2.تواريخ 17 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط 1 آسا جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو ۽ اسرائيل جي خلاف پنهنجي طاقت ۾ اضافو ڪيائين. 2 هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ لشڪر مقرر ڪيا. ان کان علاوہ افرائيم جا جيڪي شهر سندس پيءُ آسا قبضي ڪيا هئا تن ۾ ۽ يهوداہ جي ٻين هنڌن تي بہ چوڪيون قائم ڪيائين. 3 خداوند يهوسفط سان گڏ هو، ڇاڪاڻ تہ جيئن سندس پيءُ پنهنجي شروعاتي دور ۾ پئي هليو تيئن هن بہ ڪيو ۽ بعل ديوتا جي پٺيان ڪونہ لڳو. 4 هو اسرائيل جي بادشاهن جي بري رستي تي هلڻ بدران پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ۾ رهيو ۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪندو رهيو. 5 سو خداوند انهيءَ جي هٿ هيٺ بادشاهت قائم ڪئي ۽ سڄي يهوداہ جي ماڻهن يهوسفط وٽ نذرانا پئي آندا، تان جو هو دولت ۽ عزت ۾ گھڻو وڌي ويو. 6 هن جي دل خدا جي واٽن تي لڳي رهي. ٻيو تہ هن سڄي يهوداہ ۾ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ڊهرائي ڇڏيا. 7 هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ٽئين سال پنهنجي عملدارن بنخيل، عبدياہ، زڪرياہ، نتنيايل ۽ ميڪاياہ کي موڪليو تہ اهي يهوداہ جي شهرن ۾ وڃي تعليم ڏين. 8 انهن سان گڏ هي لاوي بہ هئا: سمعياہ، نتنياہ، زبدياہ، عساهيل، سميراموت، يهونتن، ادونياہ، طوبياہ ۽ طوب ادونياہ. انهن سان گڏ اليسمع ۽ يهورام ڪاهن پڻ هئا. 9 انهن وٽ خداوند جي شريعت جو ڪتاب هو، جنهن جي هنن يهوداہ ۾ تعليم ٿي ڏني. اهي يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ ويا ۽ ماڻهن کي تعليم ڏنائون. 10 يهوداہ جي چوڌاري جيڪي ملڪ هئا تن جي سڀني بادشاهن تي خداوند جو خوف طاري ٿي ويو، جنهنڪري انهن يهوسفط سان جنگ نہ ڪئي. 11 ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ٽيڪس طور آڻي ڏني. عرب جي رهاڪن بہ هن کي ٽيڪس طور ست هزار ست سؤ گھٽا ۽ اوترا ئي ٻڪر ڏنا. 12 يهوسفط تمام طاقتور ٿيندو ويو. هن يهوداہ ۾ گدام وارا شهر ۽ قلعا تعمير ڪرايا. 13 انهن شهرن ۾ هن وٽ گھڻو ئي راشن هو. هن يروشلم ۾ آزمودگار جنگي جوڌا مقرر ڪيا. 14 انهن جو تعداد سندن گھراڻن موجب هيئن هو: يهوداہ مان هزارن جي دستن جو سالار عدنہ پنهنجي ٽي لک جنگي جوڌن سميت، 15 ان کان ٻئي نمبر تي سالار يهوحنان ٻہ لک اسي هزار جنگي جوڌن سميت، 16 ٽيون عمسياہ بن زڪري، جنهن رضاڪارانہ طور تي پاڻ کي خداوند جي خدمت لاءِ پيش ڪيو سو ٻہ لک جنگي جوڌن سميت، 17 بنيامين مان هڪ همت ڀريو جان نثار سالار اليدع، ٻہ لک تيراندازن ۽ ڍال بردارن سميت، 18 ان کان پوءِ يهوزبد جنهن سان هڪ لک اسي هزار ماڻهو هئا، جيڪي جنگ جي لاءِ مسلح هئا. 19 هي اهي ماڻهو هئا جيڪي بادشاهہ جا ملازم هئا. انهن کان علاوہ بادشاهہ ٻين ماڻهن کي بہ سڄي يهوداہ ۾ قلعي وارن شهرن ۾ مقرر ڪيو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society