Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ٿسلونيڪين 5 - Muslim Sindhi Bible


خداوند عيسيٰ جي اچڻ لاءِ سجاڳ رهو

1 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اهو سڀ ڪجھہ ٿيڻ واري وقت ۽ زماني جي باري ۾ اسان کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانهي،

2 ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.

3 جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.

4 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو جو اهو ڏينهن چور وانگر اوچتو اوهان مٿان اچي پوي.

5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو تعلق آهي. هائو، اسان ايمان وارن جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونهي،

6-7 ڇاڪاڻ تہ ماڻهو رات جو ئي سمهن ٿا ۽ رات جو ئي مئي پي نشي ۾ چور ٿا ٿين. سو اسين انهن رات وارن وانگر سمهي نہ رهون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ هوشيار رهون.

8 هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي ايمان ۽ محبت جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي ڇوٽڪاري جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،

9 ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي غضب سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.

10 هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيئرا هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئرا رهون.

11 تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.


وڌيڪ هدايتون

12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ اوهين انهن جو قدر ڪريو جيڪي اوهان منجھہ محنت ڪن ٿا ۽ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي نصيحت ٿا ڪن.

13 هائو، سندن انهيءَ خدمت جي ڪري پيار سان کين وڏي عزت ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.

14 انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.

15 خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.

16 هر وقت خوش رهو.

17 سدائين دعا گھرندا رهو.

18 هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.

19 پاڪ روح جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.

20 جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي خدا جو پيغام آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو.

21 سڀني ڳالهين کي پرکيو، جيڪا چڱي هجي تنهن کي اختيار ڪريو

22 ۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


آخر ۾ دعا سلام

23 شل سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان کي مڪمل طور پاڪ ڪري. شل هو اوهان جي روح، جان ۽ بدن کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

24 اوهان کي سڏڻ وارو سچو آهي ۽ هو ائين ئي ڪندو.

25 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.

26 سڀني ايمان وارن کي اسان جي طرفان پيار ڀريا سلام ڏجو.

27 آءٌ خداوند عيسيٰ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني ايمان وارن اڳيان پڙهيو وڃي.

28 شل اوهان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ٿيندو رهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan