1.سموئيل 6 - Muslim Sindhi Bibleعهد واري صندوق جي واپسي 1 سو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کي فلستين جي ملڪ ۾ رهندي ست مهينا گذريا، 2 تڏهن فلستين پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ نجومين کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”خداوند جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهيءَ کي سندس جاءِ تي ڪيئن پهچايون؟“ 3 هنن چين تہ ”جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق موڪليو ٿا تہ اها خالي نہ موڪلجو، بلڪ ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني سميت موٽائي موڪلجو. تڏهن ئي اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا ۽ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ هن جو ڳرو هٿ اوهان تان ڇو نہ پئي کڄيو.“ 4 فلستين کانئن پڇيو تہ ”اسين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ ڪهڙو نذرانو ڏيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”فلستين جي سردارن جي تعداد موجب پنج سون مان ٺهيل ڳوڙهيون ۽ پنج سون مان ٺهيل ڪوئا موڪليو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي ۽ اوهان جا سردار انهيءَ هڪڙيءَ ئي آفت ۾ ڦاٿل آهيو. 5 سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري. 6 اوهين ڇو پنهنجيون دليون سخت ٿا ڪريو، جيئن مصرين ۽ فرعون پنهنجيون دليون سخت ڪيون هيون؟ پوءِ جڏهن خدا انهن تي پنهنجيون آفتون نازل ڪيون تڏهن ڇا هنن انهيءَ قوم کي وڃڻ نہ ڏنو؟ ڇا اهي هليا نہ ويا؟ 7 تنهنڪري هاڻي اوهين هڪڙي نئين گاڏي تيار ڪريو، جنهن ۾ کير ڏيندڙ اهڙيون ٻہ ڳئون جوٽيو جن جي ڳچيءَ ۾ اڃا پاڃاري ڪين پيئي هجي. انهن ڳئن جي ڦرن کي گھر ۾ آڻي بند ڪريو. 8 خداوند جي عهد واري صندوق کڻي آڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو ۽ سون جون جيڪي شيون اوهين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور خدا کي ڏيو ٿا سي هڪڙي پيتيءَ ۾ وجھي انهيءَ جي ڀرسان آڻي رکو. پوءِ انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو تہ ڀلي وڃي. 9 ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيتشمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“ 10 سو ماڻهن ائين ئي ڪيو جو کير ڏيندڙ ٻہ ڳئون هٿ ڪري گاڏيءَ ۾ جوٽيائون ۽ انهن جا ڦر گھر ۾ بند ڪري ڇڏيائون. 11 هنن خداوند جي عهد واري صندوق سان گڏ اها پيتي بہ گاڏيءَ ۾ رکي، جنهن ۾ ڪوئن ۽ سندن بيماريءَ وارين ڳوڙهين جا سون مان ٺهيل مجسما رکيل هئا. 12 تڏهن اهي ڳئون سنئون سڌو رستو وٺي بيتشمس ڏانهن هليون. اهي شاهي رستي سان رنڀنديون ٿي ويون ۽ نہ ساڄي پاسي ڦريون نہ وري کاٻي پاسي. فلستين جا سردار انهن جي پٺيان بيتشمس جي سرحد تائين ويا. 13 بيتشمس جي ماڻهن ماٿريءَ ۾ ڪڻڪ جو لابارو پئي ڪيو، تہ اکيون کڻي ڇا ڏسن تہ کين عهد واري صندوق نظر آئي. اها ڏسي هو نهايت خوش ٿيا. 14 گاڏي بيتشمس شهر ۾ رهندڙ هڪڙي شخص يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو. ماڻهن ڪاٺ جي اها گاڏي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ۽ ڳئن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيائون. 15 لاوين خداوند جي عهد واري صندوق ۽ ان سان گڏ رکيل اها پيتي بہ هيٺ لاٿي، جنهن ۾ سون جون شيون پيل هيون. هنن اُهي انهيءَ وڏي پٿر تي کڻي رکيون. پوءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن بيتشمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون قربانيون پيش ڪيون. 16 فلستين جي پنجن ئي سردارن کين اهو سڀ ڪندي ڏٺو ۽ پوءِ هو انهيءَ ساڳئي ڏينهن عقرون ڏانهن موٽي ويا. 17 فلستين سون مان ٺهيل جيڪي پنج ڳوڙهيون خداوند جي ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور موڪليون هيون، سي پنجن شهرن يعني اشدود، غزہ، اسقلون، جات ۽ عقرون جي لاءِ هڪڙي هڪڙي ڪري موڪلي هئائون. 18 هنن پنهنجي انهن ڪوٽ وارن شهرن جي تعداد جيترا سون مان ٺهيل ڪوئا پڻ موڪليا هئا. اهي سڀيئي شهر ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن سميت انهن پنجن ئي سردارن جي ملڪيت هئا. انهيءَ ڳالهہ جي شاهديءَ طور اهو وڏو پٿر جنهن تي خداوند جي عهد واري صندوق رکي ويئي هئي، سو اڄ ڏينهن تائين بيتشمس جي رهاڪو يشوع جي ٻنيءَ ۾ موجود آهي. عهد واري صندوق قريتيعريم ۾ 19 خداوند بيتشمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو. 20 تڏهن بيتشمس جا ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي آڏو بيهي سگھندو؟ اسين پاڻ وٽان کيس ڪيڏانهن ٿا موڪلي سگھون؟“ 21 سو هنن قريتيعريم جي رهاڪن ڏانهن قاصد موڪلي چوايو تہ ”فلستي خداوند جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي آيا آهن. تنهنڪري اوهين اچو ۽ اها پاڻ وٽ کڻي وڃو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society