Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تيمٿيس 3 - Muslim Sindhi Bible


ڪليسيا جو نگهبان ٿيڻ لاءِ شرط

1 اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو ڪليسيا ۾ نگهبان جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.

2 تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.

3 هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.

4 هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي.

5 ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟

6 هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي.

7 انهيءَ کان علاوہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ملامت هيٺ اچي ۽ ابليس جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


ڪليسيا جو خدمتگار ٿيڻ لاءِ شرط

8 ساڳيءَ طرح ڪليسيا جا خدمتگار بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.

9 اهي ايمان وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.

10 هي بہ ضروري آهي تہ پهريائين انهن کي پرکيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خدمتگار طور ڪم ڪن.

11 ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.

12 هر هڪ خدمتگار پنهنجي زال سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي.

13 سو جيڪي خدمتگار چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.


ڪليسيا لاءِ هدايتن جا سبب ( 3‏:14‏–4‏:16 ) (خدا جو گھراڻو سچ جو ٿنڀو)

14 مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان

15 جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ خدا جو گھراڻو جيڪو جيئري خدا جي ڪليسيا ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.

16 انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan