1.بادشاهَہ 20 - Muslim Sindhi Bibleبنهدد جي سامريہ شهر تي ڪاهہ 1 ارام جي بادشاهہ بنهدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو. ٻين ٻٽيهن حاڪمن جي حمايت سان، جن کي جنگي گاڏيون ۽ گھوڙا هئا، هن سامريہ شهر تي چڙهائي ڪري مٿس حملي ڪرڻ لاءِ ان کي گھيرو ڪيو. 2 هن اسرائيل جي بادشاهہ اخياب ڏانهن شهر ۾ قاصد موڪلي کانئس گھر ڪئي تہ 3 ”پنهنجي چاندي، پنهنجو سون، پنهنجيون سهڻيون عورتون ۽ پنهنجا صحتمند ٻار مون بنهدد جي حوالي ڪر.“ 4 اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏياري موڪليس تہ ”اي بادشاهہ، منهنجا آقا! جيئن اوهان جو حڪم، آءٌ ۽ جيڪي ڪجھہ مون وٽ آهي سو سڀ اوهان جو آهي.“ 5 بعد ۾ قاصد وري اخياب وٽ موٽي آيا ۽ بنهدد جو نياپو ڏنائونس تہ ”مون تو کي نہ چيو هو ڇا تہ ’پنهنجي چاندي، پنهنجو سون، پنهنجيون عورتون ۽ پنهنجا ٻار منهنجي حوالي ڪر‘؟ 6 سو سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ پنهنجا سالار موڪليندس جيڪي تنهنجي محل ۽ تنهنجي عملدارن جي گھرن جي تلاشي وٺندا. هنن کي جيڪا بہ شيءِ وڻندي سا هو کڻي ايندا.“ 7 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخياب ملڪ جي سڀني اڳواڻن کي گھرايو ۽ کين چيائين تہ ”ڏسو تہ هي ماڻهو ڪيڏي تہ شرارت تي لهي آيو آهي. هن ماڻهو موڪلي مون کان منهنجيون عورتون، منهنجا ٻار، منهنجي چاندي ۽ منهنجو سون گھريو ۽ مون سندس تابعداري مڃي.“ 8 تنهن تي انهن اڳواڻن ۽ ٻين ماڻهن کيس چيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو ۽ هار نہ مڃيو.“ 9 سو اخياب بنهدد جي قاصدن کي ورندي ڏني تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ کي چئو تہ ’جيڪي توهان پهريائين مون پنهنجي ٻانهي کان گھريو هو سو آءٌ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پر اوهان جي هيءَ زبردستي مون کان برداشت نہ ٿيندي.‘“ قاصد ورندي کڻي بنهدد ڏانهن روانا ٿيا. 10 پوءِ بنهدد وري ٻيو پيغام اخياب ڏانهن موڪليو تہ ”آءٌ تنهنجي شهر سامريہ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايترا تہ ماڻهو وٺي ايندس جو هو جيڪڏهن سامريہ شهر جي مٽيءَ مان هڪ هڪ مٺ بہ کڻندا تہ مٽي کپي ويندي. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ ڀل تہ منهنجا ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“ 11 بادشاهہ اخياب جواب ڏنو تہ ”وڃي بنهدد کي ٻڌايو تہ ’جنگي جوڌا جنگ کان پوءِ ٻٽاڪون هڻندا آهن، جنگ کان اڳ ۾ نہ.‘“ 12 جڏهن بنهدد اها ورندي ٻڌي تڏهن هو ٻين حاڪمن سان گڏ تنبن ۾ مئي پي رهيو هو. انهيءَ وقت بنهدد پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو تہ ”حملي لاءِ تيار ٿيو.“ سو هو تيار ٿي بيٺا. اخياب جو بنهدد کي هارائڻ 13 انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جي بادشاهہ اخياب وٽ هڪڙو نبي آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تون هي هيڏو سارو لشڪر ڏسين ٿو؟ اهو اڄ آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ پوءِ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“ 14 اخياب پڇيو تہ ”لشڪر مان اڳ ۾ ڪير وڙهندو؟“ نبيءَ وراڻيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’صوبن جي اعليٰ عملدارن جي هٿ هيٺ جوان سپاهي وڙهندا.‘“ وري اخياب پڇيو تہ ”جنگ جي اڳواڻي ڪير ڪري؟“ نبيءَ ورندي ڏنس تہ ”تون.“ 15 تڏهن اخياب صوبن جي اعليٰ عملدارن جا جوان سپاهي گھرايا، جيڪي ٻہ سؤ ٻٽيهہ هئا. تنهن کان پوءِ هن اسرائيل جي باقي فوج گھرائي جيڪي جملي ست هزار ڄڻا هئا. 16 اخياب جو لشڪر منجھند جو حملي لاءِ روانو ٿيو، تنهن وقت بنهدد پنهنجي ٻين ٻٽيهن حمايتي حاڪمن سان گڏ تنبن ۾ پيئندي پيئندي نشي ۾ مدهوش لڳو پيو هو. 17 صوبن جي اعليٰ عملدارن جا جوان سپاهي اڳ ۾ ٿي هليا. تڏهن بنهدد کي ٻڌايو ويو تہ ”فوج جو هڪڙو جٿو سامريہ مان اچي رهيو آهي.“ 18 تنهن تي بنهدد حڪم ڏنو تہ ”کين جيئرو گرفتار ڪريو، پوءِ کڻي هو جنگ لاءِ ايندا هجن يا صلح لاءِ.“ 19 صوبن جي اعليٰ عملدارن جا نوجوان سپاهي شهر مان اڳ ۾ روانا ٿيا ۽ ٻيو لشڪر سندن پٺيان هليو. 20 انهن حملو ڪري پنهنجي پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي ماري ڇڏيو. انهيءَ تي ارامي اُٿي ڀڳا ۽ اسرائيل جا ماڻهو انهن جو پيڇو ڪرڻ لڳا. پر بادشاهہ بنهدد گھوڙي تي سوار ٿي ڪجھہ گھوڙي سوار سپاهين سان گڏ جان بچائي ڀڄي ويو. 21 اسرائيل جو بادشاهہ اخياب جنگ جي ميدان ۾ آيو، گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين کي قبضي ۾ ورتائين ۽ ارامين کي وڏي شڪست ڏنائين. 22 تنهن بعد اُهو نبي بادشاهہ اخياب وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”هاڻ موٽي وڃ ۽ پنهنجي فوجي قوت وڌاءِ ۽ چڱيءَ طرح سان منصوبابندي ڪر، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ سال ارام جو بادشاهہ وري تو تي حملو ڪندو.“ بنهدد جي ٻي ڪاهہ 23 ارام جي بادشاهہ بنهدد کي سندس عملدارن چيو تہ ”اسرائيل وارن جا معبود جابلو علائقن جا ديوتا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو اسان کان ڏاڍا ٿيا. پر جيڪڏهن اسين هنن سان ميداني علائقن ۾ وڙهون تہ يقيناً هن دفعي اسان هنن کان ڏاڍا ٿينداسين. 24 هاڻ هيئن ڪريو جو ٻٽيهن ئي حاڪمن کي سپهہسالاريءَ تان هٽائي انهن جي جاءِ تي ٻيا سپهہسالار مقرر ڪريو. 25 اوهان جو جيترو لشڪر مارجي ويو هو اوترو ئي لشڪر وري تيار ڪريو، گھوڙن ۽ گھوڙي گاڏين جو تعداد بہ اوترو ئي وڌايو. پوءِ اسين اسرائيل وارن سان ميدان ۾ وڙهنداسين ۽ يقيناً هن دفعي اسان هنن کان ڏاڍا ٿينداسين.“ بنهدد هنن جي ڳالهہ مڃي ۽ ائين ئي ڪيائين. 26 ٻئي سال هن پنهنجو ارامي لشڪر ڪٺو ڪيو ۽ اسرائيل وارن سان وڙهڻ لاءِ افيق شهر ڏانهن ويو. 27 هوڏانهن اسرائيل وارن کي گڏ ڪيو ويو ۽ اهي هٿيار پنهوار کڻي هنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتا. اسرائيل وارا ارامين جي اڳيان خيما کوڙي ويٺا تہ ائين ٿي لڳا ڄڻ ٻڪرين جا ٻہ ننڍڙا ڌڻ هجن. هوڏانهن ارامي سڄي علائقي ۾ پکڙيا پيا هئا. 28 تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخياب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“ 29 ستن ڏينهن تائين اسرائيل وارا ۽ ارامي هڪٻئي جي سامهون خيما کوڙي جنگ لاءِ تيار پئي ٿيا. ستين ڏينهن تي اچي دوبدو جنگ لڳي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اسرائيل وارن ارامين جا هڪ لک پيادا ماري ڇڏيا. 30 باقي ٻيا جيڪي بچيا سي افيق شهر ۾ اندر ڀڄي ويا جتي انهن بچي ويلن مان ستاويهہ هزار ماڻهن مٿان ڀت ڪري پيئي. بنهدد پڻ شهر ۾ ڀڄي هڪڙي گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو. 31 بنهدد جا عملدار وٽس ويا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جا بادشاهہ رحمدل هوندا آهن. سو اسان کي موڪل ڏيو تہ اسين پنهنجن چيلهِن تي کٿا ويڙهي ۽ پنهنجين ڳچين ۾ ڳارا وجھي اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون. ٿي سگھي ٿو تہ هو اوهان کي جيئدان ڏئي.“ 32 سو هو پنهنجين چيلهِن سان کٿا ويڙهي ۽ ڳچين ۾ ڳارا وجھي اسرائيل جي بادشاهہ اخياب وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”اوهان جو ٻانهو بنهدد عرض ڪري چوي ٿو تہ ’مهرباني ڪري مون کي جيئدان ڏيو.‘“ اخياب بادشاهہ وراڻيو تہ ”ڇا هو اڃان جيئرو آهي؟ ٺيڪ آهي، هينئر هو منهنجو ڀاءُ آهي.“ 33 جيئن تہ هو نهايت ڌيان ڏيئي رهيا هئا تہ بادشاهہ جي نيت معلوم ڪري وٺن، سو سندس ڳالهہ ٻڌندي ئي هڪدم ورجايائون تہ ”هائو، بنهدد اوهان جو ڀاءُ آهي.“ پوءِ بادشاهہ اخياب کين چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ کي وٺي اچو.“ جڏهن بنهدد وٽس آيو تڏهن اخياب کيس پاڻ سان پنهنجي گھوڙي گاڏيءَ ۾ چاڙهي ويهاريو. 34 بنهدد اخياب کي چيو تہ ”جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان کسيا هئا سي آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس ۽ پوءِ توهين ڀلي دمشق شهر ۾ واپار لاءِ بازاريون ٺهرايو جيئن منهنجي پيءُ سامريہ شهر ۾ ٺهرايون هيون.“ تڏهن اخياب کيس چيو تہ ”انهن شرطن تي آءٌ تو کي ڇڏي ڏيندس.“ سو بنهدد اخياب سان اهو معاهدو ڪيو، پوءِ اخياب کيس موڪل ڏني. نبيءَ جو اخياب کي نندڻ 35 نبين جي ٽولي مان هڪڙي ڄڻي خداوند جي حڪم سان ٻئي کي چيو تہ ”مون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪر.“ پر انهيءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. 36 تڏهن هن انهيءَ انڪار ڪندڙ کي چيو تہ ”جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي تنهنڪري جيئن ئي تون مون وٽان ويندين تيئن هڪڙو شينهن تو کي ماري ڇڏيندو.“ سو هو جيئن ئي انهيءَ وٽان روانو ٿيو تہ رستي ۾ شينهن بہ اچي پهتس ۽ کيس ماري وڌائين. 37 پوءِ انهيءَ ساڳئي نبيءَ هڪڙي ٻئي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪر.“ سو انهيءَ ماڻهوءَ کيس ڌڪ هڻي زخمي ڪري وڌو. 38 تڏهن اهو نبي وڃي رستي تي بيهي اسرائيل جي بادشاهہ جي گذرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي اڌ منهن تي پٽي ٻڌي ڇڏي تہ جيئن ڪو کيس سڃاڻي نہ سگھي. 39 جڏهن بادشاهہ اتان اچي لنگھيو تہ انهيءَ نبيءَ سڏ ڪري چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو جنگ هلندي اتي ويو هو، تڏهن اُتي هڪڙو ماڻهو هڪڙي جنگي قيديءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ ’هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر. جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو غائب ٿي ويو تہ پوءِ هن جي جان جي بدلي ۾ تنهنجي جان ورتي ويندي، يا تو کي چانديءَ جا پنجٽيهہ ڪلوگرام ڀري ڏيڻا پوندا.‘ 40 پر جڏهن آءٌ ڪن ڪمن ۾ مصروف هئس تہ اهو ماڻهو ڀڄي ويو.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”تو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري ڇڏيو آهي. سو تو کي هرجاڻو ڀري ڏيڻو پوندو.“ 41 تڏهن انهيءَ نبي جلديءَ ۾ پنهنجي منهن تان پٽي لاٿي ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هن کي ڏسي سڃاتو تہ هي تہ نبين جي ٽولي مان هڪ نبي آهي. 42 پوءِ انهي نبيءَ چيس تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو هڪ واجبالقتل ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن جي جان جي عيوض تنهنجي جان ورتي ويندي ۽ تنهنجي فوج کي هن جي فوج جي عيوض تباهہ ڪندس.‘“ 43 تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ سامريہ شهر ڏانهن پنهنجي محل ۾ موٽي آيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society