Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تواريخ 1 - Muslim Sindhi Bible


خدا جو سليمان کي ڏاهپ عطا ڪرڻ
( 1.بادشاهَہ 3‏:1‏-15 )

1 سليمان ولد دائود جا هٿ بادشاهت تي مضبوط ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا ساڻس گڏ هو، جنهن سندس مان مٿاهون ڪيو.

2 هڪ ڏينهن سليمان بادشاهہ لشڪر جي سون ۽ هزارن جي دستن جي سالارن، رهبرن ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن ۽ گھراڻن جي وڏن کي حڪم ڏيئي چيو تہ

3 ”اوهين سڀ مون سان گڏجي جِبعون واري مقدس هنڌ ڏانهن هلو.“ هو اوڏانهن ان ڪري ويا جو اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو لڳل هو، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ ٺاهيو هو.

4 پر عهد واري صندوق يروشلم ۾ هڪڙي تنبوءَ ۾ رکيل هئي، جيڪو سليمان جي پيءُ دائود تڏهن کوڙيو هو جڏهن اها صندوق قريت‌يعريم مان آندي هئائين.

5 پتل جي ٺهيل اها قربان‌گاهہ، جيڪا بصلي‌ايل ولد اوري ولد حور ٺهرائي هئي، سا پڻ جِبعون ۾ مقدس خيمي جي اڳيان رکيل هئي. سو سليمان سڀني ماڻهن سميت اوڏانهن عبادت ڪرڻ لاءِ ويو

6 ۽ انهيءَ پتل جي قربان‌گاهہ تي خداوند جي حضور ۾ هڪ هزار ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيائين.

7 انهيءَ ئي رات خدا سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھر تہ اهو آءٌ تو کي ڏيان.“

8 سليمان خدا کي ورندي ڏني تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود تي وڏي مهرباني ڪئي هئي ۽ مون کي انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو اٿيئي.

9 هاڻ اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو برقرار رهي، ڇو تہ تو مون کي هڪڙي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ بڻايو آهي جيڪا شمار ۾ واريءَ جي ذرڙن کان بہ وڌيڪ آهي.

10 سو هاڻي مون کي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪر تہ جيئن آءٌ صحيح نموني انهن جي اڳواڻي ڪري سگھان، نہ تہ تنهنجي هيڏي ساري قوم جي مٿان آءٌ ڪيئن انصاف سان حڪمراني ڪري سگھندس؟“

11 تڏهن خدا سليمان کي چيو تہ ”جيئن تہ اها ئي تنهنجي دلي خواهش هئي ۽ تو نہ مال، نہ دولت ۽ نہ عزت گھري آهي ۽ نہ ئي وري پنهنجي دشمنن جي لاءِ موت گھريو اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گھري اٿيئي، بلڪ ڏاهپ ۽ علم گھريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي جنهن قوم تي مون تو کي بادشاهہ بڻايو آهي تنهن تي انصاف سان حڪمراني ڪري سگھين.

12 سو ڏاهپ ۽ علم تہ آءٌ تو کي عطا ڪريان ٿو، بلڪ انهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ تو کي مال، دولت ۽ عزت اهڙي عطا ڪندس جهڙي نہ تو کان اڳي وارن بادشاهن مان ڪنهن کي ملي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.“


سليمان بادشاهہ جي طاقت ۽ دولت
( 1.بادشاهَہ 10‏:26‏-29 )

13 پوءِ سليمان جِبعون واري مقدس هنڌ، جتي خدا سان ملاقات وارو خيمو هو، اتان موٽي يروشلم ۾ آيو. اتان ئي هو بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪندو رهيو.

14 وٽس هڪ هزار چار سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا.

15 سندس بادشاهيءَ دوران يروشلم ۾ چاندي ۽ سون پٿرن وانگر عام ٿي ويا ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.

16 سليمان جي لاءِ مصر ۽ ڪيوُ مان گھوڙا آندا ويندا هئا. شاهي سوداگر اهي مقرر ڪيل قيمت تي خريد ڪري آڻيندا هئا.

17 هو مصر مان في جنگي گھوڙي گاڏي ڇهہ سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ ۽ في گھوڙو ڏيڍ سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ خريد ڪري آڻيندا هئا. هو اهي گاڏيون ۽ گھوڙا حتين ۽ ارام جي بادشاهن کي پڻ برآمد ڪندا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan