1.سموئيل 25 - Muslim Sindhi Bibleسموئيل جي وفات 1 سموئيل وفات ڪئي تہ سڄو بني اسرائيل اچي گڏ ٿيو ۽ هن لاءِ سوڳ ڪيائون. هنن سندس وطن رامہ شهر ۾ ئي کيس دفن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ دائود معون جي بيابان ڏانهن روانو ٿي ويو. دائود ۽ ابيجيل 2-3 اُتي ڪالب جي گھراڻي جو هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جنهن جو نالو نابال هو. نابال کي ڪرمل شهر جي آسپاس ۾ گھڻي ملڪيت هئي ۽ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. کيس ٽي هزار رڍون ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيون. نابال جي زال جو نالو ابيجيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي سمجھہ واري ۽ خوبصورت عورت هئي. پر سندس مڙس نابال بدمزاج ۽ ڪميڻو هو. نابال جڏهن ڪرمل شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن پئي ڪتري. 4 دائود بيابان ۾ ٻڌو تہ نابال پنهنجي رڍن جي اُن پيو ڪتري. 5 سو دائود پنهنجا ڏهہ نوڪر ڪرمل شهر ڏانهن موڪليا ۽ کين چيائين تہ ”نابال کي وڃي منهنجي پاران سلام چئو. 6 کيس چئجو تہ ’شال تون، تنهنجو گھراڻو ۽ جيڪي بہ تو وٽ آهي سو سڀ سلامت هجي. 7 مون ٻڌو آهي تہ هي ڏينهن تنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ جا آهن. تنهنجا ڌنار اسان وٽ رهي ويا آهن ۽ اسان انهن کي ڪوبہ نقصان نہ پهچايو هو. اهي جيترو وقت بہ ڪرمل جي آسپاس ۾ هئا اوتري وقت تائين سندن ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي. 8 تون انهن کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا. تنهنڪري منهنجا هي نوڪر تو وٽ مان لهن، ڇو تہ اسين سٺن ڏينهن ۾ تو وٽ آيا آهيون. سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ تو وٽ ٿي سگھي سو پنهنجي ٻانهن ۽ مون پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.‘“ 9 دائود جا نوڪر اهو پيغام کڻي نابال وٽ آيا. هنن نابال کي دائود جون چيل سموريون ڳالهيون ٻڌايون ۽ پوءِ خاموش ٿي بيٺا. 10 تڏهن نابال دائود جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهو دائود ڪير ٿيندو آهي؟ اهو يسيءَ جو پٽ ڪير ٿيندو آهي؟ اڄڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن، جيڪي پنهنجن مالڪن وٽان ڀڄي ٿا نڪرن. 11 پوءِ ڇا آءٌ پنهنجي ماني، پاڻي ۽ جانورن جو گوشت، جيڪي مون پنهنجي اُن ڪترڻ وارن جي لاءِ گڏ ڪيا آهن، سي کڻي انهن ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيان جن کي آءٌ سڃاڻان بہ ڪونہ ٿو تہ ڪٿان جا آهن؟“ 12 تنهن تي دائود جا نوڪر پنهنجو رستو وٺي موٽي هليا ويا ۽ دائود وٽ پهچي کيس اهي سموريون ڳالهيون ٻڌايائون. 13 تڏهن دائود پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي.“ سو هر ڪنهن پنهنجي تلوار ٻڌي. دائود بہ پنهنجي تلوار کنئي. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو دائود سان گڏ روانا ٿيا ۽ ٻہ سؤ ماڻهو سامان وٽ رهي پيا. 14 هوڏانهن نابال جي نوڪرن مان هڪڙي نابال جي زال ابيجيل کي ٻڌايو تہ ”دائود بيابان مان اسان جي آقا ڏانهن سلام ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا هئا پر هن انهن جي بيعزتي ڪئي. 15 جڏهن تہ اهي ماڻهو اسان سان تمام چڱيءَ طرح هليا هئا ۽ اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچايو هئائون. جڏهن اسين بيابان ۾ هئاسين، تڏهن جيستائين اسان جو هنن سان گڏ گذران هو، تيستائين اسان جي ڪابہ شيءِ گم ڪين ٿي. 16 جيترو عرصو اسين انهن سان گڏ رڍون چاريندا رهياسون، اوتري عرصي ۾ هو رات توڙي ڏينهن اسان جي چوڌاري ڄڻ هڪڙي ڀت هئا. 17 تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“ 18 تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون. 19 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين منهنجي اڳيان هلو، آءٌ اوهان جي پٺيان ٿي هلان.“ انهيءَ بابت هن پنهنجي مڙس نابال کي ڪجھہ بہ نہ ٻڌايو. 20 جڏهن هوءَ پنهنجي گڏهہ تي سوار ٿي جبل جي اوٽ وٽ پهتي، تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو بہ ٻئي پاسي کان لهندا ٿي آيا ۽ اتي هو اوچتو هڪٻئي سان مليا. 21 ان کان اڳ دائود ڪاوڙ مان سوچي رهيو هو تہ ”مون اهڙي ماڻهوءَ جي سموري مال جي، بيابان ۾ اجايو سنڀال پئي ڪئي، ايتري قدر جو سندس ملڪيت مان ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي. پر هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي. 22 صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين آءٌ هن جا سڀيئي ماڻهو ماري ڇڏيندس ۽ ڪو هڪڙو ڇوڪرو بہ جيئرو نہ ڇڏيندس. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“ 23 جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين. 24 پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ ”اي منهنجا آقا! اهو ڏوهہ منهنجو ئي ليکيو وڃي. آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي ڪجھہ چوڻ جي اجازت ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌو. 25 آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو آقا هن خبيث ماڻهوءَ نابال ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏئي، ڇو تہ جهڙو سندس نالو آهي تهڙو ئي هو پاڻ احمق آهي. پر مون توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا جي موڪليل نوڪرن کي نہ ڏٺو هو. 26 پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي. 27 هاڻي هي نذرانو جيڪو توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ اوهين پنهنجي نوڪرن کي ڏيو. 28 آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي. 29 توڙي جو ڪو ماڻهو اُٿي توهان جو پيڇو ڪري ۽ توهان جي جان وٺڻ گھري، تڏهن بہ توهان جي جان خداوند توهان جي خدا جي مهربانيءَ سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندي، پر توهان جي دشمنن جي جانين کي هو ڄڻ کانڀاڻيءَ جي پيچ ۾ رکي پري اڇلائي ڇڏيندو. 30 جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو، 31 تڏهن اها ڳالهہ توهان جي لاءِ ڏک جو سبب نہ ٿيندي، نڪي اوهان جي دل کي رنج پهچائيندي تہ توهان بيسبب رت وهايو هو يا اوهان پنهنجو وير ورتو هو. سو جڏهن خداوند منهنجي آقا تي اها مهرباني ڪري، تڏهن پنهنجي هن ٻانهيءَ کي نہ وسارجو.“ 32 تڏهن دائود ابيجيل کي چيو تہ ”شل واکاڻ هجي انهيءَ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي، جنهن تو کي اڄ مون سان ملڻ لاءِ موڪليو آهي. 33 شل تنهنجي عقلمنديءَ جي ڪري تون برڪت واري هجين. تو اڄ مون کي خون جهڙي ڏوهہ کان ۽ پنهنجي هٿن سان وير وٺڻ کان بچايو آهي. 34 خداوند، بني اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن تو کي نقصان رسائڻ کان مون کي روڪيو آهي، تہ جيڪڏهن تون تڪڙ ڪري مون سان اچي نہ ملين ها تہ يقيناً صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين نابال وٽ هڪڙو ڇوڪر بہ جيئرو نہ بچي ها.“ 35 پوءِ جيڪي بہ ابيجيل آندو هو سو دائود قبول ڪيو ۽ چيائينس تہ ”سلامتيءَ سان پنهنجي گھر ڏانهن هلي وڃ. مون تنهنجي ڳالهہ مڃي ۽ تنهنجو عرض قبول ڪيو اٿم.“ 36 تنهن کان پوءِ ابيجيل موٽي نابال وٽ آئي ۽ ڏٺائين تہ هن پنهنجي گھر ۾ بادشاهي دعوت جهڙي هڪڙي دعوت ڪئي هئي. گھڻي مئي پيئڻ ڪري نشي سبب سندس دل سرور ۾ هئي. تنهنڪري هن صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين کيس ڪابہ ڳالهہ نہ ٻڌائي. 37 جڏهن صبح ٿيو ۽ نابال جو نشو لٿو تڏهن سندس زال کيس اُهي ڳالهيون ٻڌايون. اُهي ڳالهيون ٻڌندي ئي هن جي دل اندر ئي اندر وسامي ويئي ۽ کيس اڌرنگو ٿي پيو. 38 اٽڪل ڏهن ڏينهن کان پوءِ نابال تي خداوند جو غضب نازل ٿيو ۽ هو مري ويو. 39 جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي انهيءَ خداوند جي، جنهن نابال کان منهنجي بيعزتيءَ جو بدلو ورتو ۽ پنهنجي ٻانهي کي بديءَ کان بچايو. اٽلندو نابال جي شرارت سندس ئي گردن ۾ وڌائين.“ پوءِ دائود ابيجيل ڏانهن ساڻس شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو. 40 دائود جا نوڪر ڪرمل شهر ۾ ابيجيل وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”دائود اسان کي تو ڏانهن موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون اسان سان گڏ هلي ساڻس شادي ڪر.“ 41 تڏهن هوءَ اُٿي ۽ پيشاني زمين تي رکي تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ ”آءٌ پنهنجي آقا جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري ٻانهي آهيان.“ 42 پوءِ ابيجيل تڪڙي ٿي اُٿي ۽ پنهنجي گڏهہ تي چڙهي ويٺي. ساڻس گڏ پنج ٻانهيون بہ هليون. اهڙيءَ طرح دائود جي قاصدن سان گڏجي رواني ٿي ۽ اچي دائود سان شادي ڪيائين. 43 دائود يزرعيل شهر واري اخينوعم سان بہ شادي ڪئي هئي. سو اهي ٻئي سندس زالون هيون. 44 هوڏانهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، جيڪا دائود جي زال پڻ هئي، سا ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏيئي ڇڏي، جيڪو جليم ڳوٺ جو رهندڙ هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society