Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 28 - Muslim Sindhi Bible


سائول ۽ عين‌دور ڳوٺ جي هڪ عورت

1 ڪجھہ عرصي کان پوءِ فلستين بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. تڏهن اڪيس دائود کي چيو تہ ”تو کي ۽ تنهنجي ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر سان هلڻو پوندو.“

2 دائود ورندي ڏيئي چيس تہ ”ضرور، هاڻي اوهان کي معلوم ٿيندو تہ اوهان جو ٻانهو اوهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھي.“ تنهن تي اڪيس دائود کي چيو تہ ”پوءِ تہ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو محافظ مقرر ڪندس.“

3 انهيءَ عرصي دوران سموئيل وفات ڪري چڪو هو ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سندس لاءِ سوڳ ڪندي کيس سندس ئي شهر رامہ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو. ان وچ ۾ سائول سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ملڪ مان ختم ڪرائي ڇڏيو هو.

4 پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.

5 سائول جڏهن فلستين جو لشڪر ڏٺو، تہ اچي ڊنو ۽ سندس دل تمام گھڻو ڏڪڻ لڳي.

6 سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.

7 تڏهن سائول پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”مون کي اهڙي عورت ڳولي ڏيو جيڪا مئلن جي روحن سان ڳالهائيندي هجي، تہ آءٌ وٽس وڃي کانئس پڇاڳاڇا ڪريان.“ سندس عملدارن ٻڌايس تہ ”عين‌دور ڳوٺ ۾ هڪڙي اهڙي عورت آهي.“

8 سو سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا پاتا ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهيءَ عورت وٽ اچي پهتو. کيس چيائين تہ ”تون روحن جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي ۽ جنهن جو آءٌ نالو وٺان تنهن جي روح کي مون وٽ هتي گھرائي وٺ.“

9 تڏهن انهيءَ عورت چيس تہ ”ڏس، تو کي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ ڪيئن نہ سائول بادشاهہ سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڇو تون منهنجي مارائڻ لاءِ هيءَ ڦاهي پيو وجھين؟“

10 تڏهن سائول قسم کڻي چيس تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ انهيءَ ڪم جي ڪري تو کي ڪابہ سزا نہ ملندي.“

11 تنهن تي انهيءَ عورت پڇيس تہ ”ڪنهن جي روح کي تو وٽ گھرايان؟“ سائول چيس تہ ”سموئيل جي روح کي.“

12 جڏهن انهيءَ عورت سموئيل کي ڏٺو، تڏهن وڏي آواز سان رڙ ڪري سائول کي چيائين تہ ”تون تہ سائول بادشاهہ آهين! پوءِ تو مون سان ڇو دوکو ڪيو آهي؟“

13 بادشاهہ هن کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، بلڪ ٻڌاءِ تہ تون ڇا ڏسي رهي آهين؟“ تڏهن انهيءَ عورت سائول کي ٻڌايو تہ ”آءٌ هڪڙي روح کي زمين منجھان نڪري مٿي ايندي ڏسي رهي آهيان.“

14 سائول پڇيس تہ ”اهو ڪهڙيءَ شڪل جو آهي؟“ عورت وراڻيس تہ ”اهو هڪڙو پوڙهو ماڻهو آهي جو مٿي چڙهندو پيو اچي، کيس هڪڙو جبو پيل آهي.“ تڏهن سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي. سو هن زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏني.

15 تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“

16 سموئيل چيس تہ ”مون کان ڇو ٿو پڇين، جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ خداوند تو کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ تنهنجو دشمن بڻجي ويو آهي؟

17 خداوند تو سان اهو ئي ڪجھہ ڪيو آهي، جيڪو هن منهنجي معرفت چيو هو. خداوند تو کان بادشاهي کسي تنهنجي ويجھي ساٿي دائود کي ڏيئي ڇڏي آهي.

18 جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو هو ۽ عماليقين کي سندس ڪاوڙ موجب پوريءَ طرح برباد نہ ڪيو هو، تنهنڪري ئي خداوند اڄ تو سان ائين ڪيو آهي.

19 تنهن کان سواءِ خداوند بني اسرائيل کي بہ تو سان گڏ فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان گڏ قبرستان ۾ هوندا. خداوند بني اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“

20 تڏهن سائول سموئيل جي ڳالهين کان ڏاڍو ڊنو ۽ هڪدم زمين تي ڊگھو ٿي ڪري پيو. منجھس ڪابہ طاقت ڪانہ رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ هن سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ماني اصل نہ کاڌي هئي.

21 پوءِ اها عورت سائول وٽ آئي ۽ کيس بيحد پريشان ڏسي چيائينس تہ ”ڏسو، توهان جي ٻانهيءَ توهان جي ڳالهہ مڃي آهي. مون پنهنجو ساهہ تريءَ تي رکي اوهان جو چوڻ مڃيو آهي.

22 تنهنڪري توهان پنهنجي ٻانهيءَ جو عرض ٻڌو ۽ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ ڪجھہ ماني آڻي اوهان جي اڳيان رکان ۽ توهان اها کائو، انهيءَ لاءِ تہ توهان کي ڪا طاقت ملي تہ جيئن توهان سفر ڪري سگھو.“

23 پر هن انڪار ڪري چيو تہ ”آءٌ ڪين کائيندس.“ تڏهن سندس ساٿين انهيءَ عورت سان گڏجي کيس گھڻو زور ڀريو، تنهن کان پوءِ هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.

24 پوءِ انهيءَ عورت جھٽ‌پٽ ۾ هڪڙو ٿلهو متارو گابو جيڪو سندس گھر ۾ موجود هو سو ڪهائي ورتو ۽ اٽو ڳوهي انهيءَ مان بي‌خميري مانيون پچايائين.

25 پوءِ اهي کڻي آڻي سائول ۽ سندس ساٿين جي اڳيان رکيائين، جن اهو کاڌو. تنهن کان پوءِ هو ساڳيءَ ئي رات اتان روانا ٿي ويا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan