Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 15 - Muslim Sindhi Bible


آسا جا سڌارا

1 خدا جو روح عزرياہ ولد عودد تي نازل ٿيو.

2 تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.

3 جيئن تہ بني اسرائيل گھڻي عرصي تائين حقيقي خدا، تعليم ڏيندڙ ڪاهنن ۽ شريعت کان سواءِ پئي رهيا،

4 پر جڏهن پنهنجي مصيبت جي وقت هو خداوند، بني اسرائيل جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ سندس طالبو بڻيا، تڏهن سندس راضپو حاصل ڪيائون.

5 انهن ڏينهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن سفر ڪرڻ ۾ سلامتي ڪانہ هئي، بلڪ ملڪن جا سڀيئي رهاڪو گھڻين ئي تڪليفن ۾ هئا.

6 قوم قوم کي ٿي چٿيو، ۽ شهر شهر سان ٿي وڙهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت ۾ ٿي مبتلا ڪيو.

7 پر اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ضرور ملندو.“

8 جڏهن بادشاهہ آسا عزرياہ ولد عودد نبيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن جو حوصلو وڌيو. هن يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني علائقن مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي جابلو علائقي ۾ قبضي ڪيا هيا تن مان ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون. هن خداوند جي قربان‌گاهہ جيڪا خداوند جي هيڪل جي ورانڊي جي اڳيان هئي، تنهن جي بہ مرمت ڪرائي.

9 جڏهن اسرائيل ملڪ جي افرائيم، منسيءَ ۽ شمعون جي علائقن جي ماڻهن ڏٺو تہ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ آسا جو خدا هن سان گڏ آهي، تڏهن انهن مان تمام گھڻا ماڻهو وٽس اچي آباد ٿيا. بادشاهہ آسا سڄي يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني رهاڪن سان گڏوگڏ انهن کي بہ پاڻ وٽ سڏايو.

10 سو آسا جي بادشاهيءَ جي پندرهين سال جي ٽئين مهيني ۾ اهي سڀيئي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.

11 لٽ جي مال مان جيڪو مال انهيءَ ڏينهن هنن پاڻ سان آندو تنهن ۾ ست سؤ ڍور ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ٻڪريون شامل هيون، جيڪي هنن خداوند جي حضور ۾ قربان ڪيون.

12 هنن عهد ڪيو تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا طالبو ٿي رهندا.

13 جيڪو بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو طالبو نہ ٿيندو سو قتل ڪيو ويندو، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت.

14 هنن وڏي واڪي شرنايون ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي آڏو اهڙو قسم کنيو.

15 انهيءَ قسم تي سڄي يهوداہ خوشيون ملهايون، ڇاڪاڻ تہ هنن دل وَ جان سان قسم کنيو هو. ائين هو پنهنجي رضا خوشيءَ سان خدا جا طالبو ٿيا ۽ سندس راضپو حاصل ڪيائون. پوءِ خداوند هنن کي هر طرف کان آرام بخشيو.

16 بادشاهہ آسا پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هن يسيرہ ديويءَ جي مڪروہ مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها بہ ڀڃائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏي ۽ انهيءَ کي قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي خاڪ ڪري ڇڏيائين.

17 آسا جي دل سندس سڄي حياتي خدا سان پوريءَ طرح لڳل رهي. انهيءَ هوندي بہ ملڪ مان غير معبودن جا پوڄا گھر ختم نہ ڪيا ويا.

18 هن اهي سڀ شيون خدا جي گھر ۾ آڻي رکيون، جيڪي هن جي پيءُ ابياہ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون يعني چاندي، سون ۽ ٿانوَ.

19 آسا جي بادشاهيءَ جي پنجٽيهين سال تائين ڪابہ جنگ ڪانہ لڳي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan