Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 27 - Muslim Sindhi Bible


دائود فلستين جي ملڪ ۾

1 پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“

2 تڏهن دائود پنهنجي ڇهہ سؤ ماڻهن سميت نڪري جات شهر جي بادشاهہ اڪيس ولد معوڪ وٽ آيو.

3 دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن سان اڪيس بادشاهہ وٽ جات شهر ۾ ئي رهڻ لڳا. دائود پنهنجي ٻنهي زالن، يعني يزرعيل شهر واري اخي‌نوعم ۽ ڪرمل شهر واري نابال جي بيوہ ابيجيل سان رهڻ لڳو.

4 سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود جات ڏانهن ڀڄي ويو آهي، تڏهن هن سندس پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏنو.

5 پوءِ دائود اڪيس کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مون کي ڪنهن ننڍي شهر ۾ جاءِ ڏيو تہ آءٌ اتي وڃي رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ٻانهو ڇو شاهي شهر ۾ توهان سان گڏ رهي؟“

6 تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن کيس صِقلاج شهر عطا ڪيو. اهو ئي سبب آهي تہ صِقلاج اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي بادشاهن جو شهر آهي.

7 دائود فلستين جي ملڪ ۾ ڪل هڪ سال ۽ چار مهينا رهيو.

8 انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.

9 دائود جڏهن بہ سندن علائقو فتح ڪندو هو تڏهن ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو. هو انهن جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ ۽ سندن ڪپڙا کڻي موٽي اڪيس وٽ ايندو هو.

10 پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.

11 دائود انهن مان ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان هو جات شهر ۾ وڃي سندس پول نہ پڌرا ڪن تہ دائود هيئن هيئن ڪيو آهي. دائود جيڪو بہ وقت فلستين ۾ رهيو، سو هو ائين ئي ڪندو رهيو.

12 پر اڪيس مٿس ڀروسو ڪندو هو ۽ دل ۾ سوچيندو هو تہ ”هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿي رهندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan