1.بادشاهَہ 11 - Muslim Sindhi Bibleسليمان جو خدا کان ڦرڻ 1 بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ ٻين بہ گھڻين ڌارين عورتن سان پيار ڪندو هو جن ۾ موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي عورتون شامل هيون. 2 اهي انهن قومن جون عورتون هيون جن جي باري ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ ”اوهين انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نہ تہ هو ضرور اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏانهن ڦيرائينديون.“ تنهن هوندي بہ سليمان انهن جي عشق ۾ ڦاسي پيو. 3 هن کي ست سؤ زالون هيون جيڪي شهزاديون هيون ۽ ٽي سؤ سريتيون هئس. هن جي زالن سندس دل کي ڦيرائي ڇڏيو. 4 جڏهن سليمان پوڙهو ٿيو تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي غير معبودن ڏانهن ڪري ڇڏي. جيئن سندس پيءُ دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي. 5 هو صيدانين جي ديوي عستارات ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي پٺيان لڳو. 6 سو سليمان اهي ڪم ڪرڻ لڳو جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا ۽ پنهنجي پيءُ دائود وانگر پوريءَ طرح خداوند جو وفادار نہ رهيو. 7 يروشلم جي اوڀر ۾ هڪ جبل تي سليمان موآب جي ڪراهتي بت ڪموس لاءِ ۽ بني عمون جي ڪراهتي بت مولڪ لاءِ جدا جدا پوڄا گھر جوڙايا. 8 هن اهڙا بہ پوڄا گھر ٺهرايا جتي سندس ڌاريون زالون پنهنجي پنهنجي معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون هيون ۽ قربانيون پيش ڪنديون هيون. 9 تڏهن خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا کيس ڏيکاري ڏني هئي. 10 حالانڪ خداوند کيس منع ڪئي هئي تہ ”غيرمعبودن جي پٺيان نہ لڳجانءِ.“ پر سليمان خدا جي انهيءَ حڪم تي عمل نہ ڪيو. 11 سو خداوند سليمان کي چيو تہ ”جيئن تہ تو ڄاڻيواڻي منهنجو عهد ٽوڙيو آهي ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليو آهين جن جو مون تو کي حڪم ڏنو هو، تنهنڪري آءٌ يقيناً تو کان اها بادشاهت کسي تنهنجي عملدار کي ڏيندس. 12 انهيءَ هوندي بہ آءٌ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس. آءٌ اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس. 13 پوءِ بہ آءٌ کانئس سڄي بادشاهت کسي نہ وٺندس، پر پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ پنهنجي چونڊيل شهر يروشلم جي خاطر تنهنجي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس.“ سليمان جا دشمن 14 پوءِ خداوند سليمان جو هڪڙو دشمن هدد ادومي کڙو ڪيو جيڪو ادوم جي شاهي نسل مان هو. 15 هن کان گھڻو اڳ، جڏهن دائود ادوم کي فتح ڪري ورتو هو، تڏهن فوج جو سپهہسالار يوآب، جيڪو قتل ٿيلن کي دفنائڻ لاءِ ويو هو، تنهن ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ماري ڇڏيو هو. 16 يوآب ۽ بني اسرائيل جو سڄو لشڪر اتي ادوم ۾ ڇهہ مهينا رهيو پيو هو، جيستائين يوآب سڀيئي مرد قتل نہ ڪري ڇڏيا. 17 پر تڏهن هدد جيڪو اڃا ننڍو ٻار هو، سو پنهنجي پيءُ جي ڪن ادومي عملدارن سميت مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو هو. 18 هو مديان مان روانا ٿيا ۽ فاران ۾ آيا. اتان ماڻهو پاڻ سان کڻي مصر ۾ اُتي جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا، جنهن هدد کي هڪڙو گھر ۽ ڪجھہ ٻني ڏني ۽ کيس کاڌو بہ مهيا ڪري ڏنو. 19 هدد فرعون جي نظر ۾ ايترو تہ مان لڌو جو فرعون پنهنجي سالي يعني راڻي تحفنيس جي ڀيڻ کيس پرڻائي ڏني. 20 تحفنيس جي ڀيڻ مان هدد کي جنُوبت نالي پٽ ڄائو جنهن جي پرورش شاهي محل ۾ ٿي. جنُوبت اتي فرعون جي پٽن سان گڏ رهندو هو. 21 جڏهن هدد مصر ۾ هو تڏهن ٻڌائين تہ دائود مري ويو آهي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي ۽ يوآب فوج جو سپهہسالار بہ مري ويو آهي. تڏهن هدد فرعون کي چيو تہ ”مون کي ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃان.“ 22 تڏهن فرعون کانئس پڇيو تہ ”هتي تو کي ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو تون پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟“ هدد وراڻيو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ، پر تڏهن بہ مون کي موڪل ڏيو.“ 23 خدا سليمان جي خلاف هڪڙو ٻيو دشمن کڙو ڪيو، جنهن جو نالو رزون ولد اليدع هو. هو پنهنجي مالڪ هدد عزر جيڪو ضوباہ ملڪ جو بادشاهہ هو تنهن کان ڀڄي نڪتو هو. 24 هن آسپاس جا ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا ۽ ان ٽولي جو سردار بڻيو. جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو تڏهن رزون پنهنجي ماڻهن سان دمشق ڏانهن هليو ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. پوءِ رزون کي ارام جو بادشاهہ بڻايو ويو. 25 جيستائين سليمان جيئرو رهيو تيستائين هدد جي دشمنيءَ کان وڌيڪ رزون پڻ بني اسرائيل جو دشمن رهيو. رزون ارام ۾ حڪومت ڪندو هو ۽ کيس بني اسرائيل کان نفرت هئي. سليمان خلاف يربعام جي بغاوت 26 سليمان بادشاهہ جي هڪڙي عملدار يربعام ولد نباط پڻ سندس خلاف بغاوت ڪئي. هو صريدہ ۾ رهندڙ هڪڙو افرائيمي هو ۽ صروعہ نالي هڪڙي رنزال جو پٽ هو. 27 بادشاهہ خلاف هن جي بغاوت جو قصو هن طرح آهي تہ جڏهن سليمان يروشلم جي اوڀر طرف هيٺاهين دڙي جي سنوت پئي ڪرائي ۽ دائود جي شهر جي ڪوٽ جي مرمت پئي ڪرائي، 28 انهيءَ وقت هن جي نظر يربعام تي پيئي جيڪو هڪ همت ڀريو ماڻهو هو ۽ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪري رهيو هو. سو سليمان هن کي بني افرائيم ۽ بني منسيءَ جي سڄي بيگاري ماڻهن جو نگران مقرر ڪيو. 29 هڪڙي ڏينهن، جڏهن يربعام يروشلم کان ٻاهر ڪيڏانهن ويو پئي، تڏهن سيلا شهر جو اخياہ نالي هڪ نبي جنهن کي نئين چادر ڍڪيل هئي سو ساڻس جھنگ جي رستي ۾ مليو. اهي ٻيئي ڄڻا اڪيلا هئا. 30 تڏهن اخياہ پنهنجي بدن تي پيل نئين چادر لاٿي ۽ ان کي وٺي ڦاڙي ٻارهن ٽڪر ڪيا. 31 پوءِ هن يربعام کي چيو تہ ”هي ڏهہ ٽڪر تون وٺ، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ سليمان کان بادشاهي کسڻ وارو آهيان ۽ ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس. 32 پر منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ يروشلم شهر جي خاطر جنهن جي زمين مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي آهي هڪڙو قبيلو دائود جي نسل هيٺ رهندو. 33 اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو. 34-35 انهيءَ هوندي بہ سليمان سڄي حياتي بادشاهہ رهندو. اهو انهيءَ ڪري جو سندس پيءُ منهنجو ٻانهو دائود جنهن کي مون چونڊيو هو، سو منهنجي قاعدن قانونن تي قائم رهيو. پر آءٌ هن جي پٽ کان بادشاهي کسيندس ۽ انهيءَ مان ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس. آءٌ سليمان جي خاندان کان سڄي بادشاهت نہ کسيندس 36 پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي. 37 اي يربعام! آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن جي مٿان بادشاهہ بڻائيندس. هائو، ائين ڪرڻ سان جيڪا تنهنجي دل جي خواهش آهي سا پوري ٿي ويندي. 38 جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان تنهن تي جيڪڏهن تون عمل ڪندين ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪندين، منهنجي قاعدن قانونن ۽ منهنجي حڪمن تي قائم رهندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود قائم رهيو هو، تہ پوءِ آءٌ تو سان گڏ هوندس. آءٌ بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن مٿان تنهنجي بادشاهت قائم رکندس ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد حڪمراني ڪندي، جيئن دائود لاءِ ڪيو هئم. 39 سليمان جي گناهہ جي ڪري آءٌ بني دائود کي سزا تہ ڏيندس، پر هميشہ جي لاءِ نہ.‘“ 40 سليمان يربعام کي مارڻ جي پٺيان پيو، پر يربعام مصر جي بادشاهہ سيساق ڏانهن ڀڄي ويو ۽ سليمان جي وفات تائين اتي ئي رهيو. سليمان جي وفات ( 2.تواريخ 9:29-31 ) 41 سليمان جا ٻيا سمورا ڪم جيڪي هن ڪيا ۽ سندس سياڻپ جيڪا هن ڏيکاري، سي سڀ ”سليمان جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. 42 سليمان يروشلم ۾ رهي بني اسرائيل تي چاليهہ سال حڪومت ڪئي. 43 تنهن بعد هو وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان ستو ۽ کيس پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. پوءِ سندس پٽ رحبعام سندس تخت تي ويٺو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society