Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 14 - Muslim Sindhi Bible

1 سو هڪڙي ڏينهن سائول جي پٽ يونتن پنهنجي پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ پنهنجي هٿياربردار جوان کي چيو تہ ”اچ تہ هُن پار فلستين جي پهريدارن ڏانهن هلون.“

2 جڏهن تہ سائول جِبعت جي سرحد تي مجرون ۾ هڪڙي ڏاڙهونءَ جي وڻ هيٺان رهيو پيو هو. ساڻس گڏ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو هئا.

3 انهن ۾ اخياہ بہ مذهبي وڳو پايو ويٺو هو. هو يڪبود جي ڀاءُ اخيطوب بن فينحاس بن عيلي جو پٽ هو. عيلي سيلا شهر ۾ خداوند جو ڪاهن هو. ماڻهن کي اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.

4 جبلن وارن جن لڪن جي وچان يونتن فلستين جي پهريدارن ڏانهن وڃڻ ٿي گھريو، اتي هڪڙي پاسي بوصيص نالي هڪڙي اُڀي ٽڪري هئي تہ ٻئي پاسي سنہ نالي ٻي اُڀي ٽڪري هئي.

5 هڪڙي ٽڪري اتر طرف مڪماس جي سامهون هئي تہ ٻي ڏکڻ طرف جِبع جي سامهون.

6 يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻ‌طهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“

7 سندس هٿياربردار وراڻيس تہ ”جيئن تنهنجي دل چاهي تيئن ڪر. ڀلي اڳتي هل، آءٌ دل وَ جان سان تو سان گڏ آهيان.“

8 تڏهن يونتن چيس تہ ”چڱو، هاڻي اسين هن پار هلون تہ جيئن هو اسان کي ڏسن.

9 پوءِ جيڪڏهن هنن اسان کي چيو تہ ’جيستائين اسين ايڏانهن اچون تيستائين اتي ترسجو،‘ تہ پوءِ اسين پنهنجيءَ جاءِ تي بيهي رهنداسين ۽ انهن تائين نہ هلنداسين.

10 پر جيڪڏهن هنن چيو تہ ’اسان وٽ اچو‘ تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين ۽ اها ئي اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي تہ خداوند انهن کي اسان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

11 سو هو ٻئي ڄڻا فلستين جي پهريدارن وٽ ويا ۽ هنن کين ڏٺو. تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، ڪي عبراني انهن ٻِرن مان نڪتا ٿا اچن، جن ۾ وڃي لڪا هئا.“

12 پهريدار سپاهين يونتن ۽ سندس هٿياربردار کي سڏي چيو تہ ”اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون.“ تڏهن يونتن پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هلندو اچ، ڇو تہ خداوند هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

13 پوءِ يونتن پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان رڙهندو مٿي چڙهيو. سندس هٿياربردار بہ سندس پٺيان لڳو آيو. تڏهن يونتن حملو ڪري فلستين کي هيٺ ڪيرائيندو ويو ۽ سندس هٿياربردار سندس پٺيان هنن کي قتل ڪندو ويو.

14 اها پهرين خونريزي هئي، جيڪا يونتن ۽ سندس هٿياربردار ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو اڌ ايڪڙ زمين جي ٽڪري ۾ مارجي ويا.

15 تڏهن خيمي‌گاهہ ۽ ميدان وارن سڀني فلستين ۾ اچي ڏڪڻي پيئي. پهريدار ۽ حملي ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا. زمين بہ پئي ڌڏي. اها ڏڪڻي خدا جي طرفان موڪلي ويئي هئي.


فلستين جي شڪست

16 سائول جا چوڪيدار جيڪي بنيامين قبيلي جي جِبعت شهر ۾ هئا، تن ڏٺو تہ فلستين جو ميڙ ٽڙي پکڙي ڪڻو ڪڻو ٿيندو پيو وڃي.

17 تڏهن سائول انهن ماڻهن جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن کي چيو تہ ”ماڻهن کي گڏ ڪري جاچيو تہ ڪير اسان مان نڪري ويو آهي.“ جڏهن هنن ائين ڪيو تڏهن ڏٺائون تہ يونتن ۽ سندس هٿياربردار تہ آهن ئي ڪونہ.

18 انهيءَ ڏينهن خدا جي عهد واري صندوق اتي بني اسرائيل وٽ آندي ويئي هئي. سو سائول اخياہ ڪاهن کي چيو تہ ”خدا جي صندوق هتي کڻي اچ.“

19 سائول اڃا اخياہ سان ڳالهائي ئي رهيو هو تہ فلستين جي خيمي‌گاهہ ۾ جيڪو گوڙ هو سو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. تنهنڪري سائول ڪاهن کي چيو تہ ”بس، ڇڏ انهيءَ ڳالهہ کي.“

20 پوءِ سائول پنهنجي لشڪر سميت تيار ٿي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو. حيرت جي ڳالهہ اها هئي جو هر فلستيءَ جي تلوار سندس ئي ساٿيءَ مٿان ٿي پيئي، نهايت گھڻي افراتفري پئجي ويئي هئي.

21 اهي عبراني جيڪي اڳي فلستين سان گڏ هئا ۽ آس‌پاس وارن علائقن مان انهن سان گڏجي سندن خيمي‌گاهہ ۾ آيا هئا، سي بہ ڦري بني اسرائيل جي انهن ماڻهن سان اچي مليا جيڪي سائول ۽ يونتن سان هئا.

22 ساڳيءَ طرح بني اسرائيل جا اهي سڀ ماڻهو، جيڪي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ وڃي لڪا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ فلستي شڪست کائي ڀڳا ٿا وڃن تڏهن اهي بہ اچي فلستين تي ڪڙڪيا.

23 اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي فتح بخشي. جنگ بيت‌آون جي هن پار تائين وڃي پهتي


يونتن جو ماکي کائڻ

24 ۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.

25 پوءِ سڀيئي ماڻهو هڪڙي اهڙيءَ ٻيلي ۾ وڃي پهتا، جتي هر طرف ماکي ئي ماکي هئي.

26 سو ماڻهو جڏهن ٻيلي ۾ اندر ويا تہ ڇا ڏسن تہ اتي ماکي پيئي ٽمي، تنهن هوندي بہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ انهيءَ مان ذرو بہ نہ چکيو، ڇاڪاڻ تہ هو قسم کان ڊنا ٿي.

27 پر يونتن اهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي. سو هن پنهنجي هٿ واريءَ لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽُنبي، انهيءَ مان ڪجھہ ماکي کاڌي تہ سندس اکيون کلڻ لڳيون.

28 تڏهن انهن ماڻهن مان هڪڙي ٻڌايس تہ ”تنهنجي پيءُ ماڻهن کي سخت قسم ڏيئي چيو هو تہ ’جيڪو اڄ ڪجھہ بہ کائيندو، سو لعنتي ٿيندو.‘ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو سخت ماندا آهن.“

29 تڏهن يونتن کين وراڻيو تہ ”بابي ماڻهن کي تڪليف ۾ وڌو آهي. ڏسو تہ ٿوري ماکي چکڻ سان منهنجيون اکيون ڪيئن نہ کُلي پيون آهن.

30 ڪيڏو نہ وڌيڪ چڱو ٿئي ها جو جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن ماڻهو آزاديءَ سان پنهنجن دشمنن جي هٿ ڪيل لٽ جي مال مان کائي پئي ڍءُ ڪن ها، پوءِ ڇا هن وقت فلستين ۾ وڌيڪ وڏي خونريزي نہ ٿئي ها؟“

31 انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو ۽ ماڻهو تمام ماندا ٿي پيا.

32 تڏهن هنن جيڪو لٽ جو مال هٿ ڪيو هو تنهن تي اچي ٽٽا ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن کي اتي ئي زمين تي ذبح ڪري انهن جو گوشت رت سميت کائڻ لڳا.

33 پوءِ سائول کي خبر ڏني ويئي تہ ”ماڻهو خداوند جو گناهہ ٿا ڪن، جو گوشت رت سميت ٿا کائين.“ تڏهن سائول چيو تہ ”هنن اهو دغابازيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. هاڻي اوهين هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي مون وٽ آڻيو.“

34 سائول وڌيڪ چين تہ ”اوهين ماڻهن منجھہ ڦهلجي وڃو ۽ کين چئو تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڍور هتي مون وٽ آڻي ۽ هن پٿر تي ئي ڪهي کائي. پر انهن جو گوشت رت سميت کائي خداوند جو گناهہ نہ ڪن.“ سو سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو ۽ انهيءَ رات پنهنجو پنهنجو ڍور آڻي اتي ئي ذبح ڪيو.

35 سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺهرائي. اها ئي پهرين قربان‌گاهہ هئي، جيڪا هن خداوند جي لاءِ ٺهرائي.

36 پوءِ سائول پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هلو تہ رات جو فلستين تي حملو ڪريون ۽ صبح جو سوجھري ٿيڻ تائين کين ڦريون لٽيون ۽ انهن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيون.“ هنن وراڻي ڏنس تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“ پر ڪاهن چيو تہ ”اچو تہ پهريائين خدا سان صلاح مصلحت ڪريون.“

37 تڏهن سائول خدا کان صلاح پڇي تہ ”آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟“ پر خدا انهيءَ ڏينهن کيس ڪا ورندي نہ ڏني.

38 تڏهن سائول چيو تہ ”اي فوج جا سالارؤ! اوهين سڀيئي هتي ويجھا ٿيو ۽ جاچ ڪري ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙو گناهہ ٿيو آهي.

39 مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.

40 تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هڪڙي پاسي ٿي بيهو ۽ آءٌ ۽ منهنجو پٽ يونتن ٻئي پاسي ٿي بيهنداسين.“ ماڻهن کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“

41 پوءِ سائول خداوند کان دعا گھري تہ ”اي بني اسرائيل جا خدا! تو اڄ پنهنجي ٻانهي کي ورندي ڇو نہ ڏني؟ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مون کي اڄ ٻڌاءِ تہ حقيقت ڇا آهي.“ تڏهن ڪُڻي وجھڻ سان يونتن ۽ سائول جا نالا نڪتا ۽ ٻيو ڪوبہ ماڻهو ڏوهاري ثابت نہ ٿيو.

42 پوءِ سائول چيو تہ ”منهنجي ۽ منهنجي پٽ يونتن جي وچ ۾ بہ ڪُڻا وجھو.“ تڏهن يونتن جو نالو نڪتو.

43 تنهن تي سائول يونتن کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي؟“ يونتن کيس ٻڌايو تہ ”جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي، تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو هو. سو هاڻي آءٌ مرڻ جي لاءِ تيار آهيان.“

44 سائول چيو تہ ”اي يونتن! جيڪڏهن تون ماريو نہ وڃين تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

45 تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.

46 انهيءَ کان پوءِ سائول فلستين جو پيڇو ڪرڻ کان بس ڪري موٽيو ۽ فلستي بہ پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.


سائول جي بادشاهي ۽ خاندان

47 جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.

48 هو بهادريءَ سان وڙهيو ۽ عماليقين کي بہ شڪست ڏنائين. هن بني اسرائيل کي ڦر ڪرڻ وارن جي هٿان ڇڏايو.

49 سائول جي پٽن جا نالا يونتن، اسوي ۽ ملڪيشوع هئا. کيس ٻہ ڌيئر هيون جن مان وڏيءَ جو نالو ميرب ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل هو.

50 سائول جي زال جو نالو اخي‌نوم هو، جيڪا اخي‌معض جي ڌيءَ هئي. سندس فوج جي سپهہ‌سالار جو نالو ابنير هو، جيڪو سائول جي چاچي نير جو پٽ هو.

51 سائول جو پيءُ قيس ۽ ابنير جو پيءُ نير، ٻئي ابي‌ايل جا پٽ هئا.

52 سائول جي سڄي عمر فلستين سان سخت جنگيون ڪندي گذري. هو جڏهن بہ ڪنهن زورآور يا بهادر شخص کي ڏسندو هو تہ انهيءَ کي آڻي پاڻ وٽ مقرر ڪندو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan