1.سموئيل 26 - Muslim Sindhi Bibleدائود جو سائول کي ٻيهر جيئدان ڏيڻ 1 پوءِ زيف شهر جا ڪي ماڻهو سائول وٽ جِبعت شهر ۾ آيا ۽ کيس ٻڌايائون تہ ”دائود حڪيلہ ٽڪر تي لڪو ويٺو آهي، جيڪو بيابان جي ڀرسان آهي.“ 2 تڏهن سائول بني اسرائيل جا ٽي هزار چونڊ ماڻهو ساڻ ڪري، دائود کي ڳولڻ لاءِ هڪدم زيف جي بيابان ڏانهن روانو ٿيو. 3 هن بيابان وارو رستو وٺي حڪيلہ جي ٽڪر تي اچي رستي جي ڀرسان پنهنجا خيما کوڙيا. دائود جيڪو اڃا تائين بيابان ۾ رهيل هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سائول سندس پيڇو ڪندي بيابان ۾ آيو آهي، 4 تڏهن هن جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي. 5 پوءِ دائود نڪري انهيءَ هنڌ آيو جتي سائول جا خيما لڳل هئا. هن اها جاءِ بہ ڏٺي جتي سائول ۽ سندس سپهہسالار ابنير ولد نير ستل هئا. سائول خيميگاهہ جي وچ واري جاءِ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس ماڻهو سندس چوڌاري وارن خيمن ۾ ستا پيا هئا. 6 تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابيشيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيميگاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابيشيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“ 7 سو انهيءَ رات دائود ۽ ابيشي سائول جي خيميگاهہ ۾ داخل ٿيا ۽ ڏٺائون تہ سائول خيمي اندر ستو پيو هو. سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کتو پيو هو. ابنير ۽ لشڪر جا ٻيا ماڻهو سندس چوڌاري ستا پيا هئا. 8 تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ ”خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ سندس ئي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان کيس ڌرتيءَ ۾ ٽُنبي ڇڏيان. آءٌ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.“ 9 پر دائود چيس تہ ”هن کي نہ مار، ڇاڪاڻ تہ ڪير آهي جيڪو خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کڻي ۽ پوءِ بہ بيگناهہ رهي؟“ 10 دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو. 11 پر خداوند ائين نہ ڪري جو آءٌ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کڻان. سو هاڻي سندس سيرانديءَ کان کتل اهو نيزو ۽ پاڻيءَ جي گھُگھي کڻ تہ هليا هلون.“ 12 پوءِ دائود اهو نيزو ۽ پاڻيءَ جي گھُگھي سائول جي سيرانديءَ کان کڻائي ورتي ۽ ٻيئي ڄڻا روانا ٿي ويا. کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي ۽ نہ وري ڪو جاڳيو ئي. هو سڀ ستا پيا هئا، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن سڀني تي گَهري ننڊ موڪلي هئي. 13 تڏهن دائود اتان ٻئي پاسي هليو ويو ۽ پري وڃي جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو تہ جيئن سندن وچ ۾ گھڻو مفاصلو رهي. 14 پوءِ دائود اتان سائول جي لشڪر ۽ ابنير ولد نير کي واڪو ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي ابنير! منهنجي ڳالهہ ٻڌ ۽ ان جو جواب ڏي.“ ابنير ورندي ڏيئي پڇيس تہ ”تون آهين ڪير، جيڪو بادشاهہ کي واڪا ڪري ٿو جاڳائين؟“ 15 تڏهن دائود ابنير کي چيو تہ ”ڇا تون بهادر مرد نہ آهين؟ ڇا بني اسرائيل ۾ ڪو ٻيو بہ تو جهڙو آهي؟ تہ پوءِ تو ڇو پنهنجي آقا بادشاهہ جي حفاظت نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هينئر ئي ڪو ماڻهو تنهنجي آقا بادشاهہ کي مارڻ لاءِ اندر گھڙي آيو هو. 16 سو تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين سڀ موت جا حقدار آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا، خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي نگهباني نہ ڪئي آهي. هاڻي ڏسو، ڪٿي آهي بادشاهہ جو نيزو ۽ پاڻيءَ جي اها گھُگھي جا سندس سيرانديءَ کان رکيل هئي؟“ 17 ان وقت سائول دائود جو آواز سڃاڻي ورتو. سو چوڻ لڳس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو تنهنجو ئي آواز آهي؟“ دائود وراڻيس تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اهو منهنجو ئي آواز آهي.“ 18 دائود وڌيڪ چيس تہ ”اي منهنجا آقا! توهين ڇو پنهنجي ٻانهي جي پٺيان پيا آهيو؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجي هٿان ڪهڙو قصور ٿيو آهي؟ 19 سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘ 20 سو هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي وهايو وڃي. ڇو بني اسرائيل جو بادشاهہ مون جيتامڙي کي مارڻ لاءِ ائين نڪتو آهي، جيئن ڪو ماڻهو جبلن ۾ تترن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي؟“ 21 تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بيوقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“ 22 دائود ورندي ڏيئي چيس تہ ”اي بادشاهہ! هي آهي توهان جو نيزو، پنهنجي نوڪرن مان ڪنهن کي موڪليو تہ اچي کڻي وڃي. 23 خداوند پاڻيهي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو. خداوند اڄ تو کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي مون پنهنجو هٿ کڻڻ نہ گھريو. 24 اڄ جهڙيءَ طرح توهان جي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تهڙيءَ طرح شل منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي ۽ شل هو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.“ 25 تڏهن سائول دائود کي چيو تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! شل تون برڪت وارو هجين. تون وڏا وڏا ڪم ڪندين ۽ ضرور فتحياب ٿيندين.“ پوءِ دائود پنهنجو رستو وٺي هليو ويو ۽ سائول پنهنجي گھر ڏانهن موٽي آيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society