1.بادشاهَہ 2 - Muslim Sindhi Bibleدائود جي سليمان کي وصيت 1 جڏهن دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا تڏهن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪري چيائين تہ 2 ”منهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، سو تون مضبوط ۽ مڙس ماڻهو ٿيءُ. 3 خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين. 4 انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘ 5 تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہسالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين. 6 سو تون پنهنجي سمجھہ کان ڪم وٺجانءِ ۽ هن جي اڇي مٿي کي سلامتيءَ سان قبر ۾ وڃڻ نہ ڏجانءِ.“ 7 ”پر جِلعاد واري برزليءَ جي پٽن سان مهربانيءَ سان پيش اچجانءِ. هو تنهنجي دسترخوان تي ماني کائڻ وارن مان ٿين، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابيسلوم کان ڀڳو هئس تڏهن هنن منهنجو ساٿ ڏنو هو. 8 ٻيو ياد رک تہ جيرا جو پٽ شمعي جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري شهر بحوريم جو رهاڪو آهي، تنهن محنايم شهر ڏانهن وڃڻ واري ڏينهن مون تي سخت لعنت وڌي هئي. پر پوءِ جڏهن هو اردن درياءَ وٽ منهنجي استقبال لاءِ آيو هو تڏهن مون ساڻس خداوند جو قسم کڻي کيس چيو هو تہ ’آءٌ تو کي نہ مارائيندس.‘ 9 پر تون هن کي بيگناهہ نہ سمجھہ. تون سياڻو ماڻهو آهين. تو کي پاڻيهي معلوم ٿي ويندو تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي. تون هن جو اڇو مٿو رتو رت ڪري کيس قبر ۾ لاهجانءِ.“ دائود جي وفات 10 دائود وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو. کيس سندس ئي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. 11 هن چاليهہ سال بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي، ست سال حبرون ۾ ۽ ٽيٽيهہ سال يروشلم ۾. 12 سو سليمان پنهنجي پيءُ دائود جي تخت تي ويٺو ۽ سندس بادشاهت نهايت مضبوط ٿي. ادونياہ جو موت 13 هڪڙي ڏينهن حجيت مان دائود جو پٽ ادونياہ سليمان جي ماءُ بتسبع وٽ آيو. هن پڇيس تہ ”خير مان ٿو اچين؟“ ادونياہ وراڻيو تہ ”هائو، خير مان.“ 14 ادونياہ وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڪجھہ تو کي چوڻو آهي.“ تڏهن بتسبع وراڻيس تہ ”ڀلي چئُہ.“ 15 هن چيس تہ ”تون تہ ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي. سڄي بني اسرائيل قوم مون ڏانهن پئي ڏٺو تہ آءٌ بادشاهي ڪريان. پر معاملو ڦري ويو ۽ بادشاهت منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي طرفان کيس ملي آهي. 16 هاڻي آءٌ تو کي هڪڙو عرض ٿو ڪريان، مون کان انڪار نہ ڪجانءِ.“ بتسبع چيس تہ ”بيشڪ چئُہ.“ 17 تڏهن ادونياہ چيس تہ ”جيئن تہ سليمان بادشاهہ تو کان انڪار نہ ڪندو، سو مهرباني ڪري کيس چئُہ تہ هو شونيم ڳوٺ واري ڇوڪري اِبيشاگ مون کي پرڻائي ڏئي.“ 18 بتسبع کيس چيو تہ ”چڱو، آءٌ تنهنجي لاءِ بادشاهہ سان ڳالهائينديس.“ 19 سو بتسبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهائڻ ويئي. بادشاهہ اُٿي بيهي کيس کيڪاريو ۽ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪائي کيس تعظيم ڏنائين. پوءِ هو پنهنجي تخت تي ويهي رهيو. بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ هڪڙو ٻيو تخت رکايو ۽ هوءَ بادشاهہ جي ساڄي پاسي انهيءَ تي ويهي رهي. 20 پوءِ هوءَ چوڻ لڳي تہ ”آءٌ تو کي هڪڙو ننڍڙو عرض ٿي ڪريان، مهرباني ڪري مون کان انڪار نہ ڪجانءِ.“ بادشاهہ وراڻيو تہ ”اما ڀلي چئُہ، آءٌ تو کان انڪار نہ ڪندس.“ 21 تڏهن هن چيس تہ ”شونيم ڳوٺ واري ڇوڪري اِبيشاگ تنهنجي ڀاءُ ادونياہ کي پرڻائي ڏني وڃي.“ 22 بادشاهہ سليمان ڪاوڙ وچان پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو تہ ”تون ادونياہ لاءِ رڳو شونيم ڳوٺ واري اِبيشاگ ڇو ٿي گھرين؟ تون تہ هن لاءِ بادشاهي بہ گھر، آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلڪ ابيياتر ڪاهن ۽ منهنجي پيءُ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ گھر.“ 23 پوءِ بادشاهہ سليمان خداوند جو قسم کڻي چيو تہ ”جيڪڏهن ادونياہ هن عرض جي قيمت پنهنجي جان سان ادا نہ ڪري تہ پوءِ خدا مون سان ائين ئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ڪري. 24 هاڻ جيئري خدا جو قسم آهي جنهن مون کي منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي قائم ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدي مطابق منهنجو گھراڻو آباد ڪيو اٿائين، تہ ادونياہ اڄ ئي ضرور قتل ڪيو ويندو.“ 25 سو بادشاهہ سليمان يهويدع جي پٽ بناياہ کي حڪم ڏيئي روانو ڪيو ۽ هن وڃي ادونياہ کي قتل ڪيو. ابيياتر جي شهر نيڪالي ۽ يوآب جو موت 26 پوءِ بادشاهہ سليمان ابيياتر ڪاهن کي چيو تہ ”تون عنتوت ڏانهن وڃي پنهنجين ٻنين ۾ رهہ. تون واجبالقتل آهين، پر فيالحال آءٌ تو کي نہ مارائيندس ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند جي صندوق کڻي هلندو هئين ۽ منهنجي پيءُ تي پيل سڀني مشڪلاتن ۾ تون برابر جو شريڪ هوندو هئين.“ 27 اهڙيءَ طرح سليمان ابيياتر کي خداوند جي ڪهانت واري عهدي تان لاهي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان هن خداوند جي اڳ ۾ فرمايل ڳالهہ پوري ڪئي جيڪا خداوند سيلا شهر ۾ عيليءَ جي گھراڻي بابت ڪئي هئي. 28 اها خبر يوآب تائين وڃي پهتي، جنهن ابيسلوم سان نہ پر ادونياہ سان مليڀڳت ڪئي هئي. سو هو خداوند جي خيمي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وڃي قربانگاهہ جا سڱ جھلي بيٺو. 29 بادشاهہ سليمان کي ٻڌايو ويو تہ يوآب ڀڄي خداوند جي خيمي وٽ قربانگاهہ جي ڀر ۾ وڃي بيٺو آهي. تڏهن سليمان يهويدع جي پٽ بناياہ کي حڪم ڏيئي موڪليو تہ ”وڃي کيس ماري ڇڏ.“ 30 سو بناياہ خداوند جي خيمي ۾ ويو ۽ يوآب کي چيائين تہ ”بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ٻاهر نڪري اچ.“ پر هن وراڻيو تہ ”نہ، آءٌ هتي ئي مرندس.“ بناياہ موٽي وڃي بادشاهہ کي ٻڌايو تہ يوآب هيئن ٿو چوي. 31 تنهن تي بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو تہ ”جيئن هن چيو آهي تيئن ئي ڪر. تون کيس ماري کڻي وڃي دفن ڪرينس. اهڙيءَ طرح جيڪو ناحقي رت يوآب وهايو هو، تنهن جو گناهہ مون تان ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي تان لاهي ڇڏ. 32 جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بيخبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہسالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہسالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا. 33 انهيءَ طرح هنن جي خون جو گناهہ يوآب ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ پوندو. پر دائود، سندس اولاد، سندس گھراڻي ۽ سندس تخت لاءِ خداوند وٽان هميشہ لاءِ سلامتي هوندي.“ 34 سو يهويدع جي پٽ بناياہ وڃي قربانگاهہ وٽ ئي يوآب تي حملو ڪري کيس ماري وڌو. کيس بيابان ۾ سندس ئي گھر ۾ دفن ڪيو ويو. 35 سليمان بادشاهہ يهويدع جي پٽ بناياہ کي يوآب جي جاءِ تي لشڪر جو سپهہسالار مقرر ڪيو ۽ ابيياتر جي جاءِ تي صدوق ڪاهن کي رکيائين. شمعيءَ جو موت 36 تنهن کان پوءِ سليمان بادشاهہ شمعيءَ کي گھرائي چيو تہ ”پنهنجي لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو گھر ٺهرائي انهيءَ ۾ رهہ ۽ شهر کان ٻاهر ٻئي ڪنهن بہ پاسي نہ وڃ. 37 جنهن ڏينهن تون شهر کان ٻئي پاسي ويندين ۽ قدرون جي برساتي نهر پار ڪندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ انهيءَ ڏينهن ضرور ماريو ويندين ۽ تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو.“ 38 شمعيءَ بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”اها ڳالهہ چڱي آهي. جيئن منهنجي آقا بادشاهہ فرمايو آهي تيئن ئي اوهان جو هي ٻانهو ڪندو.“ سو شمعي گھڻا ئي ڏينهن يروشلم ۾ رهيو. 39 پر ٽن سالن کان پوءِ شمعيءَ جا ٻہ غلام جات جي بادشاهہ اڪيس ولد معڪاہ ڏانهن ڀڄي ويا. شمعيءَ کي ٻڌايو ويو تہ ”تنهنجا غلام جات شهر ۾ آهن.“ 40 تنهن تي شمعي اٿيو ۽ پنهنجي گڏهہ تي هنو وڌائين ۽ جات شهر ڏانهن پنهنجي غلامن کي ڳولڻ لاءِ اڪيس وٽ ويو. هن اتي انهن کي لڌو ۽ کين پاڻ سان واپس وٺي آيو. 41 جڏهن سليمان کي خبر پيئي تہ شمعي يروشلم کان نڪري جات شهر ڏانهن ويو هو ۽ اتان موٽي آيو آهي، 42 تڏهن هن کي گھرائي چيائين تہ ”ڇا مون تو کان خداوند جو قسم نہ کڻايو هو ۽ تو کي چتاءُ نہ ڏنو هئم تہ پڪ ڄاڻ تہ جنهن ڏينهن تون شهر کان ڪنهن ٻئي پاسي نڪري ويندين، تنهن ڏينهن ضرور ماريو ويندين؟ تنهن وقت تو مون کي چيو هو تہ ’اها ڳالهہ چڱي آهي. آءٌ پابند رهندس.‘ 43 تہ پوءِ ڇو تو خداوند جي قسم ۽ منهنجي حڪم جو خيال نہ رکيو؟“ 44 بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو. 45 پر خداوند مون کي برڪت وارو ڪندو ۽ دائود جي تخت کي پنهنجي آڏو هميشہ لاءِ قائم رکندو.“ 46 پوءِ بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو، جنهن وڃي شمعيءَ تي حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح سليمان جا هٿ بادشاهت تي مضبوط ٿي ويا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society