Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 22 - Muslim Sindhi Bible


ميڪاياہ نبي ۽ ٻيا نبي سڏائيندڙ
( 2.تواريخ 18‏:2‏-27 )

1 تنهن کان پوءِ ٻن سالن تائين ارام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن رهيو.

2 ٽئين سال يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو.

3 اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوسفط جي روبرو پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ جِلعاد علائقي جو رامات شهر اسان جو آهي؟ پر انهيءَ هوندي بہ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي قبضي مان نہ ٿا ڇڏايون.“

4 تڏهن هن يهوسفط کان پڇيو تہ ”ڇا توهان مون سان گڏجي رامات شهر تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ هلندا؟“ اسرائيل جي بادشاهہ کي يهوسفط ورندي ڏني تہ ”جڏهن اوهين چئو تہ آءٌ، منهنجو لشڪر ۽ منهنجا گھوڙي سوار اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيون.

5 پر اچو تہ اڳ ۾ خداوند جي مرضي معلوم ڪريون.“

6 سو اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”آءٌ رامات شهر تي ڪاهہ ڪريان يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڀلي وڃو، ڌڻي توهان کي فتح ڏيندو.“

7 پر يهوسفط چيو تہ ”هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇون؟“

8 اخي‌اب وراڻيو تہ ”هائو، هڪڙو نبي باقي آهي جيڪو املہ جو پٽ ميڪاياہ آهي. انهيءَ کان اسين خداوند جي مرضي معلوم ڪري سگھون ٿا پر مون کي کانئس نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري.“ يهوسفط کيس چيو تہ ”اوهان کي ائين چوڻ نہ گھرجي.“

9 پوءِ بادشاهہ اخي‌اب پنهنجي هڪڙي عملدار کي چيو تہ ”جلد وڃي ميڪاياہ ولد املہ کي وٺي اچ.“

10 اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط پنهنجي پنهنجي شاهاڻي پوشاڪ پهريو ڪرسين تي سامريہ شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ ڳاهہ جي پِڙ جي ڀرسان ويٺا هئا ۽ سڀني نبي سڏائيندڙن سندن اڳيان اڳڪٿيون ٿي ڪيون.

11 انهن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ لوهہ جا سڱ ٺاهيا ۽ اخي‌اب کي چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’هنن سان توهين ارامين کي اهڙو تہ ٽڪر هڻندا جو اهي مڪمل طور ناس ٿي ويندا.‘“

12 ٻين سڀني نبي سڏائيندڙن بہ اهڙي ئي اڳڪٿي پئي ڪئي تہ ”رامات شهر تي ڪاهہ ڪريو، فتح اوهان جي ٿيندي. خداوند اوهان کي سوڀ ڏيندو.“

13 هوڏانهن جيڪو عملدار ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن وڃي ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڏس، سڀيئي نبي يڪ زبان ٿي بادشاهہ کي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٿا ڏين، سو ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ بادشاهہ کي فتح جي خوشخبري ڏج.“

14 تنهن تي ميڪاياہ چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو ئي آءٌ چوندس.“

15 جڏهن هو اخي‌اب وٽ آيو تڏهن هن کانئس پڇيو تہ ”اي ميڪاياہ! اسين رامات شهر تي ڪاهہ ڪريون يا نہ؟“ هن وراڻيو تہ ”ها، ڇو نہ، ڀلي وڃ ۽ ماڻ ڪاميابي. خداوند تو کي سوڀ ڏيندو.“

16 پر اخي‌اب ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڪيترا ڀيرا آءٌ تو کي قسم ڏيان تہ خداوند جي نالي تي مون کي بلڪل سچ ٻڌاءِ؟“

17 تڏهن ميڪاياہ وراڻيو تہ ”مون اسرائيل وارن کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کان سواءِ رڍون هونديون آهن. خداوند فرمايو تہ ’هنن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي، سو چڱائي انهيءَ ۾ اٿن جو هو پنهنجي پنهنجي گھر سلامتيءَ سان موٽي وڃن.‘“

18 تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ ”مون توهان کي نہ چيو هو تہ هو منهنجي حق ۾ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ڪندو، بلڪ منهنجي خلاف ڪندو!“

19 تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.

20 خداوند کانئن پڇيو تہ ’ڪير اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي ڌُتاريندو تہ جيئن هو وڃي رامات شهر تي ڪاهہ ڪري ۽ اتي ماريو وڃي؟‘ پوءِ ڪن ڇا چيو تہ ڪن ڇا.

21 ايتري ۾ هڪڙو روح اچي خداوند جي آڏو بيٺو ۽ چيائين تہ ’آءٌ هن کي ڌُتاريندس.‘

22 خداوند انهيءَ کان پڇيو تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘ هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘

23 سو اي اخي‌اب بادشاهہ! خداوند انهيءَ روح کي موڪلي تنهنجي هنن نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرايو آهي، بلڪ خداوند تو تي مصيبت آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“

24 تڏهن نبي سڏايندڙن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ ويجھو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هنئي ۽ کانئس پڇيو تہ ”خداوند جو روح مون مان ڪيئن نڪري تو سان ڳالهائڻ لاءِ آيو؟“

25 ميڪاياہ کيس وراڻيو تہ ”اهو تو کي انهيءَ ڏينهن معلوم ٿي ويندو جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويندين.“

26 پوءِ بادشاهہ اخي‌اب حڪم ڏيندي چيو تہ ”ميڪاياہ کي پڪڙيو ۽ کيس وٺي وڃي شهر جي گورنر امُون ۽ شهزادي يوآس جي حوالي ڪريو

27 ۽ کين منهنجو هي حڪم ٻڌايو تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيل ۾ وجھو ۽ کيس تنگيءَ سان ماني ۽ پاڻي ڏيو، جيستائين بادشاهہ سلامتيءَ سان موٽي نہ اچي.‘“

28 تڏهن ميڪاياہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ پوءِ چئبو تہ خداوند منهنجي معرفت ڳالهايو ئي ناهي.“ پوءِ هن اتي موجود سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀ اهو ٻڌي ڇڏيو.“


بادشاهہ اخي‌اب جو موت
( 2.تواريخ 18‏:28‏-34 )

29 پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط رامات شهر تي ڪاهي ويا.

30 اخي‌اب يهوسفط کي چيو تہ ”آءٌ ويس مَٽائي جنگ ڪندس، پر توهين ڀلي پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري رکو.“ سو اخي‌اب ويس بدلائي لڙائي ڪرڻ نڪتو.

31 هوڏانهن ارام جي بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي ٻٽيهن سالارن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو تہ ”اوهين اسرائيل جي بادشاهہ کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي بہ حملو نہ ڪجو.“

32 سو جڏهن انهن سالارن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ئي اسرائيل جو بادشاهہ آهي. هو مٿس حملي ڪرڻ لاءِ ڦريا، پر جڏهن يهوسفط وٺي رڙيون ڪيون،

33 تڏهن هنن سمجھيو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ نہ آهي. سو مٿس حملو نہ ڪيائون.

34 هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“

35 انهيءَ ڏينهن وڏي گھمسان جي جنگ لڳي. زخمي هوندي بہ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي ارامين جي سامهون جنگي گھوڙي گاڏي ۾ سنڀالي بيهاريو ويو. پر سندس زخم مان رت وهي گاڏيءَ جي تري ۾ ڀرجي ويو ۽ هو شام جو مري ويو.

36 سج لهڻ ڌاري اسرائيل ۽ يهوداہ جي سڄي لشڪر کي حڪم مليو تہ ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي.“

37 سو بادشاهہ اخي‌اب مري ويو. هن جو لاش سامريہ شهر ۾ آندو ويو ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.

38 سندس جنگي گھوڙي گاڏي سامريہ جي انهيءَ تلاءَ وٽ ڌوتي ويئي، جتي ڪسبياڻيون تڙ ڪنديون هيون ۽ جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ڪتن هن جو رت چٽيو.

39 اخي‌اب جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، عاج سان سينگاريل گھر جيڪو هن ٺهرايو ۽ سڀ شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

40 نيٺ اخي‌اب مري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ اخزياہ سندس تخت تي ويٺو.


يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط
( 2.تواريخ 20‏:31‏–21‏:1 )

41 اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال، يهوسفط ولد آسا يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ٿيو.

42 يهوسفط پنجٽيهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل پنجويهہ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو عزوبہ هو جيڪا شلحيءَ جي ڌيءَ هئي.

43 هن پنهنجي پيءُ آسا وانگر اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. انهيءَ هوندي بہ غير معبودن وارا پوڄا گھر ڪونہ ڊهرايائين. سو ماڻهو اتي اڃان تائين قربانيون پيش ڪندا رهيا ۽ لوبان ساڙيندا رهيا.

44 هو پڻ اسرائيل جي بادشاهہ سان صلح سانت ۾ رهيو.

45 يهوسفط جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، جيڪا بهادري هن ڏيکاري ۽ جيڪي جنگيون هن ڪيون، سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

46 غير معبودن وارين عبات‌گاهن تي اهي بدفعلي ڪندڙ جيڪي سندس پيءُ آسا جي ڏينهن ۾ رهجي ويا هئا، تن سڀني کان هن ملڪ کي پاڪ ڪري ڇڏيو.

47 انهن ڏينهن ۾ ادوم ملڪ ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، پر ان تي يهوداہ جي بادشاهہ طرفان هڪ نائب مقرر ٿيل هو.

48 بادشاهہ يهوسفط سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز عصيون‌گابر بندر ۾ ٺهرايا تہ جيئن اوفير کان سون کڻڻ لاءِ اوڏانهن وڃن، پر اهي وڃي نہ سگھيا ۽ اتي ئي ڀڄي پيا.

49 ڪجھہ وقت کان پوءِ اخزياہ ولد اخي‌اب يهوسفط کي آڇ ڪئي تہ ”منهنجا ماڻهو تنهنجي ماڻهن سان گڏ سامونڊي جهاز ڪاهي وڃن.“ پر هن انڪار ڪيو.

50 يهوسفط وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ يهورام سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.


اخزياہ اسرائيل جو بادشاهہ

51 يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط جي بادشاهيءَ جي سترهين سال اخزياہ ولد اخي‌اب اسرائيل جو بادشاهہ مقرر ٿيو ۽ هن اسرائيل تي اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪئي.

52 هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو پنهنجي پيءُ، پنهنجي ماءُ ۽ يربعام ولد نباط جي نقشِ‌قدم تي هليو، جن اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.

53 هن بعل ديوتا جي اڳيان سجدو ڪري پنهنجي پيءُ وانگر خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan