1.بادشاهَہ 4 - Muslim Sindhi Bibleسليمان جا عملدار 1 بادشاهہ سليمان سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪندو هو. 2 هن وٽ هي عملدار هئا: صدوق جو اولاد عزرياہ جيڪو ڪاهن هو، 3 سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ اخياہ جيڪي منشي هئا، اخيلود جو پٽ يهوسفط جيڪو شاهي منتظم هو، 4 يهويدع جو پٽ بناياہ جيڪو سپهہسالار هو، صدوق ۽ ابيياتر جيڪي ڪاهن هئا، 5 ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو، 6 اخيسر جيڪو شاهي محل جو نگران هو ۽ عبدا جو پٽ ادونرام جيڪو بيگارين جو نگران هو. 7 بادشاهہ سليمان جا ٻيا ٻارهن عملدار پڻ سڄي بني اسرائيل جي مختلف علائقن مٿان مقرر هئا، جيڪي بادشاهہ ۽ سندس گھراڻي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيندا هئا. هر هڪ کي سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيڻو هوندو هو. 8 انهن جا نالا ۽ سندن علائقا هي آهن: بنحور: افرائيم جي جابلو علائقي مٿان. 9 بندقر: مقص، سعلبيم، بيتشمس، ايلون ۽ بيتحنان شهرن مٿان. 10 بنحصد: اربوت ۽ شوڪو جي شهرن سميت حفر جي سڄي علائقي مٿان. 11 بنابينداب، جنهن جي زال سليمان جي ڌيءَ طافت هئي: ڪناري واري شهر دور جي آسپاس واري علائقي مٿان. 12 اخيلود جو پٽ بعنہ: تعناڪ ۽ مجدو شهرن ۾ ۽ بيتشان جي ڀرسان واري انهيءَ سڄي علائقي مٿان، جيڪو ضرتان ڳوٺ جي ويجھو، يزرعيل ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ويندي ابيل محولہ ۽ يقمعام شهرن تائين آهي. 13 بنجبر: جِلعاد واري رامات شهر مٿان ۽ جِلعاد جي انهن ڳوٺن مٿان جيڪي منسيءَ جي اولاد مان يائير جي نسل جا آهن ۽ بسن واري ارجُوب علائقي مٿان، جتي جملي سٺ شهر ڪوٽن سان آهن، جن جي ٻاهرين دروازن تي پتل جا گز لڳل آهن. 14 عدو جو پٽ اخينداب: محنايم شهر مٿان. 15 اخيمعض، جنهن جي زال سليمان جي ٻي ڌيءَ بسمت هئي: نفتاليءَ جي علائقي مٿان. 16 حوسيءَ جو پٽ بعنہ: آشر جي علائقي ۽ يعلوت ڳوٺ مٿان. 17 فروح جو پٽ يهوسفط: اِسڪار جي علائقي مٿان. 18 ايلا جو پٽ شمعي: بنيامين جي علائقي مٿان. 19 اوريءَ جو پٽ جبر: جِلعاد علائقي مٿان، جنهن تي امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج بادشاهي ڪئي. پر سڄي يهوداہ علائقي تي هڪڙو ئي عملدار مقرر هو. سليمان جي خوشحال بادشاهت 20 بني اسرائيل قوم جا ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا. هو کائيندا، پيئندا ۽ مزا ماڻيندا وتندا هئا. 21 فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ، ويندي مصر جي سرحد تائين جيڪي بہ بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪمراني ڪندو هو. هو سليمان کي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي سڄي حياتيءَ تائين سندس راڄ ٿي رهيا. 22 سليمان جي سڄي محل جي هڪڙي ڏينهن جو راشن هي هو: پنج هزار ڪلوگرام ميدو، ڏهہ هزار ڪلوگرام اٽو، 23 ڏهہ ٿانَن تي پليل ڏاند، ويهہ چراگاهہ وارا ڏاند، هڪ سؤ رڍون. تنهن کان سواءِ ڄانگھا، هرڻيون، ننڍا هرڻ ۽ وڻندڙ پکي بہ راشن ۾ شامل هئا. 24 فرات نديءَ جي اولهہ طرف تفسح شهر کان وٺي غزہ شهر تائين سليمان حڪمراني ڪندو هو. فرات نديءَ جي اولهہ طرف جيڪي بہ بادشاهہ هئا سي سليمان بادشاهہ جو راڄ هئا ۽ هو انهن سڀني سان صلح سان رهندو هو. 25 سليمان بادشاهہ جي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، بني يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جو هر هڪ ڪٽنب پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن سميت امن وَ سڪون سان رهندو هو. 26 سليمان جي شاهي طنبيلن ۾ سندس گھوڙي گاڏين جي گھوڙن لاءِ چاليهہ هزار گھوڙن جي گنجائش هئي. هن جا ٻارهن هزار گھوڙي سوار بہ هئا. 27 جيڪي ٻارهن عملدار هئا تن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي واري واري مهيني ۾ سليمان بادشاهہ جي لاءِ ۽ جيڪي سندس دسترخوان تي ايندا هئا تن سڀني جي لاءِ کاڌو موجود ڪري ڏيندا هئا. هنن ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي نہ ٿي ٿيڻ ڏني. 28 انهن مان هر هڪ پنهنجي مقرر واري موجب گھوڙي گاڏيءَ وارن گھوڙن ۽ گھوڙي سواريءَ وارن گھوڙن لاءِ جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ پهچائيندو هو جتي اهي جانور ٻڌل هوندا هئا. سليمان جي دانائي 29 خدا سليمان کي دانائي ۽ سمجھہ تمام گھڻي ڏني ۽ کيس اڻميو علم عطا ڪيو. 30 سليمان جي دانائي اوڀر جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان ۽ مصر جي سڀني ماڻهن جي دانائيءَ کان وڌيڪ هئي. 31 هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ داناءُ هو، بلڪ ايتان ازراخي ۽ محول جي پٽن هيمان، ڪلڪول ۽ دردع کان بہ وڌيڪ داناءُ هو ۽ هن جي هاڪ آسپاس وارين سڀني قومن ۾ پئجي ويئي. 32 هن ٽي هزار چوڻيون چيون ۽ سندس راڳن جو تعداد هڪ هزار پنج هو. 33 هن وڻن جو بيان ڪيو، لبنان ۾ ٿيندڙ ديال وڻ کان وٺي زوفا ٻوٽي تائين، جيڪو ڀتين مان اڀري ٿو. هن جانورن، پکين، سرندڙ جيتن ۽ مڇين بابت پڻ بيان ڪيو. 34 دنيا جي سڀني بادشاهن سليمان جي دانائيءَ جي هاڪ ٻڌي هئي، سو هو ماڻهن کي موڪليندا هئا جيڪي اچي سليمان جي دانائيءَ وارا گفتا ٻڌندا هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society