1.تيمٿيس 6 - Muslim Sindhi Bible(ايمان وارن غلامن کي نصيحت) 1 جيڪي ايمان وارا غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. 2 جن ايمان وارن غلامن جا مالڪ بہ ايمان وارا آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جي گھڻي عزت ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا همايمان ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر خدمت ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن خدمت جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا همايمان ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر. ڪُوڙي تعليم ۽ دولت جي لالچ 3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي 4 تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙا، گلاخوري ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون. 5 عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻبڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا. 6 بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي، 7 ڇاڪاڻ تہ اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آهي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون. 8 سو جيڪڏهن اسان وٽ رڳو خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آهي تہ انهيءَ تي ئي راضي رهون. 9 پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بيوقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. 10 ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون. تيمٿيس کي تاڪيد ڪرڻ 11 پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ. 12 تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو. 13 آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي 14 تون اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين انهيءَ حڪم تي بيداغ ۽ بيالزام رهي عمل ڪر. 15 خدا پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي خدا مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آهي ۽ جيڪو بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي. 16 رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين. 17 جيڪي همايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بيبقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون. 18 انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن. 19 انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙي زندگي هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪا حقيقي آهي. 20 اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ علم کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي علم چوڻ ئي غلط آهي. 21 ڪي ماڻهو اهڙي علم جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري ايمان کان ڀٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society