Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 22 - Muslim Sindhi Bible


دائود عدلام ۽ مصفاہ شهرن ۾

1 پوءِ دائود جات شهر کان ڀڄي نڪتو ۽ عدلام شهر جي ڀر واري غار ۾ آيو. جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اهي اتي وٽس اچي پهتا.

2 جيڪي ماڻهو ستايل هئا، جيڪي قرضدار هئا ۽ جيڪي باغي ٿي ويا هئا، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو انهن جو سردار ٿيو. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس اچي شامل ٿيا.

3 تڏهن دائود اتان موآب ملڪ جي مصفاہ شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ موآب جي بادشاهہ کي اچي چيائين تہ ”مهرباني ڪري منهنجي ماءُ پيءُ کي تيستائين پاڻ وٽ رهڻ ڏي، جيستائين مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.“

4 پوءِ هو انهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ ڇڏي ويو ۽ جيستائين دائود انهيءَ پهاڙي غار ۾ لڪل هو تيستائين اهي بادشاهہ وٽ ئي رهيا پيا هئا.

5 پوءِ جاد نبيءَ اچي دائود کي چيو تہ ”انهيءَ پهاڙي غار ۾ نہ رهہ، بلڪ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن وڃ.“ تڏهن دائود اتان روانو ٿيو ۽ حارت جي ٻيلي ۾ اچي پهتو.


ڪاهنن ۾ ڪوس

6 هڪڙي ڏينهن جڏهن سائول جِبعت شهر جي پهاڙيءَ تي نيزو هٿ ۾ کنيو لئي جي وڻ هيٺ ويٺو هو ۽ سندس سڀ سالار آس‌پاس بيٺا هئا، تڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن، تن جو پتو پئجي ويو آهي.

7 پوءِ سائول پنهنجي آس‌پاس بيٺل سالارن کي چيو تہ ”اي بنيامينيؤ! ٻڌو، ڇا يسيءَ جو پٽ دائود اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ڏيندو؟ ڇا هو اوهان سڀني کي پنهنجي فوج ۾ هزارن ۽ سون جو سالار مقرر ڪندو؟

8 پوءِ ڇو اوهان منهنجي خلاف سازش ڪئي، جو جڏهن منهنجي پٽ يسيءَ جي پٽ سان عهد ٿي ڪيو، تڏهن ڪنهن بہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نہ ٻڌائي؟ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نہ ڏکيو؟ ڪنهن بہ مون کي نہ ٻڌايو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪر کي لڪ چوريءَ منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي، ايتري قدر جو اهو منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪو ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.“

9 تڏهن دوئيگ ادومي، جيڪو سائول جي سالارن سان گڏ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏني تہ ”مون يسيءَ جي پٽ کي نوب شهر ۾ اخيملڪ ولد اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو آهي.

10 اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“

11 تڏهن ڪاهن اخيملڪ ولد اخيطوب ۽ سندس پيءُ جي گھراڻي وارا ڪاهن جيڪي نوب شهر ۾ رهندا هئا تن سڀني کي بادشاهہ ماڻهو موڪلي پاڻ وٽ گھرايو. سو اهي سڀيئي بادشاهہ وٽ آيا.

12 تڏهن سائول اخيملڪ کي چيو تہ ”اي اخيطوب جا پٽ! ٻُڌُ.“ اخيملڪ وراڻيو تہ ”اِجھو، منهنجا سائين! آءٌ حاضر آهيان.“

13 پوءِ سائول چيس تہ ”تو ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي؟ تو هن کي ماني ۽ تلوار ڏني ۽ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي خلاف کڙو ٿئي ۽ منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.“

14 تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اوهان جي سڀني سالارن مان دائود جيڪو اوهان بادشاهہ جو ناٺي ۽ اوهان جي ذاتي محافظن جو سالار پڻ آهي، تنهن جهڙو ايماندار ڪير آهي؟ هو اوهان جي فرمانبرداريءَ لاءِ هر دم تيار ۽ اوهان جي محل ۾ عزت وارو آهي.

15 پر ڇا انهيءَ ڏينهن مون پهريون دفعو هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو هو؟ هرگز نہ. بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي تي يا منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي تي ڪوبہ الزام نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ سڄي معاملي جي ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گھڻي.“

16 پر بادشاهہ چيس تہ ”اي اخيملڪ! اڄ تون ۽ تنهنجي پيءُ جي گھراڻي وارا سڀيئي ضرور ماريا ويندا.“

17 پوءِ بادشاهہ پنهنجي آس‌پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ”اُٿو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان گڏ سازش ۾ هنن جو بہ هٿ آهي، جو هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي. تڏهن بہ هنن اها ڳالهہ مون کي نہ ٻڌائي.“ پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ کڻڻ نہ چاهيو.

18 تڏهن بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ ”تون اُٿ ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر.“ پوءِ دوئيگ ادوميءَ اُٿي ڪاهنن تي حملو ڪيو. انهيءَ ڏينهن هن پنجاسي ڪاهن ماريا، جيڪي سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پائيندا هئا.

19 ڪاهنن جي شهر نوب جي رهاڪن کي مردن توڙي عورتن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي سندن ڍورن ڍڳن سميت سائول تلوار جي ڌار سان قتل ڪرائي ڇڏيو.

20 مگر اخيملڪ ولد اخيطوب جو هڪڙو پٽ، جنهن جو نالو ابي‌ياتر هو سو بچي ويو ۽ ڀڄي دائود وٽ اچي نڪتو.

21 ابي‌ياتر دائود کي ٻڌايو تہ ”سائول خداوند جي ڪاهنن کي مارائي ڇڏيو آهي.“

22 دائود ابي‌ياتر کي چيو تہ ”مون انهيءَ ڏينهن ئي ڄاڻي ورتو هو، جنهن ڏينهن دوئيگ ادومي اتي هو، تہ هو ضرور سائول کي وڃي ٻڌائيندو. سو آءٌ ئي تنهنجي پيءُ جي گھر جي سڀني ماڻهن جي مارجڻ جو سبب بڻيو آهيان.

23 تون مون سان رهہ، ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو منهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهي سو ئي تنهنجي حياتيءَ جي بہ پٺيان آهي. تون مون سان گڏ صحيح سلامت رهندين.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan