1.سموئيل 17 - Muslim Sindhi Bibleدائود ۽ جالوت ( 17:1-58 ) (جالوت جو بني اسرائيل کي للڪارڻ) 1 فلستي جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر وٺي يهوداہ جي شهر شوڪو ۾ اچي گڏ ٿيا. هنن پنهنجا خيما افسدميم نالي هڪڙي هنڌ اچي کوڙيا، جيڪو شوڪہ ۽ عزيقہ شهرن جي وچ ۾ هو. 2 سائول ۽ بني اسرائيل جا ماڻهو بہ اچي گڏ ٿيا ۽ ايلہ جي ماٿريءَ ۾ اچي خيما کوڙيائون. هنن فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌيون. 3 هڪڙي پاسي واري جبل تي فلستي تہ ٻئي پاسي واري جبل تي بني اسرائيل بيٺا هئا. سندن وچ ۾ هڪڙي ماٿري هئي. 4 تڏهن فلستين جي لشڪر مان جات شهر جو رهندڙ هڪڙو چونڊ پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو. سندس قد نون فوٽن کان بہ وڌيڪ هو. 5 سندس مٿي تي پتل جو هڪڙو ٽوپ هو ۽ جسم تي پتل جي زرهہ پيل هئس جنهن جو وزن اٽڪل ستونجاهہ ڪلوگرام هو. 6 سندس ٽنگن تي پتل جا جھاڙولا پيل هئا ۽ پٺيءَ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي. 7 سندس نيزي جي ڏانگ، ڪوريءَ جي آڏاڻي مٿان جيڪا لٺ هوندي آهي تنهن جيتري ٿلهي هئي ۽ نيزي جي لوهي ڦر جو وزن اٽڪل ست ڪلوگرام هئس. هڪڙو سپاهي ڍال کنيو سندس اڳيان هلندو پئي آيو. 8 جالوت اچي بيٺو ۽ بني اسرائيل کي للڪاري چوڻ لڳو تہ ”اوهين جنگ جي لاءِ رڳو صفون ٻڌي ڇو بيهي رهيا آهيو؟ ڇا آءٌ فلستي ناهيان؟ ۽ ڇا اوهين سائول جا غلام ڪين آهيو؟ اوهين پاڻ منجھان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، جيڪو مون سان اچي مقابلو ڪري. 9 جيڪڏهن اهو مون سان وڙهي سگھي ۽ مون کي ماري ڇڏي تہ اسين اوهان جا غلام ٿينداسين. پر جيڪڏهن آءٌ هن تي غالب ٿيس ۽ کيس ماري ڇڏيم، تہ پوءِ اوهين اسان جا غلام ٿيندا ۽ اسان جي خدمت چاڪري ڪندا. 10 اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“ 11 سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جڏهن انهيءَ فلستيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن کين دهشت وٺي ويئي ۽ هو تمام گھڻو ڊنا. (دائود سائول جي خيميگاهہ ۾) 12 دائود يهوداہ جي بيتلحم شهر ۾ رهندڙ يسيءَ نالي هڪڙي افراتيءَ جو پٽ هو. يسيءَ کي اٺ پٽ هئا. سائول بادشاهہ جي زماني ۾ يسي پوڙهو ۽ عمررسيدہ ٿي چڪو هو. 13 يسيءَ جا ٽي وڏا پٽ يعني پهريتو پٽ الياب، ٻيو ابينداب ۽ ٽيون سمہ سائول سان گڏجي جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا. 14 دائود جا اهي ٽيئي وڏا ڀائر سائول جي لشڪر ۾ وڃي شامل ٿيا هئا، پر دائود جيئن تہ سڀني کان ننڍو هو، 15 سو انهن ڏينهن ۾ هو بيتلحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون ٻڪريون چارڻ لاءِ سائول جي لشڪر کان ايندو ويندو هو. 16 هوڏانهن اهو فلستي جالوت چاليهن ڏينهن تائين صبح توڙي شام بني اسرائيل کي للڪاريندو رهيو. 17 هڪڙي ڏينهن يسيءَ پنهنجي پٽ دائود کي چيو تہ ”ڀُڳل اناج جا ڏهہ ڪلوگرام ۽ هي ڏهہ مانيون کڻ ۽ جلدي وڃي لشڪرگاهہ ۾ پنهنجي ڀائرن کي ڏيئي اچ. 18 سندن دستي جي سالار لاءِ بہ پنير جون هي ڏهہ ٽڪيون کڻي وڃ ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، انهن کان ڪا نشاني وٺي اچجانءِ. 19 اهي سائول بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏ ايلہ جي ماٿريءَ ۾ فلستين سان جنگ ٿا ڪن.“ 20 ٻئي ڏينهن دائود صبح جو سوير اٿيو ۽ رڍون ٻڪريون هڪڙي ڌنار جي حوالي ڪري، يسيءَ جي حڪم موجب اهي سڀ شيون کڻي روانو ٿيو. جنهن مهل هو لشڪرگاهہ ۾ پهتو، تنهن مهل فوجون جنگ ڪرڻ لاءِ نعرا هڻنديون وڃي رهيون هيون. 21 بني اسرائيل ۽ فلستي پنهنجيون پنهنجيون صفون ٻڌي بيٺا هئا ۽ لشڪر کي لشڪر جي سامهون پئي بيهاريو ويو. 22 تڏهن دائود پنهنجو سامان، لشڪر جي سامان جي نگهباني ڪندڙ جي حوالي ڪري ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجي ڀائرن کان خيرعافيت پڇڻ لڳو. 23 اڃا هو انهن سان ڳالهائي ئي رهيو هو تہ جات شهر وارو جالوت فلستين جي صفن مان نڪري آيو ۽ اڳي وارا لفظ ورجائڻ لڳو. دائود سندس اهي لفظ ٻڌا. 24 بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي بيحد ڊنا ۽ سندس اڳيان وٺي ڀڳا. 25 هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسين ٿو جيڪو نڪري آيو آهي؟ پڪ سان اهو بني اسرائيل کي ذليل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. سو جيڪو ماڻهو انهيءَ کي ماري ڇڏيندو تنهن کي سائول بادشاهہ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ڌيءَ بہ کيس پرڻائيندو. ان کان علاوہ سندس گھراڻو بني اسرائيل ۾ هر ڪنهن ڳالهہ کان آزاد رهندو.“ 26 تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻطهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“ 27 ماڻهن کيس جواب ۾ اهي ئي ڳالهيون ٻڌائي چيو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماريندو تنهن کي ڇا ڇا انعام ڏنو ويندو. 28 سندس وڏي ڀاءُ الياب ماڻهن سان اهي ڳالهيون ڪندي کيس ٻڌي ورتو، سو هو دائود تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو کيس چوڻ لڳو تہ ”تون هتي ڇو آيو آهين؟ پنهنجيون رڍون ٻڪريون جھنگ ۾ ڪنهن وٽ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروريءَ ۽ شرارت کي آءٌ ڄاڻان ٿو، ها، تون جنگ ڏسڻ لاءِ ئي هتي آيو آهين.“ 29 تڏهن دائود چيس تہ ”مون هاڻي ڇا ڪيو آهي؟ ڇا آءٌ ڳالهہ بہ نہ ڪريان؟“ 30 پوءِ دائود انهيءَ کان ڦري ٻئي ماڻهوءَ وٽ ويو ۽ اهي ئي ڳالهيون پڇڻ لڳو تہ هر ڪنهن وري بہ کيس پهريون واري ورندي ڏني. 31 ڪن ماڻهن دائود جون چيل ڳالهيون ٻڌي اُهي سائول بادشاهہ جي اڳيان وڃي بيان ڪيون ۽ هن دائود کي پاڻ وٽ گھرايو. 32 تڏهن دائود سائول کي چيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ جي ڪري ڪنهن جي بہ دل نہ گھٻرائي، آءٌ اوهان جو ٻانهو انهيءَ فلستيءَ سان وڃي وڙهندس.“ 33 سائول دائود کي چيو تہ ”تو ۾ ايتري طاقت ناهي جو تون انهيءَ فلستيءَ سان وڃي مقابلو ڪرين، ڇاڪاڻ تہ تون اڃا ڇوڪراٽ آهين ۽ هو ننڍپڻ کان ئي جنگي جوڌو آهي.“ 34 پر دائود سائول کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو پنهنجي پيءُ جون رڍون ٻڪريون چاريندو آهي ۽ جڏهن بہ ڪو شينهن يا رڇ اچي ڌڻ مان ڪو گھيٽو کڻي ويندو آهي، 35 تڏهن آءٌ انهيءَ جي پٺيان ويندو آهيان ۽ انهيءَ کي ماري، سندس وات مان اهو ڇڏائيندو آهيان. جڏهن هو مون تي اُلر ڪري ايندو آهي، تڏهن آءٌ هن کي کاڏيءَ کان پڪڙي ماري ماري ختم ڪري ڇڏيندو آهيان. 36 اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻطهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“ 37 دائود وڌيڪ چيو تہ ”جنهن خداوند مون کي شينهن توڙي رڇن جي چنبن کان بچائي ورتو، سو ئي مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو.“ تڏهن سائول چيس تہ ”وڃ، شل خداوند تو ساڻ هجي.“ 38 پوءِ سائول پنهنجي پوشاڪ دائود کي پهرائي ۽ پتل جو ٽوپ سندس مٿي تي رکيائين ۽ زرهہ بہ ڍڪيائينس. 39 دائود سائول جي تلوار پنهنجي پوشاڪ مٿان چيلهہ سان ٻڌي ۽ هلڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هلي نہ سگھيو، ڇو تہ هن کي اڳي ڪوبہ آزمودو ڪونہ هو. تڏهن هن سائول کي چيو تہ ”آءٌ هنن سان هلي نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن جو ڪو آزمودو ڪونهي.“ سو دائود اهي لاهي ڇڏيا. 40 پوءِ هن پنهنجي لٺ هٿ ۾ کنئي ۽ برساتي نهر مان پنج لسا پٿر چونڊي ڪڍيائين ۽ پنهنجي سامان رکڻ لاءِ وٽس جيڪا ڌنارن واري ڳوٿري هئي تنهن ۾ اهي وڌائين. هن پنهنجي کانڀاڻي هٿ ۾ کنئي ۽ پوءِ هو انهيءَ فلستيءَ ڏانهن وڌي ويو. (دائود جو جالوت کي شڪست ڏيڻ) 41 ايتري ۾ اهو فلستي جالوت جنهن جي اڳيان سندس ڍالبردار هليو ٿي، سو وڌي دائود جي ويجھو آيو. 42 جالوت دائود کي چتائي ڏٺو. هن دائود کي حقير ڄاتو، ڇو تہ سندس نظر ۾ هو رڳو ڳاڙهي گوري رنگ وارو خوبصورت ڇوڪرو هو. 43 پوءِ جالوت دائود کي چيو تہ ”آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون مون تي لٺ کڻي آيو آهين؟“ جالوت پنهنجي معبود جا نالا کڻي دائود تي لعنت وجھڻ لڳو. 44 پوءِ هن دائود کي چيو تہ ”مون وٽ اچ تہ آءٌ تنهنجو ماس پکين ۽ جھنگلي جانورن ڏانهن اڇلايان.“ 45 تڏهن دائود جالوت کي ورندي ڏني تہ ”تون مون تي تلوار، نيزو ۽ بڻڇي کنيو پيو اچين. پر آءٌ تو تي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي لشڪر جي خدا جي نالي سان پيو اچان، جنهن کان تو حقارت ڪئي آهي. 46 اڄوڪي ڏينهن خداوند تو کي منهنجي هٿ ۾ ڏيندو ۽ آءٌ تو کي ماري تنهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندس. اڄوڪي ڏينهن آءٌ فلستين جي لشڪر جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن ڏانهن اڇلائيندس. اهڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا کي خبر پوندي تہ بني اسرائيل جو هڪڙو خدا آهي 47 ۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“ 48 پوءِ جڏهن جالوت اڳتي وڌي دائود تي حملي ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، تڏهن دائود جالوت سان مقابلي ڪرڻ لاءِ فلستين جي لشڪر ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙيو. 49 دائود پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجھي اتان هڪڙو پٿر ڪڍيو ۽ کانڀاڻيءَ ۾ رکي اڇلائي جالوت جي پيشانيءَ ۾ هنيائين، تہ اهو سندس پيشانيءَ ۾ گھڙي ويو ۽ هو زمين تي اونڌو ٿي ڪري پيو. 50 اهڙيءَ طرح دائود بنا ڪنهن تلوار جي، رڳو کانڀاڻيءَ مان هڪڙي پٿر اڇلائڻ سان جالوت کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو. 51 پوءِ هو ڊوڙي وڃي جالوت جي ڀرسان بيٺو ۽ سندس مياڻ مان تلوار ڪڍي سسي وڍي ڌار ڪري ڇڏيائينس. فلستين جڏهن ڏٺو تہ سندن وڏو پهلوان بہ مارجي ويو آهي، تڏهن هو وٺي ڀڳا. 52 تڏهن يهوداہ قبيلي جا توڙي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جا ماڻهو اٿيا ۽ للڪاريندا فلستين جي پٺيان ڪاهي پيا، ايتري تائين جو جات ۽ عقرون شهرن جي دروازن تائين کين ڀڄائيندا ويا. فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا هئا، سي شعريم جي راهہ ۾ جات ۽ عقرون شهرن تائين ڪرندا ويا. 53 پوءِ جڏهن بني اسرائيل فلستين جي پيڇي ڪرڻ کان واپس موٽيا تہ اچي انهن جي لشڪرگاهہ ۾ ڦرلُٽ ڪيائون. 54 پوءِ دائود انهيءَ فلستي جالوت جي سسي کڻي يروشلم ۾ آيو. پر انهيءَ جا هٿيار هن پنهنجي خيمي ۾ ئي رکي ڇڏيا. 55 جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہسالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“ 56 بادشاهہ چيس تہ ”پڇا ڪر تہ هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي.“ 57 سو جڏهن دائود جالوت کي قتل ڪري موٽي آيو تڏهن ابنير انهيءَ کي بادشاهہ وٽ وٺي آيو. ان وقت جالوت جي سسي اڃا سندس هٿ ۾ ئي هئي. 58 تڏهن سائول هن کان پڇيو تہ ”اي جوان مرد! تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ دائود ورندي ڏنس تہ ”آءٌ اوهان جي ٻانهي بيتلحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society