1.سموئيل 2 - Muslim Sindhi Bibleحنہ جي دعا 1 حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي. 2 خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي. 3 اي انسانؤ! اوهين مغروريءَ مان ايترو گھڻو نہ ڳالهايو، اوهين پنهنجي زبان مان تڪبر واري ڳالهہ نہ ڪڍو. جيئن تہ خداوند خدا هر ڳالهہ ڄاڻي ٿو، سو هو ئي آهي جيڪو سڀني جي عملن کي توريندو. 4 زور وارن جا تيرڪمان هاڻي ٽُٽي پيا آهن، ۽ جيڪي ڪمزور هئا تن طاقت سان سندرو ٻڌو آهي. 5 جيڪي ڍاول هئا سي مانيءَ خاطر وڃي مزدور ٿيا، ۽ جيڪي بکايل هئا تن کائي ڍءُ ڪيو آهي. جيڪا عورت سنڍ هئي سا ستن ٻارن جي ماءُ بڻي، ۽ جيڪا جھجھن ٻارن جي ماءُ هئي سا اڪيلي وڃي بچي. 6 بيشڪ خداوند ئي ماري ٿو ۽ هو ئي جياري ٿو، هو ئي قبر ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو ئي ٻاهر ڪڍي ٿو. 7 هو ئي شاهوڪارن کي ڪنگال ٿو بڻائي، ۽ ڪنگالن کي شاهوڪار، هو ئي لاهي هيٺ ڪري ٿو ۽ هو ئي بلند ٿو ڪري. 8 هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي. 9 هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي، 10 پر خداوند پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي طاقت عطا ڪري سوڀارو ڪندو. خداوند آسمان منجھان گجگوڙ ڪري پنهنجي مخالفن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. بيشڪ هو ئي پوريءَ دنيا جي عدالت ڪندڙ آهي.“ 11 پوءِ القانہ موٽي رامہ شهر ڏانهن پنهنجي گھر ويو، پر اهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو. عيليءَ جا بدڪار پٽ 12 عيليءَ جا پٽ بدڪار هئا ۽ اهي خداوند جي ڪا پرواهہ نہ ڪندا هئا. 13 ڪاهنن جو ماڻهن سان اهو دستور هو تہ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قرباني پيش ڪندو هو، تڏهن گوشت رجھندي ڪاهن جو نوڪر ٽيانگھي هٿ ۾ کڻي ايندو هو. 14 اها هو ڪڙاهي، ديڳڙي، ديڳ يا ڪُنيءَ ۾ هڻندو هو، پوءِ جيڪو گوشت ٽيانگھيءَ ۾ اٽڪي پوندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو. اهڙيءَ طرح سيلا شهر ۾ جيڪي بہ بني اسرائيل مقدس خيمي وٽ ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ئي ڪندا هئا. 15 پر عيليءَ جا پٽ ان جي ابتڙ چرٻي ساڙڻ کان اڳ ۾ ئي نوڪر کي موڪليندا هئا جيڪو قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ”ڪاهن جي لاءِ ڪباب ڪرڻ واسطي گوشت ڏي، هن کي اٻريل گوشت نہ بلڪ ڪچو گھرجي.“ 16 پوءِ جيڪڏهن اهو ماڻهو کيس چوندو هو تہ ”ترس، پهريائين چرٻي ساڙڻ ڏي، پوءِ جيترو تون چاهين اوترو گوشت کڻي وڃ،“ تنهن تي هو چوندو هو تہ ”نہ، مون کي هينئر ئي ڏي نہ تہ آءٌ زوريءَ کڻي ويندوسانءِ.“ 17 عيليءَ جي انهن جوان پٽن جو هي گناهہ خداوند جي آڏو تمام وڏو هو، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند جي قربانيءَ جي بيحرمتي ڪندا هئا. سموئيل سيلا شهر ۾ 18 انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو. 19 سندس ماءُ سال بسال جڏهن بہ پنهنجي مڙس سان سالياني قرباني ڪرڻ لاءِ اتي ايندي هئي، تڏهن هڪڙو ننڍو جبو ٺاهي هن لاءِ کڻي ايندي هئي. 20 پوءِ عيلي القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪندي چوندو هو تہ ”شل خداوند تو کي هن عورت مان انهيءَ ٻار جي عيوض ٻيا ٻار عطا ڪري، جيڪو تو خداوند کي وقف ڪري ڏنو آهي.“ انهيءَ کان پوءِ هو ٻئي موٽي گھر هليا ويندا هئا. 21 خداوند حنہ تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي ۽ کيس ٽي وڌيڪ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر ڄايون. ڇوڪرو سموئيل بہ خداوند جي خدمت ڪندي وڏو ٿيندو ويو. عيلي ۽ سندس پٽ 22 عيلي هاڻي تمام پوڙهو ٿي ويو هو. هن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو، جيڪي سندس پٽن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سان ٿي ڪيو ۽ اهو بہ ٻڌائين تہ جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري انهيءَ مقدس خيمي جي در تي خدمت ڪنديون هيون تن سان هو سمهندا هئا. 23 تنهنڪري هن پٽن کي چيو تہ ”اوهين اهڙا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ سڀڪو ماڻهو اوهان جي بڇڙي هلت جي مون سان شڪايت ٿو ڪري. 24 نہ اي منهنجا فرزندؤ! جيڪي اوهان جي گناهن جون خبرون آءٌ سڀني ماڻهن جي واتان ٻڌان پيو سي چڱيون ناهن. 25 جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. 26 هوڏانهن سموئيل ڇوڪرو وڌندو رهيو. خداوند توڙي انسان ٻئي کيس پسند ڪندا هئا. عيليءَ جي گھراڻي بابت اڳڪٿي 27 تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟ 28 ڇا بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، پنهنجي قربانگاهہ جي خدمت لاءِ، لوبان ساڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي حضور ۾ مذهبي وڳو پهرڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو هو؟ ڇا بني اسرائيل جون سموريون ساڙيون ويندڙ قربانيون مون تنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي کي نہ ڏنيون هيون؟ 29 اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟ 30 تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا. 31 ياد رک، اهي ڏينهن اچي رهيا آهن جڏهن آءٌ تنهنجي خاندان بلڪ تنهنجي نسل مان سڀني نوجوان ماڻهن کي ماري ڇڏيندس، جنهن ڪري تنهنجي گھراڻي ۾ ڪنهن جي بہ عمر وڏي نہ ٿيندي. 32 اها سڄي برڪت جيڪا آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪندس تنهن کي اوهين پريشان ٿي حسد وچان ڏسندا رهندا، پر اها اوهان کي حاصل نہ ٿيندي ۽ اوهان جي گھراڻي ۾ هميشہ جي لاءِ ڪنهن جي بہ عمر وڏي نہ ٿيندي. 33 تنهن هوندي بہ تنهنجي اولاد مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي آءٌ جيئرو رهڻ ڏيندس، جيڪو منهنجي قربانگاهہ جي خدمت ڪندو رهندو. پر اهو هن جي اکين کي ڳارڻ ۽ سندس دل کي ڏک ڏيڻ لاءِ هوندو، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي گھراڻي ۾ باقي جيڪو اولاد ڄمندو سو جوانيءَ ۾ ئي مري ويندو. 34 جڏهن تنهنجا پٽ حفني ۽ فينحاس ٻئي هڪڙي ئي ڏينهن مري ويندا، تڏهن اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي تہ منهنجيون چيل ڳالهيون سچيون ثابت ٿينديون. 35 آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٻيو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جيڪو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو. آءٌ انهيءَ جي گھراڻي کي قائم ڪندس ۽ اهي منهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان هميشہ خدمت ڪندا رهندا. 36 تنهنجي اولاد مان باقي جيڪي بچيل هوندا سي چانديءَ جي هڪڙي سڪي يا مانيءَ جي هڪڙي ٽڪري لاءِ اچي انهيءَ جي اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ کيس منٿ ڪري چوندا تہ ’اسان کي ڪهانت جي ڪنهن بہ خدمت لاءِ مقرر ڪر تہ اسين مانيءَ ٽڪر کائون.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society