Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.سموئيل 11 - Muslim Sindhi Bible


سائول جو عمونين کي شڪست ڏيڻ

1 اٽڪل هڪ مهيني کان پوءِ عمون جو بادشاهہ ناحس لشڪر وٺي جِلعاد علائقي جي شهر يبيس تي چڙهائي ڪري آيو ۽ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين. تڏهن يبيس شهر جي ماڻهن ناحس کي چيو تہ ”اسان سان معاهدو ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي حڪمراني مڃينداسين.“

2 عموني بادشاهہ ناحس کين چيو تہ ”انهيءَ شرط تي آءٌ اوهان سان معاهدو ڪندس جو آءٌ اوهان سڀني جون ساڄيون اکيون ڪڍائي ڇڏيان ۽ اهو خواريءَ جو داغ سڄي بني اسرائيل کي لڳايان.“

3 تڏهن يبيس شهر جي اڳواڻن چيس تہ ”اسان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏي، تہ اسين بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن قاصد موڪليون. پوءِ جيڪڏهن ڪوبہ اسان کي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيو تہ اسين نڪري تنهنجي پيش پونداسين.“

4 جڏهن انهن جا قاصد جِبعت شهر ۾ اچي پهتا جتي سائول رهندو هو، تڏهن انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون جنهن تي سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.

5 انهيءَ ئي وقت سائول پنهنجي ڏاندن پٺيان ٻنيءَ کان اچي رهيو هو. هن پڇيو تہ ”ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو هو روئي رهيا آهن؟“ ماڻهن کيس يبيس جي قاصدن جون ڳالهيون ٻڌايون.

6 اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي سائول تي خدا جو روح ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو سائول ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.

7 پوءِ هن ڏاندن جي هڪڙي جوڙي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا هن قاصدن جي هٿان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ کين چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ اهو ئي حال ڪيو ويندو.“ تڏهن ماڻهن ۾ خداوند جو خوف اچي پيو، سو اهي سڀيئي گڏجي هڪ ٿي سائول ڏانهن روانا ٿيا.

8 سائول انهن کي بزق شهر ۾ گڏ ڪري سندن شمار ڪيو تہ بني اسرائيل جي يهوداہ قبيلي جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا ۽ باقي قبيلن جا ٽي لک.

9 هنن يبيس شهر کان آيل قاصدن کي چيو تہ ”اوهين يبيس جي ماڻهن کي وڃي چئو تہ ’سڀاڻي جڏهن سج تپندو تنهن مهل اوهان کي ڇڏايو ويندو.‘“ سو قاصدن اچي يبيس شهر جي ماڻهن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ هو ڏاڍا خوش ٿيا.

10 تڏهن هنن ناحس بادشاهہ کي چوائي موڪليو تہ ”سڀاڻي اسين نڪري اوهان جي پيش پونداسين. پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن اسان سان ڪجو.“

11 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.

12 تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”اهي ڪير آهن جن چيو هو تہ ’سائول اسان تي حڪومت نہ ڪري‘؟ اهي ماڻهو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين انهن کي قتل ڪريون.“

13 پر سائول چيو تہ ”اڄ اوهان مان ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند بني اسرائيل کي بچايو آهي.“

14 پوءِ سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”اچو تہ جِلجال شهر ڏانهن هلون ۽ اتي بادشاهہ سان نئين سر اقرار ڪريون.“

15 سو اهي سڀيئي ماڻهو جِلجال ڏانهن ويا ۽ اتي هنن خداوند جي حضور ۾ سائول جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اتي ئي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون ۽ سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن اتي ڏاڍيون خوشيون ملهايون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan