1.بادشاهَہ 8 - Muslim Sindhi Bibleعهد واري صندوق جو هيڪل ڏانهن کڻي اچڻ ( 2.تواريخ 5:2–6:2 ) 1 پوءِ سليمان بادشاهہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي پاڻ وٽ يروشلم ۾ سڏايو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان هيڪل ۾ آندي وڃي. 2 سو ايتانيم جيڪو سال جو ستون مهينو آهي، تنهن ۾ اهي سڀيئي ماڻهو تنبن واري عيد جي موقعي تي بادشاهہ سليمان وٽ اچي گڏ ٿيا. 3 جڏهن بني اسرائيل جا اهي سڀيئي اڳواڻ اچي گڏ ٿيا تڏهن ڪاهنن اچي عهد واري صندوق کي کنيو. 4 هنن خداوند جي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو مخصوص ڪيل سامان هيڪل ۾ آندو. اهي سڀ شيون ڪاهنن ۽ لاوين کڻي آنديون. 5 بادشاهہ سليمان ۽ ساڻس گڏ بني اسرائيل جي سڄي قوم جيڪا وٽس عهد واري صندوق اڳيان گڏ ٿي هئي، تنهن ايتريون تہ رڍون، ٻڪريون ۽ ڏاند قرباني ڪيا جو گھڻائيءَ جي ڪري اُهي ڳڻڻ کان ٻاهر هئا. 6 پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي الهامگاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ۾ سندس مقرر جاءِ يعني پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي بلڪل پرن هيٺ آڻي رکي. 7 پردار آسماني مخلوق جا ٻئي مجسما صندوق جي جاءِ جي مٿان پنهنجا پر پکيڙيو بيٺا هئا ۽ صندوق ۽ ان کي کڻي هلڻ وارين ٻانهين کي ڍڪيو بيٺا هئا. 8 اهي ٻانهيون ايتريون تہ ڊگھيون هيون جو انهن جا ڇيڙا مقدس ترين جاءِ جي اڳيان مقدس جاءِ وٽان ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جڏهن تہ اهي مقدس جاءِ جي ٻاهران ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهي اتي ئي آهن. 9 انهيءَ صندوق ۾ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو، سواءِ پٿر جي انهن ٻن تختين جي جيڪي موسيٰ سينا جبل وٽ منجھس رکيون هيون، جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ عهد ٻڌو هو. 10 جڏهن ڪاهن مقدس جاءِ مان ٻاهر نڪري آيا تڏهن خداوند جو گھر ڪڪر جي صورت ۾ سندس جلوي سان ڀرجي ويو. 11 سو انهيءَ ڪڪر جي ڪري ڪاهن ٻيهر موٽي وڃي خدمت ڪري نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو گھر سندس جلوي سان ڀرجي ويو هو. 12 تڏهن سليمان چيو تہ ”اي خداوند! تو فرمايو آهي تہ ’آءٌ اونداهي ڪڪر ۾ رهندس،‘ 13 مون تنهنجي لاءِ هڪڙو شاندار گھر جوڙايو آهي، هڪ اهڙو گھر جيڪو هميشہ لاءِ تنهنجو ئي رهندو.“ سليمان جو بني اسرائيل کي دعا ڪرڻ ( 2.تواريخ 6:3-11 ) 14 انهيءَ دوران بني اسرائيل جي سڄي قوم اتي ئي بيٺي رهي. پوءِ بادشاهہ سليمان پٺتي ڦري ماڻهن ڏانهن نهاريو ۽ کين دعا ڪئي. 15 هن چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي، جنهن پنهنجي زبان سان منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، جو کيس چيو هئائين تہ 16 ’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي. پر مون تہ رڳو تو دائود کي چونڊيو تہ تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي راڄ ڪرين.‘“ 17 سليمان وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ اهو خيال هو تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر جوڙجي. 18 پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل ۾ اهو خيال آهي تہ تون منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائين، سو تنهنجو اهو خيال چڱو آهي. 19 تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘ 20 سو خداوند هاڻ پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي. آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جو جاءِنشين بڻيو آهيان ۽ بني اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان. مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي اهو گھر جوڙايو آهي. 21 مون انهيءَ ۾ عهد واري صندوق مقرر ڪيل جاءِ تي رکرائي آهي جنهن ۾ انهيءَ عهد واريون ٻئي تختيون آهن. اهو عهد خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.“ هيڪل جي مخصوصيت وقت سليمان جي دعا ( 2.تواريخ 6:12-42 ) 22 پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڄي قوم جي موجودگيءَ ۾ خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان وڃي بيٺو ۽ آسمان ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي 23 دعا گھريائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو معبود ڪونهي. تون پنهنجي انهن ٻانهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن دائمي شفقت رکين ٿو، جيڪي پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا. 24 تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي. هائو، تو پنهنجي زبان سان واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجي قدرت سان اُهو پورو ڪيو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 25 هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘ 26 سو هاڻي اي بني اسرائيل جا خدا! تنهنجو اهو واعدو جيڪو تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو بہ پورو ٿئي. 27 پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟ 28 انهيءَ هوندي بہ اي خداوند منهنجا خدا! تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ۽ عرض اگھاءِ. اڄ تنهنجي اڳيان تنهنجو ٻانهو جيڪا دانهن ڪري ٿو ۽ دعا گھري ٿو سا قبول ڪر. 29 هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين. 30 آءٌ تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل جڏهن بہ هن هيڪل ڏانهن منهن ڪري دعا گھرون، تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم ۾ اها ٻڌي اسان جا گناهہ معاف ڪج. 31 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قوم واري ڪنهن ماڻهوءَ تي گناهہ ڪرڻ جو الزام هڻي ۽ پوءِ کيس هن گھر ۾ تنهنجي قربانگاهہ اڳيان آڻي قسم کڻڻ لاءِ چيو وڃي، 32 تڏهن تون عرش عظيم مان ٻڌي پنهنجي ٻانهن جو انصاف ڪج. گنهگار کي سندس افعالن جي جوڳي سزا ڏج ۽ سچار کي بيڏوهي قرار ڏيئي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج. 33 جڏهن تنهنجي قوم بني اسرائيل تنهنجو ڪو گناهہ ڪرڻ ڪري پنهنجي دشمنن کان شڪست کائي ۽ جيڪڏهن هو تو آڏو توبهہتائب ٿين ۽ تو کي مڃيندي تنهنجي هن گھر ۾ تو کان معافيءَ لاءِ دعا گھرن، 34 تڏهن تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي انهيءَ گناهہ جي معافي ڏج ۽ جيڪو ملڪ تو سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ کين موٽائي آڻج. 35 جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن، 36 تہ تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي ٻانهن يعني بني اسرائيل قوم جو گناهہ معاف ڪج. تون کين سڌي راهہ تي هلڻ سيکارج ۽ جيڪو ملڪ تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏنو آهي تنهن تي مينهن وسائج. 37 جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ آفت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي، 38 تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم ڏکايل دل سان دعا يا دانهن ڪري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي، 39 تہ تون پنهنجي عرش عظيم مان ٻڌج ۽ سندن گناهہ معاف ڪج. تون ئي آهين جيڪو دلين جا راز ڄاڻين ٿو. سو تون ماڻهوءَ جي دل کي ڄاڻيندي جيڪو جهڙي هلت هلي تنهن سان تهڙيءَ طرح هلج، 40 انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ رهندي هو هر وقت تنهنجو خوف ڪندا رهن. 41-42 تنهن کان سواءِ جيڪڏهن ڪو ڌارئي ملڪ جو ماڻهو جيڪو تنهنجي قوم بني اسرائيل مان ناهي، سو جڏهن تنهنجي عظيم نالي، تنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت جي هاڪ ٻڌي انهيءَ پرانهين ملڪ مان هتي اچي تنهنجي هن گھر ڏانهن هٿ کڻي دعا گھري، 43 تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي. 44 جڏهن تون پنهنجي قوم کي ڪيڏانهن سندن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ موڪلين ۽ هو جتي بہ هجن، اتان تنهنجي هن چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري تو خداوند کان دعا گھرن، 45 تڏهن عرش عظيم ۾ هنن جي دعا ٻڌي سندن عرض اگھائج ۽ کين سوڀ ڏج. 46 جيئن تہ ڪوبہ اهڙو انسان ڪونهي جيڪو گناهہ نہ ٿو ڪري، سو جڏهن هن قوم وارا تنهنجو گناهہ ڪن ۽ پوءِ تون ساڻن ڪاوڙجي کين دشمن جي حوالي ڪري ڇڏين جيڪي کين قيدي بڻائي پري يا اوري پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي وڃن 47-48 تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہتائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘ 49 تہ تون انهن جي دعا ۽ منٿ پنهنجي عرش عظيم ۾ ٻڌج ۽ انهن جي مدد ڪج. 50 تنهنجي قوم جيڪي تنهنجا گناهہ يا خطائون ڪيون آهن، سي سڀ کين معاف ڪر ۽ جن کين قيد ڪيو هجي تن جي اڳيان مٿن رحم ڪج تہ جيئن اهي بہ مٿن ترس کائين. 51 اهي بني اسرائيل تنهنجي قوم ۽ تنهنجي ئي تہ ميراث آهن جن کي تون اڳي مصر مان هڪ لوهہ جي بٺيءَ وچان ڪڍي آندو هو. 52 اي خداوند! هاڻي منهنجي ۽ پنهنجي هن بني اسرائيل قوم جي اها دعا قبول ڪر تہ جيئن آئيندہ جڏهن بہ هو تو کي پڪارين تڏهن تون انهن جي ٻڌين. 53 اي خداوند خدا! تو ئي هنن کي ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان چونڊي ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي تنهنجي ميراث ٿين، جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو جڏهن تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو هو.“ سليمان جو بني اسرائيل کي برڪت جي دعا ڪرڻ 54 جڏهن سليمان هيءَ سڄي دعا ۽ منٿ خداوند جي حضور ۾ ڪري بس ڪئي تڏهن هو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان اُٿي بيٺو، جتي هو گوڏا کوڙيو آسمان ڏانهن هٿ کنيو ويٺو هو. 55 اُٿي بيهي هن وڏي آواز سان بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي هنن لفظن سان دعا ڪئي تہ 56 ”خداوند جي واکاڻ هجي جنهن پنهنجي قوم بني اسرائيل کي پنهنجي ڪيل واعدي موجب آرام ڏنو آهي. جيڪي بہ چڱا واعدا هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڪيا هئا تن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گٿو آهي. 57 شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين ئي هجي جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو. شال هو اسان کي نہ ڇڏي ۽ نہ ڦٽو ڪري. 58 شل هو اسان جي دلين کي پاڻ ڏانهن ڦيري تہ جيئن اسين سندس فرمانبرداري ڪريون ۽ سندس انهن حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪريون جيڪي هن اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا. 59 منهنجيون هي سڀ ڳالهيون جيڪي مون هاڻي خداوند جي آڏو عرض ڪيون آهن سي شال خداوند اسان جي خدا وٽ هميشہ لاءِ قبول پون. شال هو هر وقت ڏکيءَ مهل مون پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مدد ڪري، 60 انهيءَ لاءِ تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند ئي خدا آهي ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 61 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان مڪمل وفادار رهو، هن جي قانونن تي هلو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، جيئن اڄڪلهہ اوهين ڪريو ٿا.“ هيڪل کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ ( 2.تواريخ 7:4-10 ) 62 پوءِ بادشاهہ سليمان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جي حضور ۾ قربانيون پيش ڪيون. 63 سليمان خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون، جن ۾ هن ٻاويهہ هزار ڍور ڍڳا ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون. اهڙيءَ طرح بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جو گھر مخصوص ڪيو. 64 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اڱڻ جو وچ وارو حصو جيڪو خداوند جي گھر جي اڳيان هو تنهن کي بادشاهہ مخصوص ڪيو ۽ اتي هن ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ تہ پتل جي قربانگاهہ جيڪا خداوند جي حضور ۾ هئي سا انهن قربانين لاءِ تمام ننڍي هئي. 65 انهيءَ وقت اتي خداوند بني اسرائيل جي خدا آڏو سليمان ۽ ساڻس گڏ سڄي بني اسرائيل جي هڪ تمام وڏي ميڙ تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان آيل انهن ماڻهن اها عيد ست ڏينهن هڪڙا ۽ ست ڏينهن ٻيا، ڪُل چوڏهن ڏينهن ملهائي. 66 آخري ڏينهن تي بادشاهہ سليمان ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ڪيو. سو اهي کيس دعائون ڪندا هليا ويا ۽ جيڪي ڀلايون خداوند پنهنجي ٻانهي دائود ۽ پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل سان ڪيون تن جي ڪري هو دل ۾ بيحد خوش ۽ سرها هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society