2.تواريخ 16 - Muslim Sindhi Bibleاسرائيل سان جنگ ( 1.بادشاهَہ 15:17-22 ) 1 آسا جي بادشاهيءَ جي ڇٽيهين سال اسرائيل جو بادشاهہ بعشا يهوداہ ملڪ تي ڪاهي آيو. هو رامہ شهر تي قبضو ڪري ان جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍائڻ لڳو تہ جيئن ڪوبہ يهوداہ ڏانهن نہ وڃي سگھي ۽ نہ وري اتان اندر اچي سگھي. 2 تڏهن بادشاهہ آسا خداوند جي گھر مان ۽ پنهنجي محل جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بنهدد ڏانهن ڏياري موڪليو، جيڪو دمشق شهر مان راڄ ڪندو هو. 3 هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ ”اسين پاڻ ۾ اهڙو معاهدو ڪريون، جيئن منهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ هو. اِجھو، آءٌ تو ڏانهن سون ۽ چاندي موڪليان ٿو. سو تون اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو اتحاد ختم ڪر تہ جيئن هو منهنجي ملڪ مان پنهنجيون فوجون ڪڍي وڃي.“ 4 بنهدد آسا بادشاهہ جي ڳالهہ مڃي ۽ پنهنجا سالار لشڪرن سميت اسرائيل ملڪ جي شهرن تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. انهن عيون، دان، ابيل بيتمعڪہ ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارا شهر فتح ڪيا. 5 جڏهن بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن رامہ شهر کي ڪوٽ ڪڍائڻ ڇڏي ڏنائين. 6 پوءِ آسا بادشاهہ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ اهي رامہ ڏانهن ويا ۽ اتان اهي پٿر ۽ ڪاٺ جيڪي بعشا استعمال ٿي ڪيا، سي سڀ کڻي آيا. انهيءَ سامان مان آسا جِبع ۽ مصفاہ شهرن کي ڪوٽ ڪڍرايا. حناني غيبدان 7 انهيءَ دوران حناني غيبدان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”جيئن تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو ڪيو ۽ خداوند پنهنجي خدا تي توڪل نہ رکي اٿيئي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو. 8 ڇا سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن جو لشڪر بيشمار گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو ڪيو هو تڏهن هن اهي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا هئا. 9 بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بيعقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“ 10 انهيءَ ڳالهہ تي آسا ڏاڍو ڪاوڙيو، سو حناني غيبدان کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪن ٻين ماڻهن تي بہ ظلم ڪيو. آسا جي وفات ( 1.بادشاهَہ 15:23-24 ) 11 آسا جي بادشاهيءَ دوران ٿيل واقعا پهريان توڙي پويان ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. 12 سندس بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال آسا کي پيرن ۾ اچي مرض لڳو. جيتوڻيڪ سندس اهو مرض تمام سخت هو، تڏهن بہ هن انهي بيماريءَ ۾ خداوند کان مدد نہ گھري، بلڪ حڪيمن کان مدد وٺندو رهيو. 13 آخرڪار آسا پنهنجي بادشاهيءَ جي ايڪيتاليهين سال وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏيو. 14 هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society