Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 15 - Muslim Sindhi Bible


سائول جي نافرماني

1 سموئيل سائول کي چيو تہ ”خداوند مون کي ئي موڪليو هو تہ آءٌ تو کي مسح ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ تون سندس قوم بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿئين. تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو فرمان ٻڌ.

2 خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ’جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪتا هئا، تڏهن عماليقي ڪيئن نہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ رستي ۾ اچي بيٺا هئا. سو هنن جيڪي بني اسرائيل سان ڪيو هو تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.

3 سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“

4 تڏهن سائول سڀني ماڻهن کي گھرايو ۽ طلائم واري هنڌ تي انهن جو شمار ڪرايائين. يهوداہ جا ڏهہ هزار پيادا سپاهي ٿيا ۽ باقي ٻين قبيلن جا ٻہ لک ٿيا.

5 پوءِ سائول لشڪر ساڻ ڪري عماليقين جي شهر ڏانهن ويو ۽ ٻاهر برساتي نهر ۾ اچي لڪي ويهي رهيو.

6 هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.

7 پوءِ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي شور تائين، جيڪو مصر جي اوڀر پاسي آهي، ماريندو آيو.

8 هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو پڪڙيو ۽ باقي سڀني ماڻهن کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين.

9 پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي ۽ تمام چڱين رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن، ٿلهن متارن ڇيلن ۽ گھيٽن کي ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو ۽ انهن کي بلڪل برباد ڪرڻ نہ گھريائون. مگر جيڪا شيءِ بي‌ملهہ ۽ بيڪار هئي، تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


سائول جي بادشاهي رد ٿيڻ

10 تڏهن خداوند سموئيل سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ

11 ”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.

12 سائول سان ملڻ جي لاءِ سموئيل صبح جو سوير اٿيو. سموئيل کي خبر پيئي تہ سائول ڪرمل شهر ۾ آيو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو ۽ پوءِ هو موٽي گشت ڪندو جِلجال ڏانهن هيٺ لهي ويو آهي.

13 جڏهن سموئيل سائول وٽ اچي پهتو تہ سائول کيس چيو تہ ”شل خداوند جي توهان تي برڪت هجي. مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي.“

14 سموئيل پڇيس تہ ”پوءِ هي جو منهنجي ڪنن ۾ رڍن ٻڪرين جي ٻيڪڻ ۽ ڍورن ڍڳن جي رنڀڻ جو آواز پيو اچي، انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟“

15 سائول کيس ورندي ڏني تہ ”لشڪر جا ماڻهو اهي عماليقين وٽان ڪاهي آيا آهن. جيڪي تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا سي ماڻهن بچائي آندا آهن، انهيءَ لاءِ تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي اڳيان انهن کي قربان ڪن ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجھہ اسان بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.“

16 تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”ترس، آءٌ تو کي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي.“ سائول چيس تہ ”ٻڌايو.“

17 سموئيل چيس تہ ”جيتوڻيڪ تون پنهنجيءَ ئي نظر ۾ تمام خسيس هئين، تڏهن بہ ڇا تو کي بني اسرائيل جي قبيلن جو اڳواڻ مقرر نہ ڪيو ويو؟ بلڪ خداوند تو کي چونڊي مسح ڪرائي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو.

18 خداوند تو کي اهو حڪم ڏيئي هن مقصد لاءِ موڪليو تہ وڃي گنهگار عماليقين کي چٽ ڪرين ۽ جيستائين اهي سڀ مري کپي نہ وڃن تيستائين ساڻن وڙهندو رهين.

19 پوءِ ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو؟ بلڪ لٽ جي مال تي ڪاهي پئين. اهو اهڙو ڪم ڪيو اٿيئي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.“

20 تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي. جنهن مقصد لاءِ خداوند مون کي موڪليو هو، تنهن تي ئي آءٌ هليو آهيان. مون عماليقين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن بادشاهہ اجاج کي پڪڙي آيو آهيان.

21 پر ماڻهن لٽ جي مال مان تمام چڱيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، جيڪي ماري ڇڏڻا هئا، سي رڳو انهيءَ لاءِ بچائي هتي جِلجال ۾ آندا، تہ جيئن انهن کي خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جي آڏو قربان ڪن.“

22 پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.

23 بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“

24 تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون برابر گناهہ ڪيو آهي. مون خداوند جي حڪم ۽ توهان جي هدايتن جي نافرماني ڪئي آهي، ڇو تہ آءٌ ماڻهن کان ڊنس پئي ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.

25 سو هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو گناهہ معاف ٿئي ۽ مون سان گڏجي موٽي هلو تہ آءٌ خداوند جي آڏو سجدو ڪريان.“

26 سموئيل وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ تو سان گڏجي موٽي نہ هلندس، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي ۽ خداوند بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪيو آهي.“

27 پوءِ جيئن ئي سموئيل منهن ڦيرائي هلڻ لڳو، تيئن سائول سندس جبي جي دامن کي پڪڙيو تہ اهو ڦاٽي پيو.

28 تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.

29 بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“

30 تڏهن سائول چيس تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي، پر آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي اڳواڻن ۽ بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي آبرو رکو. اوهان مون سان گڏجي موٽي هلو تہ آءٌ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کي سجدو ڪريان.“

31 تڏهن سموئيل ساڻس گڏ موٽي جِلجال ڏانهن ويو، جتي سائول خداوند کي سجدو ڪيو.

32 پوءِ سموئيل چيو تہ ”عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هتي مون وٽ وٺي اچو.“ تڏهن اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”موت جي تلخي ضرور اچي ويئي هوندي.“

33 سموئيل کيس چيو تہ ”جيئن تنهنجي تلوار ڪيترين ئي مائرن کي بي‌اولاد ڪري ڇڏيو آهي، تيئن تنهنجي ماءُ بہ بي‌اولاد ٿيندي.“ پوءِ سموئيل اجاج کي جِلجال ۾ قربان‌گاهہ وٽ قتل ڪري سندس لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

34 ان کان پوءِ سموئيل رامہ شهر ڏانهن هليو ويو ۽ سائول پنهنجي گھر جِبعت شهر ڏانهن روانو ٿيو.

35 پوءِ سموئيل پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين وري سائول سان ملڻ نہ ويو، تنهن هوندي بہ سائول لاءِ افسوس ڪندو رهيو. جڏهن تہ سائول کي بني اسرائيل تي بادشاهہ بڻائڻ ۾ خداوند کي رنج پهتو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan