Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 15 - Muslim Sindhi Bible


ابياہ يهوداہ جو بادشاهہ
( 2.تواريخ 13‏:1‏–14‏:1 )

1 اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ولد نباط جي حڪومت جي ارڙهين سال، ابياہ يهوداہ جو بادشاهہ ٿيو.

2 ابياہ يروشلم ۾ اٽڪل ٽي سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو جيڪا ابي‌سلوم جي ڌيءَ هئي.

3 هو اهي سمورا گناهہ ڪندو هو جيڪي هن کان اڳي سندس پيءُ ڪيا هئا. جيئن سندس ابي ڏاڏي دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.

4 انهيءَ هوندي بہ دائود جي خاطر، خداوند سندس خدا ابياہ کي هڪ پٽ ڏنو تہ جيئن کانئس پوءِ هو يروشلم ۾ بادشاهي ڪري ۽ يروشلم کي مضبوط رکي،

5 ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.

6-7 جيڪا جنگ رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ شروع ٿي هئي، سا ابياہ جي بادشاهي دوران بہ هلندي رهي. ابياہ جي حڪومت ۾ جيڪي واقعا ٿيا ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا سي ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

8 ابياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ آسا تخت‌نشين ٿيو.


آسا يهوداہ جو بادشاهہ
( 2.تواريخ 15‏:16‏–16‏:6 )

9 اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي بادشاهيءَ جي ويهين سال، آسا يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

10 هن يروشلم ۾ ايڪيتاليهہ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ڏاڏيءَ جو نالو معڪہ هو، جيڪا ابي‌سلوم جي ڌيءَ هئي.

11 آسا پنهنجي ڏاڏي دائود وانگر اهي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.

12 هن غير معبودن وارين عبات‌گاهن تي بدفعلي ڪندڙ سڀني مردن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بت هن جي وڏن ٺهرايا هئا سي ختم ڪرائي ڇڏيائين.

13 هن پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي سندس راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇو تہ هن يسيرہ ديويءَ جي ڪراهت جهڙي مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها مورتي ڀڃي ڪيرائي ۽ قدرون جي برساتي نهر ۾ ساڙي ڇڏيائين.

14 جيتوڻيڪ آسا غير معبودن جا سڀ پوڄا گھر نہ ڊهرايا، تنهن هوندي بہ هن جي دل سڄي عمر خداوند سان پوريءَ طرح لڳل رهي.

15 هن اهي سڀ شيون خدا جي گھر ۾ آڻي رکيون، جيڪي هن جي پيءُ ابياہ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون يعني چاندي، سون ۽ ٿانوَ.

16 آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا ۾ سندن بادشاهيءَ دوران جنگ پئي هلي.

17 اسرائيل جو بادشاهہ بعشا يهوداہ تي ڪاهي آيو ۽ رامہ شهر تي قبضو ڪري ان جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍائڻ لڳو تہ جيئن ڪوبہ يهوداہ ڏانهن نہ وڃي سگھي ۽ نہ وري اتان اندر اچي سگھي.

18 تڏهن هيڪل ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪو سون ۽ چاندي بچيو هو، سو آسا پنهنجي عملدارن جي هٿ ارام جي بادشاهہ بن‌هدد، جيڪو طابرمون جو پٽ ۽ حزيون جو پوٽو هو تنهن ڏانهن دمشق شهر ۾ ڏياري موڪليو. هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ

19 ”اسين پاڻ ۾ اهڙو معاهدو ڪريون، جيئن منهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ هو. اِجھو، آءٌ تو ڏانهن سون ۽ چاندي تحفو ڪري موڪليان ٿو. سو تون اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو اتحاد ختم ڪر تہ جيئن هو منهنجي ملڪ مان پنهنجيون فوجون ڪڍي وڃي.“

20 بن‌هدد آسا بادشاهہ جي ڳالهہ مڃي ۽ پنهنجا سالار لشڪرن سميت اسرائيل ملڪ جي شهرن تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. هنن عيون، دان، ابيل بيت‌معڪہ، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي ڪري ورتو.

21 جڏهن بادشاهہ بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن رامہ شهر کي ڪوٽ ڪڍائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ ترضہ شهر ڏانهن موٽي ويو.

22 پوءِ بادشاهہ آسا سڄي يهوداہ ۾ حڪم جاري ڪيو ۽ ڪنهن کي بہ نہ بخشيائين، تہ اهي رامہ مان اهي پٿر ۽ اهو ڪاٺ جيڪو بادشاهہ بعشا رامہ کي ڪوٽ ڪڍائڻ لاءِ ڪم ٿي آندو، سو کڻي اچن. انهيءَ سامان مان بادشاهہ آسا جِبع شهر جيڪو بنيامين جي علائقي ۾ آهي ۽ مصفاہ شهر کي ڪوٽ ڪڍايو.

23 آسا جو باقي احوال، سندس ڪارناما، سندس سوڀون ۽ اهي شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. سندس پيريءَ ۾ هن کي پيرن جو مرض ٿي پيو.

24 پوءِ آسا وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس پنهنجي ڏاڏي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي تخت‌نشين ٿيو.


ندب اسرائيل جو بادشاهہ

25 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾ ندب ولد يربعام اسرائيل جو بادشاهہ ٿيو ۽ هن اسرائيل تي اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪئي.

26 هن پنهنجي پيءُ وانگر اهي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.

27 بعشا ولد اخياہ جيڪو اِسڪار جي گھراڻي مان هو تنهن ندب جي خلاف سازش سِٽي ۽ جڏهن ندب ۽ سندس لشڪر فلستين جي شهر جِبتون کي گھيرو ڪيو ويٺا هئا، تڏهن بعشا اُتي ئي کيس ماري ڇڏيو.

28 بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال بعشا ندب کي ماري پاڻ هن جي جاءِ تي اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.

29 بادشاهہ ٿيڻ شرط هن يربعام جي سڄي خاندان کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس نسل مان ڪنهن هڪڙي کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين، جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت فرمايو هو.

30 اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪري ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرائي خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو هو.

31 ندب جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا سي ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

32 يهوداہ جي بادشاهہ آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ سڄي حياتي جنگ هلندي رهي.


بعشا اسرائيل جو بادشاهہ

33 يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾ بعشا ولد اخياہ ترضہ شهر ۾ اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، هن اٽڪل چوويهہ سال بادشاهي ڪئي.

34 بادشاهہ يربعام وانگر هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan