2.تواريخ 12 - Muslim Sindhi Bibleسيساق جي يروشلم تي ڪاهہ ( 1.بادشاهَہ 14:25-28 ) 1 هاڻ جڏهن رحبعام جي بادشاهي قائم ٿي ويئي ۽ هو پنهنجا پير ڄمائي ويو، تڏهن هن ۽ ساڻس گڏ سڀني يهوداہ وارن خداوند جي شريعت کي ڇڏي ڏنو. 2 جيئن تہ هو خداوند کان ڦري ويا هئا، تنهنڪري بادشاهہ رحبعام جي بادشاهيءَ جي پنجين سال مصر جو بادشاهہ سيساق يروشلم تي ڪاهي آيو. 3 هن سان ٻارهن سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ سٺ هزار گھوڙي سوار هئا. هن سان گڏ مصر مان آيل ماڻهو بيشمار هئا، جيڪي لبيا، سوڪي ۽ سوڊان ملڪن مان هئا. 4 هن يهوداہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ يروشلم تائين اچي پهتو. 5 تڏهن سمعياہ نبي يهوداہ جي اڳواڻن ۽ رحبعام وٽ آيو جيڪي سيساق جي خوف کان ڀڄي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. هن کين چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي تيئن هاڻي مون بہ اوهان کي سيساق جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.‘“ 6 تڏهن يهوداہ جي اڳواڻن ۽ بادشاهہ ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ خداوند عادل آهي.“ 7 جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن ڪنڌ کڻي جھڪايو آهي تڏهن سمعياہ سان ڳالهائيندي کيس فرمايائين تہ ”جيئن تہ هنن ڪنڌ کڻي جھڪايو آهي تنهنڪري آءٌ کين ناس نہ ڪندس پر ساڻن ڪجھہ رعايت ڪندس. منهنجي ڪاوڙ سيساق جي معرفت يروشلم تي نہ ڪڙڪندي. 8 تنهن هوندي بہ هو انهيءَ جي رعيت ٿي رهندا، تہ جيئن هنن کي منهنجي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ وارن ملڪن جي بادشاهن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ فرق جي خبر پوي.“ 9 سو جڏهن مصر جي بادشاهہ سيساق يروشلم تي ڪاهہ ڪئي تڏهن هو خداوند جي گھر جا خزانا ۽ شاهي محل جا خزانا لٽي کڻي ويو. هو سڀ ڪجھہ کڻي ويو، ايستائين جو سليمان جون ٺهرايل سونيون ڍالون بہ کڻي ويو. 10 تڏهن بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون ڍالون ٺهرايون ۽ اهي پهري وارن جي سالارن جي حوالي ڪيائين جيڪي شاهي محل جي دروازي تي پهرو ڏيندا هئا. 11 جڏهن بہ بادشاهہ خداوند جي گھر ۾ ويندو هو، تڏهن پهري وارا اهي ڍالون کڻي ساڻس گڏ ويندا هئا ۽ پوءِ پهري واري جاءِ ۾ موٽائي آڻي رکي ڇڏيندا هئا. 12 جيئن تہ رحبعام بادشاهہ عاجزيءَ کان ڪم ورتو هو تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ هن تان ٽري ويئي ۽ کيس پوريءَ طرح ناس نہ ڪيائين، بلڪ سندس ملڪ يهوداہ ۾ حالات صحيح رهيا. رحبعام جي بادشاهت جو اختصار 13 رحبعام بادشاهہ يروشلم ۾ پاڻ کي مضبوط ڪري رهڻ لڳو ۽ سندس بادشاهي جاري رهي. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. سترهن سال هن يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي، جنهن شهر کي خداوند بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان پنهنجي نالي کي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو. رحبعام بادشاهہ جي ماءُ جو نالو نعمہ هو جيڪا عمونين مان هئي. 14 رحبعام اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خراب هئا، ڇاڪاڻ تہ هو دلي طور تي خداوند جو طالبو نہ هو. 15 تواريخ وارو ڪتاب جيڪو نسبنامن موجب لکيل آهي، تنهن ۾ رحبعام جي بادشاهيءَ جا ٻيا واقعا، شروع کان آخر تائين، سمعياہ نبيءَ ۽ عدو غيبدان جي لکت ۾ آهن. رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگيون جھيڙا ٿيندا رهيا. 16 رحبعام وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس جاءِ تي سندس پٽ ابياہ بادشاهہ بڻيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society