Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ٿسلونيڪين 3 - Muslim Sindhi Bible

1 تنهنڪري جڏهن اسين اوهان کان جدا رهڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏهن اسان بهتر سمجھيو تہ اٿينس شهر ۾ ڀلي اڪيلا رهجي وڃون،

2 پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ خدا جو خادم آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،

3 تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين ايمان وارا ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون.

4 ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان ايمان وارن کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.

5 اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي ايمان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.


تيمٿيس جو تسلي بخش احوال

6 پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.

7 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنهنجي تنگيءَ ۽ مصيبتن ۾ بہ اوهان جي ايمان جي ڪري اوهان بابت تسلي ٿي،

8 ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ تي اوهان جي ايمان قائم رهڻ سان ئي اسان جي بدن ۾ ساهہ آهي.

9 اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي خدا جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪريون!

10 اسين رات ڏينهن دل وَ جان سان دعا گھرندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.

11 شل اسان جو خدا پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون.

12 جيئن اسان کي اوهان سان بيحد محبت آهي، تيئن خداوند عيسيٰ شل اوهان جي محبت بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻي وڌائيندو رهي.

13 ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan