Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 8 - Muslim Sindhi Bible


بادشاهہ مقرر ڪرڻ لاءِ سموئيل کي عرض

1 جڏهن سموئيل پوڙهو ٿي ويو تڏهن هن پنهنجي پٽن کي بني اسرائيل لاءِ جج طور مقرر ڪيو.

2 سندس پهريتي پٽ جو نالو يوئيل ۽ ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو. اهي ٻئي بيرسبع شهر ۾ جج هئا.

3 پر هن جا پٽ سندس راهہ تي نہ هليا، بلڪ هو لالچ ۾ پئجي گمراهہ ٿي ويا ۽ رشوتون وٺي بي‌انصافي ڪرڻ لڳا.

4 تڏهن بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ گڏ ٿي رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ آيا.

5 کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“

6 پر هنن جي انهيءَ ڳالهہ سموئيل کي رنج پهچايو جڏهن هنن چيو تہ ”اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر تہ اهو اسان جي اڳواڻي ڪري.“ تڏهن سموئيل خداوند کان دعا گھري.

7 خداوند سموئيل کي فرمايو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي بہ تو کي چون ٿا سو تون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هنن تو کي نہ، بلڪ مون کي رد ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ رهان.

8 جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هو مون کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهن. هنن جيڪي مون سان ڪيو آهي سو ئي هاڻي تو سان ڪري رهيا آهن.

9 تنهنڪري هاڻي تون انهن جي ڳالهہ مڃ، پر هنن کي پوريءَ طرح خبردار ڪري ڇڏ ۽ کين ٻڌائي ڇڏ تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.“

10 سو سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گھريو.

11 هن کين ٻڌايو تہ ”جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪمراني ڪندو، سو هن قسم جو هوندو جو هو اوهان جي اولاد مان ڪن کي پنهنجي لشڪر جي جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ، ڪن کي گھوڙن لاءِ نوڪر ڪري رکندو ۽ ڪي سندس گھوڙي گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا هلندا.

12 انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.

13 هو اوهان جي ڌيئرن کي عطر ٺاهڻ، کاڌو رڌڻ ۽ مانين پچائڻ جي ڪم تي لڳائيندو.

14 هو اوهان جون تمام ڀليون ٻنيون، اوهان جا انگورن جا باغ ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ اوهان کان کسي پنهنجي خدمتگارن کي ڏيئي ڇڏيندو.

15 هو اوهان جي اناج ۽ انگورن جي فصل جو ڏهون حصو وٺي پنهنجي عملدارن ۽ خدمتگارن کي ڏيندو.

16 هو اوهان جا ٻانها، ٻانهيون، چڱا ڍور ڍڳا ۽ اوهان جا گڏهہ کسي پنهنجي ڪم آڻيندو.

17 هو اوهان جي رڍن ٻڪرين جو ڏهون حصو وٺندو ۽ اوهين پاڻ سندس غلام ٿيندا.

18 تڏهن اوهين انهيءَ بادشاهہ جي ڪري، جنهن کي اوهان پنهنجي لاءِ چونڊيو هوندو دانهون ڪندا. پر انهيءَ ڏينهن خداوند اوهان جي ڪين ٻڌندو.“

19 مگر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”هرگز نہ، بلڪ اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گھرجي.

20 پوءِ اسين بہ ٻين سڀني قومن جهڙا ٿينداسين. اسان جو بادشاهہ اسان جي اڳواڻي ڪندو، اسان جي اڳيان ٿي هلندو ۽ اسان جي طرفان جنگيون وڙهندو.“

21 سموئيل انهن ماڻهن جون سموريون ڳالهيون ٻڌي اهي خداوند جي حضور ۾ پهچايون.

22 تڏهن خداوند سموئيل کي فرمايو تہ ”تون هنن جو عرض قبول ڪر ۽ کين هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي.“ پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏانهن موٽي وڃو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan