Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 7 - Muslim Sindhi Bible


سليمان جي محل جي تعمير

1 سليمان پنهنجي لاءِ محل تعمير ڪرايو جنهن جي اڏاوت ۾ تيرهن سال لڳي ويا.

2-3 هن لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان محل جو هال ٺهرايو جنهن جي ڊيگھہ ڇائيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٽيويهہ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. محل جو هال ديال ڪاٺ جي ٿنڀن جي چئن قطارن تي بيٺل هو ۽ ٿنڀن جي مٿان ديال جا پنجيتاليهہ شهتير رکيل هئا، هر هڪ قطار جي لوُئيِ ۾ پندرهن پندرهن شهتير هئا. هال جي ڇت ديال جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي.

4 آمهون سامهون وارين ديوارن ۾ ٽي ٽي قطارون درين جون هيون.

5 ٻين آمهون سامهون وارين ديوارن ۾ ٽي ٽي دروازا هئا جن جون چوڪاٺيون چورس هيون.

6 هن هڪڙو ٻيو هال ٺهرايو جنهن جي ڇت ٿنڀن تي بيٺل هئي ۽ هال جي ڊيگھہ ٽيويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا تيرهن ميٽر هئي. انهيءَ جي اڳيان هڪ ڍڪيل ورانڊو بہ ٺهرايو ويو جنهن جي ڇت بہ ٿنڀن تي بيٺل هئي.

7 هن هڪڙو تخت وارو هال يعني عدالت‌گاهہ پڻ ٺهرائي جتي ويهي هو عدالت ڪندو هو. ان کي فرش کان وٺي ڇت تائين ديال جي ڪاٺ سان ڍڪرائي ڇڏيائين.

8 سليمان جي رهائش‌گاهہ جيڪا عدالت واري انهيءَ هال جي پٺيان ٻئي صحن ۾ هئي تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. سليمان پنهنجي زال جيڪا فرعون جي ڌيءَ هئي، تنهن لاءِ بہ عدالت جي انهيءَ هال جهڙو گھر ٺهرايو.

9 اهي سڀ جايون وڏي صحن سميت بنياد کان وٺي ڇت تائين وڏن وڏن ۽ سٺن پٿرن جون ٺهيل هيون. پٿر ماپ موجب اندران ۽ ٻاهران ڪاراين سان ڪٽيا ويا هئا.

10 بنياد سٺن وڏن پٿرن جو پيل هو جن مان ڪن پٿرن جي ماپ ساڍا چار ميٽر هئي تہ ڪن جي ساڍا ٽي ميٽر.

11 انهن جي مٿان بہ سٺا پٿر لڳل هئا جيڪي ماپ موجب ڪٽيل هئا ۽ ديال جو ڪاٺ پڻ وڌو ويو هو.

12 محل جي وڏي صحن جي چوڌاري جيڪي ڀتيون هيون تن ۾ ڪٽيل پٿرن جي هر ٽئين بار کان پوءِ هڪ بار ديال جي شهتيرن جو هو، جهڙيءَ طرح هيڪل جو اندريون اڱڻ ۽ ورانڊو ٺاهيو ويو هو.


هيڪل جا ٻہ پتل جا ٿنڀا ٺاهڻ
( 2.تواريخ 3‏:15‏-17 )

13 بادشاهہ سليمان حورام نالي هڪ شخص کي صور شهر مان گھرائي ورتو.

14 هو نفتالي قبيلي جي هڪ رن‌زال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.

15 هن پتل جا ٻہ ٿنڀا ٺاهيا جيڪي اٺ اٺ ميٽر اوچا هئا ۽ انهن مان هر هڪ جي گولائي پنج ميٽر هئي.

16 هن پلٽيل پتل جا ٻہ ڇٽ انهن ٿنڀن جي چوٽين تي رکڻ لاءِ بہ جوڙيا. ٻنهي ڇٽن جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي.

17 اهي ڇٽ جيڪي ٿنڀن جي چوٽين تي رکيل هئا تن جي لاءِ چونڪڙين تي ڄاريون ۽ زنجيرن جهڙا هار ٺاهي ٻڌا ويا، ست هڪڙي ڇٽ لاءِ ۽ ست ٻئي ڇٽ لاءِ.

18 انهيءَ کان علاوہ هن ٻنهي ٿنڀن جي ڄارين جي چوڌاري ٻہ ٻہ قطارون پتل جي ڏاڙهن جون بہ ٺاهيون تہ جيئن اهي ڇٽ سينگاريل هجن.

19 ورانڊي وارن ٻنهي ٿنڀن جي چوٽين تي جيڪي ڇٽ هئا، سي سوسن گل جي شڪل جهڙا هئا ۽ سندن اوچائي پوڻا ٻہ ميٽر هئي.

20 انهن ٻنهي ٿنڀن جي چوٽين تي ڄارين جي پاسي ۾ گولائيءَ جي مٿان هر هڪ ڇٽ جي چوڌاري ٻن قطارن ۾ ٻہ سؤ پتل جا ڏاڙهون ٺهيل هئا.

21 حورام ڪاريگر اهي ٻہ پتل جا ٿنڀا هيڪل جي دروازي جي اڳيان کڙا ڪيا. ڏاکڻي ٿنڀي تي حورام ياڪن نالو اُڪريو ۽ اترئين ٿنڀي تي بوعز نالو اُڪريائين.

22 اهي سوسن گل جي شڪل جهڙا ٺهيل ڇٽ ٿنڀن جي چوٽين تي رکيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح ٿنڀن جو ڪم پورو ٿيو.


پتل جو وڏو حوض
( 2.تواريخ 4‏:2‏-5 )

23 پوءِ حورام ڪاريگر گول پلٽيل پتل جو هڪ وڏو حوض ٺاهيو، جنهن جي ماپ هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ساڍا چار ميٽر، اوچائي سوا ٻہ ميٽر ۽ گولائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي.

24 انهيءَ حوض جي ٻاهران چوڌاري ڪناري جي هيٺان لاٽن جون ٻہ قطارون هيون جيڪي حوض سان گڏ ئي پلٽيا ويا هئا.

25 اهو حوض ٻارهن پتل جي ٺهيل ڏاندن جي پٺين تي رکيو ويو جن جا پٺيان پاسا اندر حوض طرف هئا. انهن مان ٽن ڏاندن جو منهن اتر ڏانهن، ٽن جو اولهہ ڏانهن، ٽن جو ڏکڻ ڏانهن ۽ ٽن جو اوڀر ڏانهن هو.

26 انهيءَ حوض جي ٿولهہ چار آڱر هئي ۽ سندس ڪنارو پيالي جي ڪناري وانگر هو جيڪو ٻاهرين پاسي سوسن گل وانگر وريل هو. حوض ۾ چوئيتاليهہ هزار ليٽر ماپي ٿي سگھيا.


پتل جون ريڙهيون

27 حورام ڪاريگر ڏهہ پتل جون ريڙهيون پڻ ٺاهيون، هر هڪ ريڙهيءَ جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني پوڻا ٻہ ميٽر هئي ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي.

28 اُهي ريڙهيون هن طرح جڙيل هيون جو انهن کي پاسن کان تختا هئا ۽ تختا فريمن جي وچ ۾ هئا.

29 فريمن جي وچ وارن تختن تي شينهن، ڏاند ۽ پردار آسماني مخلوق جا مجسما ٺهيل هئا. فريمن تي تختن جي مٿان ۽ هيٺان هٿ جا جوڙيل هار لڳل هئا.

30 هر هڪ ريڙهيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ پتل جون ئي سرايون هيون. هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ ننڍو حوض رکڻ لاءِ هيٺان چئني ڪنڊن تي پلٽيل ٽيڪون هنيون ويون. هر هڪ ٽيڪ تي هار ٺاهيا ويا.

31 هر هڪ ريڙهيءَ جي مٿان هڪ گول فريم ٺاهيو ويو جيڪو منو ميٽر ويڪرو هو ۽ انهيءَ ويڪر مان اڌ ميٽر ريڙهيءَ جي ڪناري کان مٿي بيٺل هو. ان تي چوڌاري اُڪر جو ڪم ٿيل هو. جڏهن تہ ريڙهين جون ڪناريون گول نہ پر چورس ٺاهيون ويون.

32 فريم جي تختن جي هيٺان چار ڦيٿا لڳايا ويا. ڦيٿن جي سرائي ٽيڪن سان جوڙي ويئي. هر هڪ ڦيٿي جي اوچائي منو ميٽر هئي.

33 اهي ڦيٿا جنگي گھوڙي گاڏين جي ڦيٿن جهڙا ٺاهيا ويا. انهن جون سرايون، پاٽا، اَرا ۽ وچ جا ٽڪرا سڀ پلٽيل پتل جا ٺاهيا ويا.

34 هر هڪ ريڙهيءَ جي هيٺان چئني ڪنڊن تي ٽيڪون هنيون ويون. ريڙهي ۽ اهي ٽيڪون هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺاهيا ويا.

35 ريڙهيءَ جي ڪناري جي چئني پاسن جي ڪنڊن تي گولايون ٺاهيون ويون جن مان هر هڪ جي اوچائي ميٽر جو چوٿون حصو هئي. هر هڪ ريڙهيءَ جا تختا ۽ فريم ريڙهيءَ سان جوڙيا ويا.

36 انهن فريمن ۽ تختن تي وٿيءَ آهر پردار آسماني مخلوق، شينهن ۽ کجيءَ جا وڻ اُڪرايا ويا ۽ انهن جي چوڌاري هار اُڪرايا ويا.

37 اهڙيءَ طرح ڏهہ ريڙهيون ٺاهيون ويون ۽ سڀيئي ماپ ۽ شڪل ۾ هڪجهڙيون هيون.

38 پوءِ حورام ڪاريگر پتل جا ڏهہ ننڍا حوض ٺاهيا، هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ حوض رکڻو هو. هر هڪ ننڍي حوض ۾ پوڻا نوَ سؤ ليٽر ماپيا ٿي ۽ هر هڪ حوض پوڻا ٻہ ميٽر ويڪرو هو.

39 پنج ريڙهيون هيڪل جي ڏاکڻي پاسي رکيون ويون ۽ پنج اترئين پاسي. وڏو حوض هيڪل جي اوڀر پاسي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ رکيو ويو.

40 حورام ڪاريگر ٿانوَ، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺاهيا. اهڙيءَ طرح حورام ڪاريگر اُهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جيڪو کيس سليمان بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ڪرڻو هو يعني

41 ٻہ ٿنڀا، ٻہ پيالي نما ڇٽ جيڪي انهن ٿنڀن جي مٿان هئا، ٿنڀن جي چوٽين وارن ٻن پيالي نُما ڇٽن کي ڍڪڻ لاءِ ٻہ ڄاريون،

42 انهن ٻن ڄارين لاءِ چار سؤ ڏاڙهون، يعني هر هڪ ڄاريءَ لاءِ ڏاڙهن جون ٻہ قطارون،

43 ڏهہ ريڙهيون، انهن ريڙهين جي مٿان ڏهہ ننڍا حوض،

44 هڪڙو وڏو حوض، ٻارهن ڏاند جيڪي انهيءَ حوض هيٺان بيٺل هئا،

45 تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ. اهي سڀ شيون جيڪي حورام ڪاريگر سليمان بادشاهہ جي خڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ٺاهيون سي چمڪندڙ پتل جون هيون.

46 بادشاهہ انهن شين کي اردن جي ماٿريءَ واري ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان ڳوٺن جي وچ واري علائقي ۾ چيڪي مٽيءَ واري پڪل ڪالب ۾ پلٽرايو.

47 سليمان بادشاهہ انهن سڀني شين جي تور نہ ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ اهي تمام گھڻيون هيون. سو انهن جي پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگھي.

48 سليمان بادشاهہ خداوند جي هيڪل لاءِ سون جو هي سامان ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميز،

49 مقدس ترين جاءِ جي اڳيان رکڻ لاءِ ڏهہ شمعدان، پنج ڏاکڻي پاسي ۽ پنج اترئين پاسي لاءِ، گُل، ڏيئا ۽ ٽانڊن لاءِ چمٽا،

50 پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.

51 اهڙيءَ طرح خداوند جي هيڪل لاءِ جنهن ڪم جو سليمان بادشاهہ حڪم ڏنو هو سو پورو ٿيو. پوءِ سليمان اُهي شيون کڻائي آيو جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. اُهي هن خداوند جي هيڪل جي گدامن ۾ آڻي رکايا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan