2.تواريخ 19 - Muslim Sindhi Bibleهڪڙي نبيءَ جو يهوسفط کي ڇينڀڻ 1 يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط جنگ مان صحيح سلامت موٽي يروشلم ۾ پنهنجي محل ۾ آيو. 2 تڏهن هڪڙو نبي ييهو ولد حناني بادشاهہ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا اهو مناسب آهي جو تون بدڪارن جي مدد ڪرين ۽ خداوند جي دشمنن سان محبت رکين؟ ياد رک، انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تو تي خدا جو ڏمر آهي. 3 انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي ڳالهيون چڱيون آهن جو تو هن ملڪ مان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀن کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ماڻهو پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ کان علاوہ تو خداوند جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“ يهوسفط جو ججن کي مقرر ڪرڻ 4 هاڻي جيتوڻيڪ يهوسفط يروشلم ۾ پئي رهيو، تڏهن بہ هو اڪثر ڪري ڏکڻ ۾ بيرسبع کان وٺي اتر ۾ افرائيم جي جابلو علائقي تائين پنهنجي رعيت وارن وٽ ويندو رهيو ۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن وري کين موٽائي آندائين. 5 هن يهوداہ ملڪ جي ڪوٽن وارن سڀني شهرن ۾ جج مقرر ڪيا. 6 هن انهن کي هدايت ڪئي تہ ”اوهين فيصلو ٻڌائڻ وقت خبردار رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڪنهن انسان جي اختياريءَ سان نہ بلڪ خداوند جي اختياريءَ سان ڪم ڪريو ٿا. فيصلي ٻڌائڻ وقت هو اوهان سان گڏ آهي. 7 تنهنڪري اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ جيڪي ڪريو سو خبرداريءَ سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا وٽ بيانصافي ناهي، نڪي هو ڪنهن جي طرفداري ٿو ڪري ۽ نہ وري وٽس رشوت ٿي هلي.“ 8 انهيءَ کان سواءِ يهوسفط يروشلم ۾ بہ لاوين، ڪاهنن ۽ گھراڻن جي وڏن مان ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو تہ اهي خداوند جي شريعت مطابق انصاف ڪن ۽ جھيڙن جھڳڙن جا فيصلا ڪن. سو اهي يروشلم ۾ رهي ڪم ڪرڻ لڳا. 9 يهوسفط کين تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين خداوند جو خوف رکندي ايمانداريءَ ۽ صافدليءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪجو. 10 جڏهن بہ يهوداہ ملڪ ۾ رهندڙ اوهان جي هموطنن مان ڪنهن جو ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جيڪو منجھن قتل جي باري ۾ هجي توڙي شريعت ۽ قاعدن قانونن جي باري ۾ هجي، تڏهن اوهين کين خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا گنهگار نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي هموطنن تي خدا جو غضب نازل ٿئي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڏوهاري نہ ٿيندا. 11 ياد رکو، خداوند جي شريعت سان تعلق رکندڙ سڀني ڳالهين جو اختيار امرياہ ڪاهن وٽ هوندو ۽ بادشاهہ جي قاعدن قانونن سان تعلق رکندڙ سڀني ڳالهين جو اختيار يهوداہ جي گورنر زبدياہ ولد اسماعيل وٽ هوندو. لاوي بہ منهنجي طرفان اوهان سان گڏ عملدار مقرر هوندا. سو اوهين همت سان ڪم ڪريو. شل خداوند نيڪن سان گڏ هجي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society