Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 3 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو سيلا شهر ۾ سموئيل کي سڏڻ

1 جن ڏينهن ۾ اهو ڇوڪرو سموئيل عيليءَ جي هدايت هيٺ خداوند جي خدمت ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ خداوند جو فرمان اڻ‌لڀ هو ۽ رويا اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي.

2 هڪڙيءَ رات عيلي جنهن جي نظر هاڻي تمام گھٽجي ويئي هئي، سو پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو هو.

3 خداوند جو مقدس خيمو، جتي خدا جي عهد واري صندوق رکيل هئي، تنهن ۾ سموئيل پڻ ستو پيو هو. اڃا خدا جو ڏيئو وسايو ئي نہ ويو هو،

4 تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو. هن وراڻيو تہ ”اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“

5 پوءِ هو ڊوڙي عيليءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تنهن تي عيليءَ چيس تہ ”مون تہ تو کي ڪونہ سڏيو. وڃ ۽ وڃي سمهي رهہ.“ سو هو وري وڃي ليٽيو.

6-7 خداوند وري کيس سڏ ڪيو تہ ”اي سموئيل!“ جيئن تہ سموئيل خداوند کي اڃا ڪين سڃاڻيندو هو ۽ نہ وري خداوند جو فرمان اڃا مٿس ظاهر ٿيو هو، سو هو اُٿي وري عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تڏهن عيليءَ ورندي ڏنس تہ ”منهنجا پٽ! مون تو کي ڪونہ سڏيو. موٽي وڃي سمهي رهہ.“

8 خداوند وري ٽيون ڀيرو سموئيل کي سڏ ڪيو. هو وري بہ اُٿي عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تڏهن عيليءَ سهي ڪيو تہ خداوند ئي هن ڇوڪر کي سڏي رهيو آهي.

9 تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ ”وڃي سمهي رهہ. جيڪڏهن هو تو کي وري سڏي تہ چئجانءِ تہ ’اي خداوند! حڪم ڪر، تنهنجو ٻانهو ٻڌي رهيو آهي.‘“ تڏهن سموئيل وڃي پنهنجيءَ جاءِ تي ليٽي پيو.

10 پوءِ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳي وانگر سڏ ڪري چيائينس تہ ”سموئيل! اي سموئيل!“ تنهن تي سموئيل ورندي ڏنس تہ ”حڪم ڪر، تنهنجو ٻانهو ٻڌي رهيو آهي.“

11 تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”آءٌ بني اسرائيل ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جنهن کي جيڪو بہ ٻڌندو تنهن جا ڪن وڄي ويندا.

12 انهيءَ ڏينهن آءٌ عيليءَ جي گھراڻي بابت پنهنجين سمورين چيل ڳالهين کي شروع کان وٺي آخر تائين عمل ۾ آڻيندس.

13 مون کيس اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ آءٌ سندس پٽن جي بدڪاري، جنهن جي کيس خبر هئي پر هن کين انهيءَ کان ڪين روڪيو، تنهن جي ڪري سندس گھراڻي کي هميشہ جي لاءِ سزا ڏيڻ وارو آهيان. سندس پٽن منهنجي غضب کي پنهنجو پاڻ سڏيو آهي.

14 تنهنڪري ئي عيليءَ جي گھراڻي بابت مون قسم کنيو تہ عيليءَ جي گھراڻي جي بدڪاريءَ جو ڪفارو قربانين يا نذرانن وسيلي ڪڏهن بہ قبول نہ پوندو.“

15 سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،

16 پر عيليءَ کيس سڏي چيو تہ ”اي سموئيل! منهنجا پٽ!“ سموئيل وراڻيس تہ ”اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“

17 عيليءَ پڇيس تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جا خداوند تو کي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن خدا جي چيل انهن سڀني ڳالهين مان ڪابہ مون کان لڪائيندين تہ خدا شل تو سان سختيءَ وارو سلوڪ ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

18 تڏهن سموئيل هن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو ۽ کانئس ڪجھہ بہ نہ لڪايائين. تنهن تي عيليءَ چيو تہ ”هو خداوند آهي ۽ جيڪي هن جي نظر ۾ چڱو لڳي سو هو ڀلي ڪري.“

19 سموئيل وڏو ٿيندو رهيو ۽ جيئن تہ خداوند ساڻس گڏ هو، سو هن جي چيل ڪابہ ڳالهہ مٽيءَ ۾ ملڻ نہ ڏنائين.

20 تنهنڪري سڄي بني اسرائيل کي، دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.

21 خداوند سيلا شهر ۾ ڳالهائڻ جي وسيلي پنهنجو پاڻ کي سموئيل تي ظاهر ڪندو رهيو. سموئيل جون اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن تائين وڃي پهتيون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan