1.تيمٿيس 2 - Muslim Sindhi Bibleعبادت بابت هدايتون 1 هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، التجائون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن. 2 خاص ڪري بادشاهن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذاريون. 3 اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آهي. 4 هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. 5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو خدا هڪڙو ئي آهي ۽ خدا ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آهي. 6 هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي. 7 انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. 8 منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن. 9 منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ عورتون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان، 10 بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن عورتن کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين. 11 عورتن کي گھرجي تہ خاموش رهندي پوري تابعداريءَ سان تعليم حاصل ڪن. 12 آءٌ اجازت نہ ٿو ڏيان تہ عورتون مردن کي تعليم ڏين يا مٿن حڪم هلائين، بلڪ اهي خاموش رهن. 13 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پهريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا. 14 اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني عورت ٺڳجي ويئي ۽ خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين. 15 تنهن هوندي بہ عورت ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society