2.تواريخ 22 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ ( 2.بادشاهَہ 8:25-29 ، 9:21-28 ) 1 جيئن تہ عرب حملہآور، جيڪي لشڪرگاهہ تي چڙهائي ڪري آيا هئا، تن بادشاهہ يهورام جي سڀني پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، پر سندس ننڍو پٽ اخزياہ بچي ويو. سو يروشلم جي رهاڪن اخزياہ کي يهورام جي جاءِ تي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو. 2 اخزياہ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل هڪ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جيڪا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي پوٽي ۽ اخياب جي ڌيءَ هئي. 3 هو بہ اخياب گھراڻي جي رستي تي هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس ماءُ کيس بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي صلاح ڏيندي هئي. 4 هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اخياب جي گھراڻي وارن کيس بڇڙيون صلاحون ڏيئي برباد ڪيو. 5 هو انهن جي صلاح تي هلندي اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخياب سان اتحاد ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن ويو، جنهن ۾ ارامين يورام کي زخمي ڪري وڌو. 6 سو يورام پنهنجي زخمن جي علاج لاءِ موٽي يزرعيل شهر ۾ آيو. بادشاهہ اخزياہ کانئس پڇڻ لاءِ وٽس آيو. 7 يورام وٽ اچڻ جي وقت خدا جي طرفان اخزياہ جي بربادي لکجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو آيو تہ يورام سان گڏجي نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن کي اڳ ۾ ئي خداوند اخياب جي گھراڻي کي برباد ڪرڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو. 8 جڏهن ييهو اخياب جي گھراڻي کي ماري رهيو هو تہ هن يهوداہ جي اڳواڻن ۽ اخزياہ جي انهن ڀائٽين کي ڏسي ورتو جيڪي اخزياہ جي خدمت ڪندا هئا. سو هن انهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. 9 اخزياہ جي ڳولا ڪئي ويئي تہ اهو کين سامريہ ۾ مليو جتي هو لڪل هو. کيس پڪڙي ييهوءَ وٽ آندو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. پوءِ اهو چئي کيس انهيءَ لاءِ دفن ڪيو ويو تہ هي بادشاهہ يهوسفط جو پوٽو آهي، جنهن پنهنجي دل وَ جان سان خدا جي فرمانبرداري ڪئي هئي. اخزياہ جي گھراڻي ۾ ڪوبہ باقي نہ رهيو جيڪو بادشاهت هلائي سگھي. يهوداہ جي راڻي عتلياہ ( 2.بادشاهَہ 11:1-3 ) 10 هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ کي خبر پيئي تہ سندس پٽ مارجي ويو آهي، تڏهن هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ يهوداہ جي گھراڻي جي سڄي شاهي نسل کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. 11 پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ ۽ بادشاهہ اخزياہ جي ڀيڻ جنهن جو نالو يهوسبع هو ۽ جيڪا يهويدع نالي هڪڙي ڪاهن جي زال هئي، تنهن بادشاهہ اخزياہ جي پٽن جي قتلام وقت هڪڙي پٽ يوآس کي چورائي ورتو ۽ کيس سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ کي راڻي عتلياہ کان لڪائي کيس قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو. 12 انهيءَ کان پوءِ اهو ٻار ڇهن سالن تائين هيڪل ۾ لڪل رهيو ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي ٿي ڪئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society