1.سموئيل 9 - Muslim Sindhi Bibleسائول ۽ سموئيل جي ملاقات 1 بنيامين قبيلي ۾ هڪڙو وڏو اثررسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس بن ابيايل بن صرور بن بڪورت بن افيخ هو. 2 کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا. 3 هڪ ڏينهن سائول جي پيءُ قيس جا ڪجھہ گڏهہ گم ٿي ويا. سو قيس پنهنجي پٽ سائول کي چيو تہ ”اُٿ، هڪڙو نوڪر پاڻ سان وٺي وڃي گڏهہ ڳولِ.“ 4 تڏهن اهي افرائيم جي ڪوهستان مان ٿيندا سليسہ جي علائقي مان لنگھيا، پر گڏهہ نہ لڌائون. پوءِ هو سعليم جي علائقي مان لنگھيا، پر اتي بہ گڏهہ نہ ملين. تنهن کان پوءِ هو بنيامين جي علائقي مان لنگھيا، اتي بہ گڏهہ ڪونہ لڌن. 5 جڏهن هو صوف جي علائقي ۾ آيا تڏهن سائول نوڪر کي چيو تہ ”هاڻي اچ تہ موٽي هلون، متان بابو گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي اسان جي ڳڻتيءَ ۾ نہ پوي.“ 6 پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“ 7 تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”ڀلا جيڪڏهن اسين وٽس هلون تہ انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ ڇا کڻي هلون؟ اسان جي هڙ مان تہ ماني بہ ختم ٿي ويئي آهي، نہ ئي وري اسان وٽ ڪا اهڙي سوکڙي آهي جا انهيءَ خدا جي ٻانهي کي ڏيون. ڇا اسان وٽ ڪجھہ آهي؟“ 8 تڏهن نوڪر سائول کي ورندي ڏني تہ ”سائين، مون وٽ ٽي گرام چانديءَ جو هڪ ننڍو سڪو آهي. اهو کڻي آءٌ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي ڏيندس تہ جيئن هو اسان کي ڪو رستو ٻڌائي.“ 9-11 تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو. 12-13 ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربانگاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربانگاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“ 14 تڏهن هو ٻئي مٿي شهر ڏانهن چڙهي ويا. جيئن ئي هو شهر ۾ داخل ٿيا، تيئن ئي سموئيل کي پنهنجي سامهون ايندو ڏٺائون، جيڪو ٽڪر واري قربانگاهہ ڏانهن وڃي رهيو هو. 15 جڏهن تہ سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل تي ظاهر ڪري ڇڏيو هو تہ 16 ”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“ 17 سو سموئيل جڏهن سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند کيس چيو تہ ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جو مون تو سان ذڪر ڪيو هو. اهو ئي ماڻهو منهنجيءَ قوم تي حڪمراني ڪندو.“ 18 تڏهن سائول شهر جي ٻاهرين ئي در تي سموئيل جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ غيبدان جو گھر ڪٿي آهي؟“ 19-20 سموئيل کيس ورندي ڏني تہ ”اهو غيبدان آءٌ ئي آهيان. سو اوهين منهنجي اڳيان ٿي هن ٽڪر واري قربانگاهہ ڏانهن چڙهندا هلو. اوهين اڄ مون سان گڏ ماني کائيندا. باقي تنهنجا گڏهہ جيڪي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو تون ڪو خيال نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي لڌا آهن. سڀاڻي صبح جو آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس ۽ جيڪي ٻيو ڪجھہ تنهنجي دل ۾ آهي سو آءٌ تو کي ٻڌائيندس. پر بني اسرائيل جي جيڪا اميد آهي سا ڪنهن ۾ پوري ٿيندي؟ اها تو ۾ ۽ تنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي ۾ پوري ٿيندي.“ 21 پر سائول ورندي ڏنس تہ ”ڇا آءٌ اسرائيل جي سڀ کان ننڍي قبيلي بنيامين جو ناهيان؟ پر منهنجو گھراڻو تہ بنيامين قبيلي جي ٻين سڀني گھراڻن کان بہ ننڍو آهي، پوءِ اوهان مون سان اهڙي ڳالهہ ڪيئن ٿا ڪريو؟“ 22 پوءِ سموئيل سائول ۽ سندس نوڪر کي وٺي مهمانن واريءَ جاءِ ۾ آيو. مهمان جيڪي اٽڪل ٽيهہ ڄڻا هئا، تن کان هن انهن کي مٿاهين جاءِ تي ويهاريو. 23 سموئيل بورچيءَ کي چيو تہ ”گوشت جو جيڪو ٽڪرو مون تو کي ڌار ڪري رکڻ لاءِ ڏنو هو سو کڻي اچ.“ 24 تڏهن بورچيءَ ران جو عمدو ٽڪرو ۽ جيڪي انهيءَ تي هو سو کڻي، آڻي سائول جي اڳيان رکيو. سموئيل چيو تہ ”ڏس، هي اهو ٽڪرو آهي جيڪو تنهنجي لاءِ رکيو ويو هو. اهو پنهنجي اڳيان رکي کاءُ، ڇاڪاڻ تہ مون اهو هن ئي مقرر ٿيل وقت تي تنهنجي کائڻ لاءِ اڳي ئي بچائي رکيو هو، تہ جيئن تون ٻين مدعو ڪيل ماڻهن سان گڏ ويهي کائين.“ سو انهيءَ ڏينهن سائول سموئيل سان گڏجي ماني کاڌي. 25 جڏهن هو انهيءَ ٽڪر واري قربانگاهہ کان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن سموئيل رات جي وقت گھر جي ڇت تي ويهي سائول سان گفتگو ڪيو. 26 صبح جو پرهہ ڦٽڻ مهل هو سجاگ ٿيا. تڏهن سموئيل سائول کي ڇت تي سڏ ڪري چيو تہ ”هلو، تہ آءٌ توهان کي اڳڀرو ڪري اچان.“ پوءِ هو اٿيا ۽ سموئيل سان گڏ ٻاهر نڪري ويا. 27 جڏهن هو لهي شهر کان ٻاهر اچي پهتا، تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ هو اسان کان ٿورو اڳتي هلي.“ تڏهن نوڪر ائين ئي ڪيو. پوءِ سموئيل وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تون ڪجھہ دير هتي بيهہ تہ آءٌ تو کي خدا جو پيغام ٻڌايان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society