1.پطرس 3 - Muslim Sindhi Bible(زالن ۽ مڙسن لاءِ تاڪيد) 1-2 اي زالون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن مڙسن جون تابعدار رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت پيغام کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان زالن جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي خدا جو خوف ڪندي ۽ پاڪيزہ هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي خدا ڏانهن ڇڪجي اچن. 3 اوهان جو سينگار وار ڳُتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدا ڪپڙا پهرڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گھرجي. 4 ان جي بدران اوهان جي باطني انسانيت حليم ۽ نرم طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل هجي. خدا جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي. 5 اڳئين زماني ۾ بہ خدا تي ڀروسو رکندڙ پاڪيزہ عورتون پنهنجي پنهنجي مڙس جون تابعدار رهي انهيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون هيون. 6 اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابراهيم جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو آقا چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو. 7 اي مڙسؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن سان عقلمنديءَ سان هلو. عورت ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين زندگيءَ جي نعمت ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دعائون رڪجي نہ وينديون. (ايمان وارن جي ذميوارين جو نچوڙ) 8 مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو. 9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. 10 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ حياتي سکي گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي. 11 هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ سلامتيءَ جو طالبو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي. 12 انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“ سچائيءَ خاطر تڪليفون سهڻ 13 جيڪڏهن اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آهيو تہ ڪير اوهان سان برائي ڪندو؟ 14 پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو. 15 پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان 16 ۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا. 17 ڏسو، جيڪڏهن خدا جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي. 18 مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو. 19 انهيءَ حالت ۾ هن انهن روحن وٽ وڃي پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو جيڪي قيد ۾ هئا. 20 هي اهي روح هئا، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا. 21 اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي. 22 هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society