Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 17 - Muslim Sindhi Bible


الياس نبي ۽ خشڪ سالي

1 الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“

2 تڏهن خداوند الياس کي چيو تہ

3 ”هتان هليو وڃ ۽ اوڀر طرف ڦري اردن درياءَ جي اوڀر ۾ ڪريت نالي برساتي نهر ۾ وڃي پاڻ کي لڪاءِ.

4 تون انهيءَ برساتي نهر مان پاڻي پيئجانءِ. مون جابلو ڪانوَن کي حڪم ڏنو آهي تہ اهي تو کي اتي کاڌو پهچائين.“

5 سو هن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس چيو هو. هو برساتي نهر ڪريت ڏانهن ويو جيڪا اردن درياءَ جي اوڀر ۾ آهي ۽ اتي ئي رهڻ لڳو.

6 جابلو ڪانوَ هن کي صبح شام ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا ۽ هو ان برساتي نهر مان پاڻي پيئندو هو.


صارپت شهر جي رن‌زال

7 ٿوري وقت کان پوءِ اها برساتي نهر سڪي ويئي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن نہ پيو هو.

8 تڏهن خداوند کيس چيو تہ

9 ”اُٿ ۽ صيدا شهر جي ويجھو صارپت شهر ڏانهن وڃ ۽ اُتي وڃي رهہ. مون اتان جي هڪڙي رن‌زال کي حڪم ڏنو آهي تہ تو کي کارائي پيئاري.“

10 سو هو صارپت ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن هو شهر جي دروازي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙي رن‌زال ڪاٺيون پيئي ميڙي. هن انهيءَ عورت کي سڏي چيو تہ ”مهرباني ڪري ڪنهن ٿانوَ ۾ مون کي ٿورو پاڻي آڻي ڏي تہ پيئان.“

11 جڏهن هوءَ پاڻي آڻڻ لاءِ هلي، تڏهن هن سڏي چيس تہ ”مهرباني ڪري مانيءَ جو ٽڪر بہ مون لاءِ کڻي اچجانءِ.“

12 انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، رڳو اٽي لپ چاڏيءَ ۾ ۽ دنگيءَ ۾ ٿورو تيل اٿم. آءٌ ٻہ چار ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ هتي آيس، موٽي وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائينديس. اهو ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اسين بک وگھي مري وينداسين.“

13 تنهن تي الياس کيس چيو تہ ”گھبراءِ نہ. گھر وڃ ۽ تون ڀلي ائين ئي ڪر جيئن چوين ٿي. پر پهريائين مون لاءِ انهيءَ مان هڪڙي لولي پچائي کڻي اچ ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائج.

14 ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ چاڏيءَ مان اٽو ڪين کٽندو، نڪي انهيءَ دنگيءَ مان تيل کٽندو، جيستائين اهو ڏينهن نہ اچي، جڏهن خداوند زمين تي مينهن وسائيندو.‘“

15 تڏهن هوءَ ويئي ۽ جيئن الياس کيس چيو هو تيئن ئي ڪيائين. سو انهن سڀني کي گھڻي عرصي تائين کاڌو ملندو رهيو.

16 الياس جي معرفت خداوند جي چوڻ موجب نہ انهيءَ چاڏي مان اٽو کپي ويو ۽ نہ وري انهيءَ دنگي مان تيل.


الياس جو ٻار کي زندہ ڪرڻ

17 هڪڙي موقعي تي جڏهن الياس انهيءَ عورت جي گھر ۾ رهيل هو تہ عورت جو پٽ بيمار ٿي پيو. هن جي بيماري ڏينهون ڏينهن اهڙي تہ خراب ٿيندي ويئي جو آخرڪار هن جو ساهہ بند ٿي ويو.

18 تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“

19 الياس کيس چيو تہ ”پنهنجو پٽ مون ڏانهن کڻي اچ.“ تڏهن الياس انهيءَ ڇوڪري کي عورت جي هٿن مان وٺي مٿي ماڙيءَ ۾ کڻي ويو جتي هو پاڻ رهندو هو. هن انهيءَ کي اتي پنهنجي هنڌ تي کڻي سمهاريو.

20 پوءِ هن خداوند کي وڏي واڪي سڏي چيو تہ ”اي خداوند منهنجا خدا! جنهن رن‌زال وٽ آءٌ رهان ٿو تنهن جو پٽ ماري انهيءَ تي ئي مصيبت آڻي ڇڏيئِہ؟“

21 پوءِ الياس ٽي ڀيرا انهيءَ ڇوڪر مٿان ڇانئجي خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند منهنجا خدا! هن ڇوڪر ۾ وري ساهہ وجھہ.“

22 خداوند الياس جي پڪار ٻڌي، سو ڇوڪر ساهہ کڻڻ لڳو ۽ وري ٺيڪ ٿي ويو.

23 تڏهن الياس ڇوڪر کي کڻي هيٺ لهي آيو. هن اهو ٻار ماڻس کي ڏنو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، تنهنجو پٽ جيئرو آهي.“

24 تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”هاڻي مون ڄاڻي ورتو تہ تون خدا جو چونڊيل ٻانهو آهين ۽ خداوند واقعي تنهنجي معرفت ڳالهائي ٿو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan