي بادشاهہ کي مبارڪ ڏيئي رهيا هئا، تہ هوءَ ڊوڙندي اچي هيڪل جي اڳيان پهتي. 13 هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“ 14 جيئن تہ يهويدع ڪاهن نہ ٿي چاهيو تہ عتلياہ کي هيڪل جي حد اندر قتل ڪيو وڃي، سو هن لشڪر جي سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن کي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ کيس ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“ 15 سو هنن ان کي پڪڙي ورتو ۽ محل ڏانهن گهلي کڻي ويس جتي گھوڙي واري دروازي وٽ هنن کيس قتل ڪري ڇڏيو. يهويدع ڪاهن جا يهوداہ ملڪ ۾ سڌارا ( 2.بادشاهَہ 11:17-20 ) 16 پوءِ يهويدع ڪاهن جي هدايت موجب هن پاڻ، بادشاهہ يوآس ۽ سندس سڄي قوم هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ اهي سڀيئي خداوند جي هڪ قوم ٿي رهندا. 17 تنهن بعد سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ انهيءَ کي ڊاهي ڇڏيائون. هنن انهيءَ جون قربانگاهون ۽ سندس مورتيون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربانگاهن جي اڳيان قتل ڪري ڇڏيائون. 18 پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تانتہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن. 19 هن هيڪل جي دروازن تي دربان مقرر ڪيا، تہ جيئن اهي ڪنهن بہ طرح ناپاڪ ماڻهن کي اندر لنگھڻ نہ ڏين. 20 پوءِ يهويدع سالارن، اميرن، عملدارن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي ساڻ ڪري جلوس جي صورت ۾ بادشاهہ کي هيڪل کان سندس محل ڏانهن وٺي هليو. هو مکيہ دروازي کان بادشاهہ جي محل ۾ آيا ۽ اتي کيس سندس تخت تي ويهاريو ويو. 21 تڏهن سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ امن وَ امان ٿي ويو، ڇو تہ عتلياہ کي قتل ڪيو ويو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society