Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.بادشاهَہ 14 - Muslim Sindhi Bible


يربعام جي پٽ جو موت

1 انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ يربعام جو پٽ ابياہ بيمار ٿي پيو.

2 يربعام پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”پنهنجو ويس مَٽاءِ تہ جيئن تو کي ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھي تہ تون منهنجي زال آهين. پوءِ سيلا شهر ڏانهن وڃ جتي اخياہ نالي اهو نبي رهي ٿو، جنهن مون کي چيو هو تہ ’تون بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جو بادشاهہ ٿيندين.‘

3 تون پاڻ سان ڏهہ مانيون، ڪجھہ روٽ ۽ ماکيءَ جي گھُگھي کڻي وٽس وڃ. هو تو کي ٻڌائيندو تہ اسان جي پٽ سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.“

4 سو يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ سيلا شهر ڏانهن اخياہ جي گھر ويئي. جيئن تہ وڏيءَ عمر جي ڪري اخياہ جون اکيون ويهجي ويون هيون سو هو ڏسي نہ ٿي سگھيو.

5 تنهنڪري خداوند اخياہ کي ٻڌائي ڇڏيو تہ يربعام جي زال کانئس پنهنجي بيمار پٽ بابت پڇڻ ٿي اچي، پر جڏهن هوءَ پهچندي تڏهن پاڻ کي ڪا ٻي عورت ڪري پيش ڪندي. سو خداوند اخياہ کي ٻڌايو تہ کيس ڇا چوڻ گھرجي.

6 سو جڏهن يربعام جي زال دروازي ۾ داخل ٿي تڏهن اخياہ هن جي پيرن جو آواز ٻڌي کيس چيو تہ ”اي يربعام جي زال! هلي اچ، ڇو ٿي پاڻ کي ٻي عورت ڪري پيش ڪرين؟ مون وٽ تنهنجي لاءِ تمام بري خبر آهي.

7 وڃ، وڃي يربعام کي ٻڌاءِ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي ٻين ماڻهن ۾ عزت وارو ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم.

8 دائود جي گھراڻي کان بادشاهي کسي تو کي ڏنم، تڏهن بہ تون منهنجي ٻانهي دائود جهڙو نہ ٿئين. هو منهنجي حڪمن جي تعميل ڪندو هو ۽ دل وَ جان سان منهنجو وفادار هو ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو فقط سو ئي ڪندو هو.

9 پر تو انهن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي آهي جيڪي تو کان اڳي هئا. مون کان ڦري پنهنجي لاءِ غير معبود ۽ پلٽيل بت بڻائي تو مون کي ڪاوڙايو آهي. هائو، تو مون کي پنهنجي پٺيءَ پٺيان اڇلائي ڇڏيو آهي.

10 تنهنڪري آءٌ تنهنجي گھراڻي تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجو سڀ نرينہ اولاد ماري ڇڏيندس، توڙي جو اهو غلام هجي يا آزاد. آءٌ تنهنجي نسل کي ڇيڻي وانگر ساڙي ڇڏيندس، ايستائين جو اهي سڙي رک ٿي وڃن.

11 تنهنجي ڪٽنب جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائي ويندا ۽ جيڪو جھنگ ۾ مرندو تنهن کي ڳجھون کائي وينديون. آءٌ خداوند ائين ئي ٿو چوان.‘“

12 اخياہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي اُٿ ۽ پنهنجي گھر وڃ. جڏهن تون پنهنجي شهر ۾ پير رکندينءَ، تڏهن ڇوڪرو مري ويندو.

13 اسرائيل جا سڀ ماڻهو انهيءَ لاءِ روئندا ۽ سوڳ ڪندا ۽ کيس دفن ڪندا. يربعام جي گھراڻي مان اهو ئي هڪڙو قبر ۾ پوريو ويندو، ڇاڪاڻ تہ يربعام جي گھراڻي منجھان خداوند، بني اسرائيل جي خدا، انهيءَ ۾ ئي ڪا چڱي ڳالهہ ڏٺي آهي.

14 خداوند اسرائيل تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪندو جيڪو يربعام جي گھراڻي جو خاتمو آڻيندو. هو جلد اچڻ وارو آهي.

15 خداوند اسرائيل کي مار ڏيئي اهڙو ڪري ڇڏيندو، جيئن پاڻيءَ ۾ بيٺل ڪانو لڏندو رهندو آهي. هو اسرائيل وارن جون پاڙون هن چڱي ملڪ مان پٽي ڇڏيندو جيڪو هن سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ٺاهي خداوند کي ڪاوڙايو هو.

16 جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“

17 پوءِ يربعام جي زال اُٿي رواني ٿي ۽ ترضہ شهر ۾ موٽي آئي. جيئن ئي هن پنهنجي گھر جي چائنٺ تي پير رکيو تہ ڇوڪرو مري ويو.

18 هن کي دفن ڪيو ويو ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن هن لاءِ رنو ۽ سوڳ ڪيو. جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي اخياہ جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي ٿيو.


يربعام جو موت

19 يربعام جا باقي ٻيا ڪم، تہ ڪيئن هن جنگ ڪئي ۽ ڪيئن بادشاهي ڪيائين سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

20 يربعام ٻاويهہ سال بادشاهي ڪئي پوءِ وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ ندب سندس جاءِ‌نشين ٿيو.


رحبعام يهوداہ جو بادشاهہ
( 2.تواريخ 11‏:5‏–12‏:15 )

21 هوڏانهن رحبعام ولد سليمان يهوداہ جو بادشاهہ هو. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو، تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. يروشلم جو شهر جيڪو خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي شهرن مان چونڊيو هو، تنهن ۾ هن سترهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو نعمہ هو جا بني عمون مان هئي.

22 يهوداہ وارن اهي ڪم ڪيا جيڪي خدواند جي نظر ۾ برا هئا. پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪمن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪري هنن خداوند کي ڪاوڙايو.

23 هنن پنهنجي لاءِ غير معبودن وارا پوڄا گھر ٺاهيا. هنن ٽڪرين تي ۽ وڏي ڇانوري وارن وڻن هيٺ پٿر جا ٿنڀا ۽ يسيرہ ديويءَ جون مورتيون بہ لڳايون.

24 سڀ کان بدترين ڳالهہ هيءَ هئي تہ ڪي مرد انهن پوڄا گھرن ۾ بدفعلي ڪرڻ لاءِ موجود رهندا هئا. يهوداہ وارا بہ اهي ساڳيا ئي بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪي اهي ماڻهو ڪندا هئا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اچڻ وقت هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو.

25 رحبعام جي بادشاهيءَ جي پنجين سال مصر جي بادشاهہ سيساق يروشلم تي ڪاهہ ڪئي.

26 هو خداوند جي گھر جا خزانا ۽ بادشاهہ جي گھر جا خزانا لٽي کڻي ويو. هو سڀ ڪجھہ کڻي ويو، جيڪي سون جون ڍالون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ کڻي ويو.

27 تڏهن بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون ڍالون ٺهرايون ۽ جيڪي سپاهي سندس شاهي محل تي پهرو ڏيندا هئا تن جي سالارن کي اهي ڏيئي ڇڏيائين.

28 جڏهن بہ بادشاهہ خداوند جي گھر ۾ ويندو هو تڏهن پهري وارا اهي ڍالون کڻي ساڻس گڏ هلندا هئا ۽ پوءِ موٽائي پهري واري ڪوٺيءَ ۾ آڻي رکي ڇڏيندا هئا.

29 رحبعام جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.

30 رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگ پيئي هلندي هئي.

31 رحبعام وفات ڪري وڃي پنهنجن وڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ ابياہ سندس جاءِ‌نشين ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan