1.بادشاهَہ 18 - Muslim Sindhi Bibleالياس ۽ عبدياہ 1 گھڻن ڏينهن کان پوءِ، خشڪ ساليءَ جي ٽئين سال، خداوند الياس کي چيو تہ ”وڃ، وڃي اخياب بادشاهہ وٽ حاضر ٿيءُ. هاڻي آءٌ زمين تي مينهن وسائيندس.“ 2 سو الياس اخياب وٽ پيش ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سامريہ ۾ ڏڪار ڏاڍو سخت هو. 3 اخياب پنهنجي محل جي نگران عبدياہ کي سڏايو. عبدياہ هڪ وڏو خداترس انسان هو. 4 جڏهن اخياب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو. 5 اخياب عبدياہ کي چيو تہ ”اچ تہ ملڪ جي سڀني برساتي نهرن ۽ پاڻيءَ جي چشمن وٽ هلون. ٿي سگھي ٿو اسان کي پنهنجن گھوڙن ۽ خچرن کي جيئري رکڻ لاءِ ڪجھہ گاهہ هٿ اچي وڃي تہ جيئن اسين پنهنجا ڪجھہ جانور وڃائي نہ ويهون.“ 6 سو پوري ملڪ ۾ چاري جي ڳولا لاءِ انهن ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو، اخياب پاڻ هڪڙي پاسي ويو ۽ عبدياہ ٻئي پاسي. 7 جنهن رستي سان عبدياہ پئي ويو تہ تنهن رستي ۾ کيس الياس گڏجي ويو. عبدياہ کيس سڃاتو ۽ جھڪي کانئس پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! توهين الياس ئي آهيو؟“ 8 الياس وراڻيو تہ ”هائو. وڃ، وڃي پنهنجي مالڪ کي ٻڌاءِ تہ ’الياس آيو آهي.‘“ 9 عبدياہ چيو تہ ”مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو اوهين پنهنجي هن ٻانهي کي اخياب جي هٿ ۾ ٿا ڏيو تہ جيئن هو مون کي مارائي ڇڏي؟ 10 خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي مالڪ اوهان کي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليا هجن. جڏهن انهيءَ قوم يا بادشاهت چيو تہ ’الياس هتي اسان وٽ ڪونهي‘ تڏهن هن انهن کان قسم کڻائي ٿي پڇيو تہ واقعي ئي اوهين انهن وٽ ڪين هئا. 11 پر هاڻي اوهين مون کي ٿا چئو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ وٽ وڃي کيس ٻڌايان تہ ’الياس هتي آيو آهي.‘ 12 هاڻ جڏهن آءٌ اوهان وٽان هليو ويندس تڏهن خبر ناهي تہ خداوند جو روح اوهان کي ڪيڏانهن کڻي وڃي. جيڪڏهن آءٌ اخياب کي وڃي ٻڌايان ۽ هو اوهان کي لهي نہ سگھي تہ پوءِ هو مون کي مارائي ڇڏيندو. پر آءٌ اوهان جو خادم ننڍي هوندي کان خداپرست رهيو آهيان. 13 منهنجا سائين! اوهان نہ ٻڌو آهي ڇا تہ جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي تہ مون ڇا ڪيو هو؟ مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا ۽ اتي مون کين کاڌو پيتو پهچايو هو. 14 هاڻ اوهين مون کي چئو ٿا تہ وڃي پنهنجي مالڪ کي ٻڌايان تہ اوهين هتي آهيو. پوءِ هو تہ مون کي مارائي ڇڏيندو!“ 15 الياس چيو تہ ”قادرِمطلق جيئري خداوند جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ اڄ ضرور منهنجي ۽ تنهنجي مالڪ جي ملاقات ٿيندي.“ الياس ڪرمل جبل تي 16 پوءِ عبدياہ اخياب بادشاهہ کي وڃي ٻڌايو ۽ اخياب الياس سان ملڻ آيو. 17 جڏهن اخياب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي اسرائيل کي آزاريندڙ! تون هتي آهين؟“ 18 الياس ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”مون اسرائيل کي نہ آزاريو آهي. پر تو ۽ تنهنجي پيءُ عمريءَ جي گھراڻي اسرائيل کي آزاريو آهي. تو خداوند جي حڪمن کي مڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ بعل ديوتا جي پٺيان لڳو آهين. 19 هاڻ اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڪرمل جبل تي گھرائي مون وٽ گڏ ڪر. بعل ديوتا جي ساڍن چئن سون نبي سڏائيندڙن ۽ يسيرہ ديويءَ جي چئن سون نبي سڏائيندڙن کي بہ گھراءِ جن جي راڻي ايزبل حمايت ڪري ٿي.“ 20 سو اخياب بادشاهہ سڀني اسرائيل وارن کي ۽ سڀني نبي سڏائيندڙن کي ڪرمل جبل تي گھرايو. 21 تڏهن الياس سڀني ماڻهن جي اڳيان بيهي چوڻ لڳو تہ ”اوهين ڪيستائين ٻِہدليا ٿي رهندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ انهيءَ جي پٺيان لڳو، پر جيڪڏهن بعل خدا آهي تہ پوءِ انهيءَ جي پٺيان لڳو.“ پر ماڻهن ڪجھہ بہ نہ ڪُڇيو. 22 تڏهن الياس کين چيو تہ ”خداوند جي نبين مان فقط آءٌ ئي هڪڙو نبي وڃي بچيو آهيان، پر بعل ديوتا جا نبي سڏائيندڙ ساڍا چار سؤ آهن. 23 هاڻ هيئن ڪريو جو ٻہ ڍڳا آڻيو. بعل ديوتا جا نبي سڏائيندڙ انهن مان هڪڙو چونڊين، انهيءَ کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪن ۽ اهو ڪاٺين تي رکن، پر کيس باهہ نہ ڏين. ٻئي ڍڳي سان آءٌ بہ ائين ئي ڪندس ۽ ڪاٺين تي آڻي رکندس، پر کيس باهہ نہ ڏيندس. 24 پوءِ اهي پنهنجي معبود جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏين ۽ آءٌ پنهنجي معبود خداوند جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏيندس. پوءِ جنهن جي معبود باهہ لڳائي ورندي ڏني، سو ئي حقيقي معبود آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن چيو تہ ”تون جيڪي چوين ٿو سو ٺيڪ آهي.“ 25 الياس بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي چيو تہ ”اوهين تہ گھڻا آهيو، سو پهريائين اوهين پنهنجي لاءِ هڪڙو ڍڳو ڪڍي تيار ڪريو، پر ڪاٺين کي باهہ نہ لڳايو. پوءِ اوهين پنهنجي معبود کي سڏيو.“ 26 تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربانگاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا. 27 جڏهن منجھند ٿي تہ الياس هنن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اڃا وڏي آواز سان سڏيوس. واہ جو هو معبود آهي! شايد ڪنهن گَهري سوچ ۾ آهي، يا ڪنهن ڪم ۾ رڌل آهي، يا ڪنهن سفر تي ويو آهي، يا شايد هو سمهيو پيو هجي، سو کيس جاڳڻ گھرجي.“ 28 تڏهن هنن وڏيون رڙيون ڪيون ۽ پنهنجي دستور موجب تلوارن ۽ ڀالن سان پاڻ کي ڇيهہ ڏنائون، تان جو سندن جسمن مان رت وهڻ لڳو. 29 شام جو قرباني ڪرڻ جي وقت تائين هو بڪ بڪ ڪندا رهيا، پر ڪوبہ جواب نہ آيو، نہ وري ڪو آواز ئي ٻڌو ويو. 30 تڏهن الياس سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”منهنجي ويجھو اچو.“ سو سڀيئي ماڻهو کيس ويجھو ٿي ويا ۽ خداوند جي قربانگاهہ جيڪا ڊٺل هئي تنهن جي مرمت لاءِ 31 الياس ٻارهن پٿر کنيا، جيڪي يعقوب جي نسل يعني بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي تعداد موجب هئا. هي يعقوب اهو هو جنهن کي خداوند چيو هو تہ ”تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو.“ 32 انهن پٿرن سان هن خداوند جي نالي تي مخصوص انهيءَ قربانگاهہ جي مرمت ڪئي ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري هن ايتري وڏي هڪڙي کڏ کوٽي، جنهن ۾ اٽڪل پندرهن ليٽر پاڻي ماپي سگھي. 33 پوءِ هن ڪاٺيون ٺاهي رکيون ۽ ڍڳي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري انهن ڪاٺين تي رکيائين. پوءِ چيائين تہ ”چار دلا پاڻيءَ سان ڀريو ۽ اهي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ ڪاٺين تي هاريو.“ هنن ائين ئي ڪيو. 34 هن وري چيو تہ ”ٻيو ڀيرو بہ ائين ڪريو“ ۽ انهن ٻيو ڀيرو بہ ائين ئي ڪيو. هن چيو تہ ”ٽيون ڀيرو بہ ائين ڪريو“ ۽ هنن ٽيون ڀيرو بہ ائين ئي ڪيو. 35 پاڻي قربانگاهہ جي چوڌاري وهڻ لڳو تان جو اُها کڏ ڀرجي ويئي. 36 شام جو قرباني پيش ڪرڻ وقت الياس نبي قربانگاهہ جي ويجھو اچي دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! اي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جا خدا! اڄوڪي ڏينهن اهو ثابت ڪر تہ تون ئي بني اسرائيل جو خدا آهين ۽ اهو بہ تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان. مون هي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو سڀ تنهنجي حڪم سان ڪيو اٿم. 37 اي خداوند! مون کي سڏ ڏي، مون کي سڏ ڏي، تہ جيئن هي ماڻهو ڄاڻي وٺن تہ اي خداوند! تون ئي خدا آهين ۽ تون وري هنن جون دليون پاڻ ڏانهن ڦيرائڻ وارو آهين.“ 38 تڏهن خداوند باهہ موڪلي ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ جي جانور، ڪاٺين ۽ پٿرن کي ساڙي ڇڏيائين، زمين کي لهس پهچايائين ۽ کڏ ۾ جيڪو پاڻي هو سو بہ سڪي ويو. 39 جڏهن انهن سڀني ماڻهن اهو ڏٺو تڏهن سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ خداوند ئي حقيقي معبود آهي.“ 40 پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين. خشڪ ساليءَ جو خاتمو 41 پوءِ الياس نبيءَ اخياب بادشاهہ کي چيو تہ ”تون هاڻي اُٿي کاءُ پيءُ، ڇاڪاڻ تہ مون کي گھڻي مينهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.“ 42 سو اخياب کائڻ پيئڻ لاءِ اٿيو، پر الياس ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جتي هو پنهنجي گوڏن ۾ منهن وجھي زمين تي جھڪي ويهي رهيو. 43 پوءِ الياس پنهنجي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”وڃ ۽ سمنڊ ڏانهن ڏس.“ تڏهن هو ويو ۽ سمنڊ ڏانهن نهاريائين. موٽي اچي چيائين تہ ”مون تہ ڪجھہ بہ نہ ڏٺو.“ ست دفعا الياس هن کي چيو تہ ”وڃ ۽ ڏس.“ 44 ستين ڀيري نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”سمنڊ مان هڪڙو ننڍڙو ڪڪر ٿو اچي جيڪو ماڻهوءَ جي هٿ جيڏو آهي.“ تڏهن الياس پنهنجي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”وڃي اخياب بادشاهہ کي چئُہ تہ ’جلدي پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي هيٺ لهي وڃ متان مينهن تو کي هيٺ لهڻ کان روڪي ڇڏي.‘“ 45 ٿوري وقت ۾ آسمان ڪڪرن سان ڪارو ٿي ويو، هوا گھلڻ لڳي ۽ ڏاڍو مينهن پوڻ لڳو. اخياب پنهنجي گھوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي يزرعيل شهر ڏانهن هليو ويو. 46 خداوند جو هٿ الياس نبيءَ تي هو. سو هن چادر سان پنهنجو سندرو ٻڌو ۽ يزرعيل شهر تائين اخياب جي گاڏيءَ اڳيان ڊوڙندو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society