1.سموئيل 29 - Muslim Sindhi Bibleفلستين جو دائود کي نہ قبولڻ 1 فلستين پنهنجا سمورا لشڪر آڻي افيق شهر وٽ گڏ ڪيا، جڏهن تہ بني اسرائيل پنهنجا خيما يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ چشمي وٽ کوڙيا هئا. 2 جڏهن فلستين جا پنج ئي سردار پنهنجن سون ۽ هزارن جي ٽولن سان وڌي اڳتي هليا ۽ دائود پنهنجي ماڻهن سميت اڪيس بادشاهہ سان گڏ انهن جي پٺيان هليو، 3 تڏهن فلستي لشڪرن جي سالارن چيو تہ ”هي عبراني هتي ڇو آيا آهن؟“ اڪيس کين وراڻيو تہ ”ڇا هي بني اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو اعليٰ عملدار دائود نہ آهي، جيڪو مون سان هيترا ڏينهن بلڪ هيترا سال گڏ رهيو آهي؟ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي.“ 4 پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟ 5 ڇا هي اهو ئي دائود ناهي، جنهن بابت نچندي ڳائيندي چيو ويو هو تہ ’سائول تہ ماريو هزارن کي پر دائود ماريو لکن کي‘؟“ 6 تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ تون وفادار ماڻهو آهين ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان گڏجي هلڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو هئين، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ سالار تو مان راضي نہ آهن. 7 تنهنڪري هاڻي تون سلامتيءَ سان موٽي هليو وڃ ۽ ڪابہ اهڙي ڳالهہ نہ ڪر جنهن سان فلستين جا سالار ناراض ٿين.“ 8 تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ جيترو وقت آءٌ توهان وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين توهان پنهنجي هن ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي جو آءٌ پنهنجي آقا، توهان بادشاهہ جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃان؟“ 9 اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي فرشتن جهڙو نيڪ آهين. مگر فلستين جي سالارن چيو آهي تہ تون اسان سان جنگ تي نہ هل. 10 تنهنڪري هاڻي تون ۽ تنهنجي آقا سائول جا نوڪر، جيڪي تو سان گڏ آيا هئا سي صبح جو اُٿي سوجھري ٿيڻ مهل روانا ٿي وڃو.“ 11 سو دائود پنهنجي ماڻهن سميت فلستين جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ صبح جو سوير اٿيو ۽ فلستي يزرعيل جي ماٿريءَ ڏانهن روانا ٿي ويا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society