1.سموئيل 31 - Muslim Sindhi Bibleسائول ۽ سندس پٽن جو موت ( 1.تواريخ 10:1-12 ) 1 هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا. 2 فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون. 3 ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون. 4 تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، انهيءَ لاءِ تہ متان اڻطهريل اچي مون کي قتل ڪن ۽ مون کي بيعزت ڪن.“ پر هن جي هٿياربردار ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي. تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي تلوار کنئي ۽ انهيءَ تي ئي ڪري پيو. 5 جڏهن سائول جي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار تي ڪري پيو ۽ ساڻس گڏ مري ويو. 6 اهڙيءَ طرح سائول، سندس ٽي پٽ، سندس هٿياربردار ۽ سندس سڀيئي ماڻهو ساڳئي ئي ڏينهن گڏ مئا. 7 بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو يزرعيل ماٿريءَ جي ٻئي طرف ۽ جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر طرف رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو بہ پنهنجا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. پوءِ فلستي اچي انهن تي قبضو ڪري رهڻ لڳا. 8 ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن کي لٽڻ لاءِ آيا، تہ هنن جِلبوعہ جبل تي سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش ڏٺا. 9 تڏهن هنن سائول جي سسي وڍي ڌار ڪئي ۽ سندس بدن تان زرهہ بہ لاٿائونس. پوءِ هنن پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن قاصدن کي موڪليو، تہ جيئن اهي سندن بتخانن ۾ ۽ ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين. 10 هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيتشان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون. 11 جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڪهڙي حالت ڪئي آهي، 12 تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيتشان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون. 13 پوءِ انهن جون هڏيون کڻي يبيس شهر ۾ هڪڙي لئي جي وڻ هيٺ دفن ڪري ڇڏيائون ۽ ستن ڏينهن تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society